پروفيسر انجي اُربينسڪ: سنڌ جي تعليم تي ڪم ڪندڙ آمريڪي عورت جوکيو جسارت الياس سنڌي June 2021
سنڌ جي سر زمين ۾ اھڙي ڪا ڇِڪَ رکيل آھي، جو ان جي تاريخ، علم، ادب، ٻولي ۽ ثقافت جو ھڪ ڀيرو ڪير اڀياس ڪري ٿو ته ان کي سنڌ گھمڻ کانسواءِ سک نٿو اچي. آمريڪا سان تعلق رکندڙ پروفيسر انجي اربينسڪ به گذريل ھفتي اھڙن اڻ ڳڻين غير ملڪي عالمن ۽ دانشور انسانن جي لسٽ ۾ ڳڻجي چڪي آھي، جن کي سنڌ جي ثقافت، ھتي اچي، سنڌ واسين لاءِ ڪجھ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي.
آمريڪي رياست ميريلينڊ جي بندرگاھ ۽ سامونڊي کيکڙن جي شھر بالٽيمور (جنھن کي تازو ئي دنيا جوCharm City يعني پُرڪشش شھر به سڏيو وڃي ٿو) ۾ ڄمندڙ، انجيءَ پنھنجي بنيادي تعليم، نوٽري ڊيم پرپيريٽري اسڪول مان حاصل ڪئي، جنھن کانپوءِ ھن ليولا يونيورسٽي ميريلينڊ ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ فلاسافي (ڊبل ميجر) ۾ داخلا ورتي، جتان 1989ع کان 1994ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين، جنھن دوران ھن، دنيا جي مختلف ملڪن جھڙوڪ: بئنڪاڪ، ٿائلينڊ ۽ بيلجيم جي يونيورسٽين ۾ وڃي تحقيق ڪئي. تعليم دوران، دنيا جي ثقافتن جو مطالعو ڪندڙ انجيءَ، 1997ع کان 1999ع تائين نوٽري ڊيم آف ميريلينڊ يونيورسٽي مان لسانيات ۽ انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ، جارج ميسن يونيورسٽي مان بين الاقوامي تعليم جي موضوع تي ڪم ڪري ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري رھي آھي، جنھن دوران ھوءَ، مختلف عالمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ استاد، آفيسر ۽ پروفيسر رھي چڪي آھي، جن ۾ ناردرن ورجينا ڪميونٽي ڪاليج لنڊن وي اي، فيئرفيڪس ڪائونٽي پبلڪ اسڪولز، ورجينا ٽيڪ لئنگويج اينڊ ڪلچر انسٽيٽيوٽ، برلٽز انٽرنيشنل ۽ ٻيا شامل آھن. کيس تعليم ۽ بين الاقوامي ثقافت جي شعبن ۾ تحقيق ڪرڻ سان گڏوگڏ درس و تدريس جو به وڏو تجربو حاصل آھي. ھن پنھنجي ڪامياب تعليمي سفر دوران، ڪيترن ئي ادارن جا بنياد به وڌا آھن، جن ۾ ايوينا ساليوشنز، انگلش ورڪس، سي ٽو سي ٽريول ۽ انٽيگريٽيد مئنيجمينٽ ساليوشن وغيرہ شامل آھن. جڏھن ته پاڻ تازو ئي پاڪستاني آمريڪن ٽيچرس آف انگلش لينگويجPATEN کي ھڪ غير سرڪاري پيشيوراڻي اداري طور کوليو آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي استادن ۽ نوجوانن جي انگريزي ٻوليءَ جي سکيا ڏني وڃي ٿي.
