بلاگخاص

پيغمبرن جي سر زمين

پيغمبرن جي سر زمين

اعجاز منگي

پيغمبرن جي هڪ تاريخ آهي، جيڪي انسانن کي انسان بنائڻ لاءِ ڌرتيءَ تي خدا طرفان موڪليا ويا. لکن جي تعداد ۾ هزارين سالن تائين پيغمبر خدا جو پيغام کڻي، انسانن کي سڌي راهه ڏيکارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيا. انهن پيغمبرن مختلف وقتن ۽ جڳهين تي مالڪ ڪائنات جي رحم ۽ خوف کان آگاهه ڪيو، پر انسان نه سڌرڻو هو ۽ نه سڌريو.

انهن پيغمبرن جي مشهور سر زمين فلسطين اڄ به جلي رهي آهي، حضرت موسيٰ عه، آدم عه ۽ نوح عه جي سر زمين معصوم ٻارن جي معصوم خون سان رڱيل رهي ٿي.

دنيا جا طاقتور ملڪ ۽ ميڊيا هڪ پاسي بيٺا آهن ۽ فلسطيني ڪمزور ۽ نٻل ٻئي پاسي. هڪ طرف 25 ملڪ آهن جن جو اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو ٿورو مڃيو آهي. انهن ۾ آمريڪا، البانيه، آسٽريليا، برازيل، ڪئناڊا، ڪولمبيا، قبرص، جارجيا، جرمني، هنگري، اٽلي، سلووينيا ۽ يوڪرين آهن. ٻئي پاسي غليل سان ٽينڪن جو مقابلو ڪندڙ فلسطين جا نوجوان. اهي ملڪ اسرائيل جي حملن کي پنهنجو بچاءُ قرار ڏين ٿا ۽ حماس کي دهشتگرد تنظيم.

آمريڪا جيڪو پاڻ کي انساني حقن جو علمبردار سڏائي ٿو، اهو اسرائيل جي حمايت ۾ اڳ کان اڳڀرو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن جنهن کي اڪثر ماڻهو ٽرمپ جي مقابلي ۾ بهتر سمجهن پيا، ان اسرائيل جي موجوده ڪارروائين جي کليل حمايت ڪئي آهي.

سندس اهڙي رويي تي سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين جي وزير خارجه چيو ته جڏهن به اسرائيل کي ان ڳالهه جي خبر پوندي آهي ته ڪو غير ملڪي رهنما سندس حمايت ڪري ٿو ته هو وڌيڪ خاندانن کي موت جي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏي ٿو.

دنيا جون سڀ وڏيون خابرو ڪمپنيون سواءِ الجزيره جي فلسطين تي ٿيندڙ حملن کي “جهيڙو” چون ٿا. جڏهن ته قطر جو چئنل الجزيره کليل لفظن ۾ فلسطين ۾ ٿيندڙ خونريزي کي اسرائيل طرفان هڪ طرفا حملا چوي ٿو.

قطر ڪافي حد تائين فلسطين سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿو. حماس جو سربراهه اسماعيل هانيه به اڄڪلهه قطر ۾ رهيل آهي ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ وڏي مظاهري کي به قطر ۾ خطاب ڪيو هئائين.

ان کان علاوه ايران، پاڪستان ۽ ترڪي به فلسطين جي کليل حمايت ڪندي نظر اچن ٿا جيتوڻيڪ هنن ملڪن جو رد عمل به صرف لفظن تائين محدود آهي، پر سندن لفظ ڪنهن حد تائين سخت آهن.

باقي 57 ملڪن جي اسلامي اتحاد جي تنظيم او آءِ سي OIC صرف هڪ رسمي بيان ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. هڪ عجيب ڳالهه آهي ته عوام فلسطينين سان گڏ آهي. جڏهن ته حڪومتون يا ته خاموش آهن يا وري اسرائيل سان گڏ آهن.

عوام آمريڪا ۾ هجي يا يورپ ۾ يا وري هندستان ۾ هو فلسطين جي آواز ۾ هم آوار آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته لبرل ۽ ترقي پسند روڊن تي آهن. جڏهن ته مذهبي ۽ قدامت پسند بلڪل خاموش آهن.

اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي روڊن تي لبرل مايون ۽ مرد ته نظر آيا، پر پارسائيءَ جا دعويدار، مذهب ۽ اسلام تي جان ڏيڻ وارا الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا آهن.

اوهان کي حيرت ٿيندي ته صرف مذهبي دعويدارن جا عڪس ڌنڌلا ٿي ويا آهن، پر جيڪڏهن اوهان غزا کي گوگل ميپ تي ڳوليندا ته اتي غزا جا عڪس به ڌنڌلا نظر اچن ٿا.

 

اوهان کي فلسطين ۽ اسرائيل جون خلائي سيارن جي مدد سان ورتل تصويرون صاف نظر نه اينديون. اهو انهن ريزوليشن انتهائي خراب آهي. ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن اوهان اتر ڪوريا جي گاديءَ جي هنڌ پيانگ يانگ جون تصويرون ڏسندا ته اوهان کي نه صرف ڪارون چٽيون نظر اينديون، پر اتي بيٺل ماڻهو به الڳ الڳ ڳڻي سگهندو.

چوڻ وارا چون ٿا ته اسرائيل فيس بُڪ، ٽوئيٽر کان وٺي گوگل تائين هر ڪمپني تي ايترو اثر رکي ٿو انهن کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي ٿو. خلائي تصويرن جي جنگ ۾ اهم ڪردار هجي ٿو. هڪ ته تباهي کي جاچي سگهجي ٿو ٻيو اها خبر پوندي آهي ته ڪهڙي طرف کان ميزائيل يا راڪيٽ اچي ٿو. انهن تصويرن کي ڌنڌلو ڪرڻ جو مقصد دنيا کي فلسطين جي تباهي ۽ پنهنجي حڪمت عملي جي چٽي تصوير ناهي ڏيڻي.

اسرائيل پوري حڪمت عملي سان پنهنجي ملڪ کي ڦهلائي فلسطين کي مورڳو ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ميڊيا هائوس تباهه ڪرڻ کان وٺي ڪورونا ليب جي تباهي تائين، معصوم ٻارڙن، پوڙهن کي مارڻ کان وٺي عورتن ۽ مائرن جي قتل تائين، هر ظلم ڪري ٿو.

ڏسون ٿا پيغمبرن جي زمين پنهنجن ٻچڙن کي ڪڏهن امن ڏيندي.