خاص

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، اهم فيصلن جو امڪان

وزيراعظم عمران خان اڄ اڱاري جي ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي. اجلاس جي ايجنڊا 14 نقطن تي ٻڌل آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب واري دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽ فلسطين جي موجوده صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا کي ڪرتارپور راهداري منصوبي کي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏيندي جڏهن ته گڏيل قومن جي چئن گاڏين کي پاڪستان جي رستي ڪابل کڻي وڃڻ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگاري سڪو جاري ڪرڻ جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي. اليڪشن ڪميشن جي سالياني رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. خانگي ايئر لائين کي پيسنجر اينڊ ڪارگو لائسنس جاري ڪرڻ، ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري، اليڪٽرانڪ سرٽيفڪيشن ايڪريڊيشن ڪائونسل جي ميمبرن جي مقرري به ڪابينا جي اجلاس ۾ امڪان آهي.