آمريڪا جي 140 سال پراڻي، ھڪ عالمي ٻوليون سيکاريندڙ اداري “برلٽز انٽر نيشنل” جي واشنگٽن آفيس ۾ 1994ع کان 2000ع تائين مئنيجر طور ڪم ڪندڙ، انجيءَ جا شاگرد دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود آھن، جن جي ڪري کيس عالمي علم، ادب ۽ ثقافت پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جا موقعا ملن ٿا. ساڻس ٿيل آن لائين ڪچھري ۾ ھن ٻڌايو ته سندس پاڪستان جي ڪجھ شاگردن وٽان کيس سنڌ ۽ ان جي ثقافت کي پرکڻ جو موقعو مليو ۽ ھن عربي، اسپيني، جرمن ۽ انگريزي ٻوليءَ جي سڀني لھجن کي ڳالھائڻ کانپوءِ، جڏھن سنڌي ٻوليءَ کي ٻڌو ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ان ٻوليءَ متاثر ڪيو ۽ ايئن ھن سنڌ جي ثقافت کي پڙھيو، نيٺ سنڌ جي محبت کيس سنڌ ڏانھن اچڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس خواب تڏھن پورو ٿيو، جڏھن کيس ڪراچيءَ ۾ صائمه اقبال نالي ھڪ سندس شاگردياڻيءَ، سنڌ جي سوکڙي اجرڪ تحفي طور ڪلھن تي وڌي.
آمريڪا ۽ پاڪستان (خاص ڪري سنڌ) جي ماڻھن ۾، علم و ادب، ثقافتي ونڊ، سياسي ۽ سماجي شعور ۽ ويجھڙائي پيدا ڪرڻ جي مقصدن سان، انجي 26 مارچ کان 11 اپريل 2021ع تائين پاڪستان گھمڻ آئي، جتي ھن نه صرف سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي شھري توڙي ٻھراڙيءَ ۾ ھلندڙ، مختلف خيراتي اسڪولن جو دورو ڪيو، پر شام جو ھلندڙ فري ٽيوشن سينٽرن کي به گھمي ڏٺو. ھن ڪراچيءَ جي گلين ۾ به گھمي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته سنڌ واسي اڄ به مھمانن جو آڌر ڀاءُ ان ئي گرمجوشيءَ سان ڪن ٿا، جھڙي ريت اڄ کان 70 سال اڳ ھتي جيڪي انگريز ايندا ھئا ته انھن جي کليءَ دل سان آجيان ٿيندي ھئي. کيس سنڌ جي غريب ۽ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ننڍڙن ٻارن ۽ اسڪولي استادن، جڏھن ڪراچيءَ ۾ سندن وچ ۾ ڏٺو ته انھن جي خوشي ڏسڻ وٽان ھئي. ھن ٻڌايو ته سنڌ ھميشه امن جو گھوارو رھي آھي ۽ اڄ به ھتي امن، محبت ۽ پيار موجود آھي. سنڌ ڌرتيءَ جي غريب ٻارن جي علمي خدمت ڪرڻ سان کيس روحاني سڪون ملي ٿو. سندس ھتي اچڻ جو ٻڌي نه صرف سنڌ، پر پاڪستان جي ٻين صوبن جا استاد، شاگرد ۽ مختلف ماڻھو به ساڻس ملڻ آيا. ھيءَ ڏاھي عورت جا سنڌ ۾ ڪجھ عرصو رھي، سنڌ جي مختلف علائقن جھڙوڪ: ڪلفٽن، ابراھيم حيدري، مڪلي، ٺٽو ۽ حيدرآباد جي مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ وڃي، اتي پڙھندڙ غريب ٻارن سان ملي ڪري، کين اتساھ ڏيڻ جو پروگرام ھئس، پر ڪورونا جي ٽئين لھر جي تازن ھاڃن جي ڪري، ھڪ ته اسڪول مڪمل کليل نه ھئا، ٻيو ته کيس جلد کان جلد آمريڪي سفارتخاني طرفان آمريڪا پھچڻ جو حڪم مليو، جنھن ڪري واپس ھلي وئي. سندس چوڻ آھي ته ھوءَ سنڌ جي پروگرامن کي ڪورونا جي ڪري، اڌ ۾ ڇڏي وئي