خاص

وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ ڏهه کان پندرهن سيڪڙو واڌ جي تجويز

وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته پگهارن ۾ واڌ جي لاءِ 47 ارب اضافي رکڻ جو امڪان آهي. پگهارن ۽ پينشن جي لاءِ  95 ارب رپيا اضافي رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ پينشن ۾ اضافي جي لاءِ 47.7 ارب مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته پينشن جي لاءِ بجيٽ 527 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي. دستاويز موجب ايندڙ سال قرضن تي وياج جي مد ۾ 3105 ارب خرچ ٿيندا ۽ سبسڊيز تي 501 ارب گرانٽس تي 994 ارب رپيا خرچ ٿيندا. هوڏانهن ڊفينس سروسز جي لاءِ 1330 ارب رکڻ جي به تجويز آهي.