سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال جا ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
سنڌ صوبي جي اهم کاتن جون ترقياتي اسڪيمون هلندڙ مالي سال ۾ به مڪمل نه ٿي سگهيون. رپورٽ موجب سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال جا ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ اهم کاتن جون ترقياتي اسڪيمون هلندڙ مالي سال ۾ به مڪمل نه ٿي سگهيون. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انساني حقن واري کاتي جا دادو، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ليگل ايڊ سينٽر قائم ئي نه ٿي سگهيا. ليگل ايڊ سينٽر جي لاءِ بجيٽ جاري ٿيڻ جي باوجود خرچ نه ٿي سگهيا. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري کاتي جي 9 اسڪيمن جي لاءِ جاري 108 ملين مان صرف 13 ملين رپيا خرچ ٿيا. سرڪلر ريلوي جي ڪنسلٽنسي، بائونڊري فينسنگ تي مالي سال جي 9 مهينن ۾ به هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو. رپورٽ موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بس ٽرمينلز جي اسڪيمن جي لاءِ ٽرانسپورٽ کاتي کي فنڊ ئي نه ملي سگهيا. جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن دوران صحت، تعليم ۽ زراعت جي 100 کان وڌيڪ اسڪيمن لاءِ فنڊز جاري نه ٿيا. ٻئي طرف پ پ جو ڳڙهه سمجهيو ويندڙ علائقو لياري ته سنڌ حڪومت جي نظرن کان ئي پري رهيو جنهن سبب بلاول ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج جو منصوبو ٻڏتر جو شڪار رهيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ به بلاول ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج لياري جي اسڪيم تي ڪوبه فنڊ خرچ نه ٿي سگهيو. بلاول ڀٽو زرداري جي نالي سان جوڙيل انجنيئرنگ ڪاليج لياري جي اسڪيم کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻو آهي. لياري جنرل اسپتال جي مرمت ۽ تعمير جي لاءِ مقرر ڪيل 30 ملين مان 60 لک جاري ٿيا، پر ان تي هڪ رپيو به خرچ نه ٿي سگهيو. لياري ٽراما سينٽر اسڪيم لاءِ مقرر 550 ملين مان 9 مهينن جي دوران صرف 153 ملين جاري ٿيا. لياري جي گهٽين ۽ روڊ جي مرمت، سيوريج لائينن، پارڪن جون اسڪيمون به اڌوريون رهيون.