آھي، ھن اميد ڏيکاري ته هوءَ جلد واپس ايندي ۽ انهن پروگرامن کي شروع ڪندي، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن کي انگريزي ٻولي سکڻ جا مختلف موقعا فراھم ڪرڻ سان گڏوگڏ آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي نوجوانن کي آگاھي ڏيڻ ۽ ٻنھي ملڪن جي ماڻھن کي ثقافت، علم ادب، تاريخ ۽ سير سياحت ذريعي ويجھو ڪرڻ وغيرہ شامل آھي. سندس اھو به ھڪ خواب آھي ته سنڌ جي مادر علمي (سنڌ يونيورسٽي وغيرہ) ۾ وڃي، اتي اعزازي ليڪچر به ڏي، جنھن لاءِ آمريڪا جو سفارت خانو، سنڌ حڪومت ذريعي سندس لاءِ سولايون پئدا ڪندو. ھن چيو ته ھوءَ سنڌ جي تعليم مٿان ڪا خاص تحقيق به ڪري رھي آھي، جيڪا پڻ ھوءَ دنيا جي عالمي تحقيقي جرنلن ۾ ڇاپيندي. سندس خواب آھي ته سنڌ جو ھر امير توڙي غريب ٻار پنھنجي محنت، دلچسپي ۽ سٺن امتحاني نتيجن آڌار، ضرور آمريڪا اچي، جنھن جي ھوءَ ھر ممڪن اخلاقي مدد به ڪندي. ھوءَ ھر سال سنڌ ايندي ۽ ھتي جي ثقافت، ٻوليءَ ۽ تھذيب مٿان جيڪا جديد تحقيق ڪري رھي آھي، ان بابت سنڌ جي عالمن، اديبن، ڏاھن ۽ ليکڪن کي آگاھ ڪري، سندن سرگرمين مان به لاڀ حاصل ڪندي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ، ايڪيھين صديءَ ۾، جديد ۽ اثرائتا قدم کڻي سگھجن.
بين الاقوامي تعليمي لاڙن جي ماھر انجي پنجاھ کان وڌيڪ عالمي ڪانفرنسن ۾ پنھنجا تحقيقي مقالا به پڙھي چڪي آھي. ھڪ ماھر تعليمدان ھجڻ جي حيثيت سان انجيءَ جڏھن، سنڌي ٻارن کان مختلف سوال ڪيا ته ٻارن انھن جا درست جواب ڏنا، جنھن تي سندس چوڻ آھي ته سنڌ جي ٻارن جي ذھانت جو معيار ڪھڙيءَ به ريت ترقي يافته ملڪن جي ٻارن کان گھٽ ڪونھي. ھن بقول، سنڌ ۾ سھولتن جي اڻاٺ باوجود، ٻار جھڙيءَ ريت علم پرائي رھيا آھن، اھو صرف ۽ صرف ٻارن جو ذاتي شوق ئي سڏبو. ڇو ته وسوارا ادارا ان ڏس ۾ ڪوبه سٺو قدم کڻڻ ۾ ناڪام ويا آھن. انجي مستقبل ۾ سنڌ جي نوجوانن، ٻارن، مرد توڙي عورتن جي تعليم جي ميدان ۾ وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿي، جنھن لاءِ ھن اميد ڏيکاري ته جلد ھوءَ پاڪستان ايندي. في الحال ھوءَ سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف استادن ۽ شاگردن سان آن لائين رابطي ۾ آھي ۽ پڻ سنڌين جي ممڪن مدد ڪري رھي آھي.
REFERENCES AND COURTESY:
All of the photos are given by her and are unique never published
Following websites were used as help in article
1.IngeUrbancicFacebook ID:
https://web.facebook.com/inge.urbancic
2.IngeUrbancic Website
https://ingeurbancic.com/?fbclid=IwAR38BlAq7GULQtMcvbY8nDhNmd7EbBXggWwGc4wG_aPK2_2QjGysfN9YAg0
3.Baltimore:
https://en.wikipedia.org/wiki/Baltimore
4.Berlitz International
https://www.berlitz.com/about
***

