بلاگ

سنڌي ٻولي ۽ ان تي ڪيل تحقيق جو مختصر جائزو ذوالفقار علي جلباڻي July 2021

اهو هڪ فطري اصول آهي ته انسان جتي به رهي ٿو هو ذهني ۽ فڪري طور سدائين تحرڪ ۽ چرپر سان گڏ سوچ ويچار ڪندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. اهڙي سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ سندس آسپاس جي دنيا ۾ موجود شين جا نالا وٺندو رهي ٿو جنهن کي اسان ٻولي چئون ٿا. اڄ دنيا جنهن جاءِ تي بيٺي آهي ۽ جنهن انداز سان بي پناهه ترقي ٿي آهي ملڪ ۽ قوم، علائقي يا خطي لاءِ ٻولي هڪ معجزاتي عمل ٿي بيٺي آهي. مطلب ته جتي انسانن جو معاشرو قائم آهي اتي ڪا نه ڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. ٻولي انساني معاشري جي وچ ۾ باهمي رابطا قائم ڪندي آهي، هڪٻئي جا معاملا مسئلا ٻوليءَ ذريعي حل ٿيندا آهن. جڏهن هڪڙو ماڻهو ڳالهائي ٿو ۽ ٻيو سندس هم زبان ان جي ڳالھ ٻڌي پنهنجي ذهن ۾ اهي ٻول ٻڌي ۽ سمجهي ڪري پنهنجو رد عمل ظاهر ڪري ٿو، جنهن جي ڪري ٻوليءَ جي سبب معاشري ۾ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو ۽ ترقيءَ جي طرف انسان جو قدم وڌي ٿو. انسان جي ترقيءَ جو دارو مدار ٻوليءَ تي آهي. ٻولين کي ڪنهن ٺاهيو ڪهڙي ريت جڙيون سا ڳالھ اهڙي ڏکي ڪونهي ڪو راز ڪونهي جو سمجهي نه سگهجي. اڄ جي دور ۾ سڀ ڏکيا مسئلا انساني ذهن آسان ڪري رهيو آهي. دنيا جي ٻولين جي وجود، بنياد ۽ ارتقا بابت سوين نظريا ملن ٿا، ليڪن انساني عقل جڏهن سوچي ٿو ته ٻوليون ڪيئن وجود ۾ آيون اُنهيءَ ڳالھ کي سمجهڻ جو آسان جواب هي آهي ته انسان ناطق آهي جيڪو پنهنجي حواسن سان سوچي سمجهي ٿو. سندس ڳالهائڻ جو لاڳاپو جن عضون سان جڙيل آهي سي آهن: زبان، دل، دماغ، نڪ، ڪن ۽ اکيون جن سان انسان محسوس ڪري ٿو. انهن عضون ۾ انساني دماغ هڪ اهڙو عضوو آهي جيڪو هر وقت وهڪري ۾ رهندو آهي جو اُن ۾ ڪڏهن به خاموشي نٿي اچي. هڪ انسان ٻئي انسان کي ڏسي چوي ته “هي خاموش آهي” سو اهو ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ جو بظاهر انسان خاموش هوندو آهي، پر ذهني طور تي متحرڪ هوندو آهي. ان جي ذهن ۾ ڪا نه ڪا سوچ يا ڳالھ سندس خاموش ذهن جي عمل ۾ رد عمل طور پيدا ٿيندي رهندي آهي. ظاهري طور ڀلي ڪوبه انسان خاموش ڏسڻ ۾ اچي، پر اهو انسان جاڳ توڙي ننڊ ۾سوچ واري عمل کان خالي نه هوندو آهي. انساني دماغ هڪ عجيب ماجرا آهي جنهن جي وسيلي اڄ تائين لکين ڪروڙين ايجادون ٿيون آهن ۽ ٿينديون رهن ٿيون. انساني عقل ڏٺل يا اڻ ڏٺل شين کي نالا ڏئي وٺندو آهي. هن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ ست هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون اُهي ست ئي هزار ٻوليون ڪيئن جڙيون آهن انهن جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا، انهيءَ لاءِ اسان سڀني مان هرهڪ کي معلوم آهي ته زبان انساني جسم ۾ هڪ مکيه عضوي جي حيثيت رکي ٿي، ليڪن اُن لاءِ اُن جا مددگار عضوا آهن: اکيُون جيڪي ڏسڻ جو ڪم ڪن ٿيون. ڪن ٻڌڻ جو ڪم ڪن ٿا. نڪ سُنگهڻ جو ڪم ڪري ٿو. دل جسم ۾ رت جي وهڪري کي برقرار رکي ٿي ۽ دماغ جو تعلق سوچ سان آهي سڄو ڪمال انهيءَ دماغ ۾ رکيل آهي. اڄ تائين سالم دماغ هزارين حيرت ۾ وجهڻ جهڙا ڪم پئي سرانجام ڏنا آهن، نه رڳو اهو، پر اسان جا ڪن، اکيُون ۽ دل به انهيءَ جا مددگار آهن انهيءَ جي سالميت کانسواءِ دماغ جو چارو نه هلي سگهندو. گونگي جي به اشارن واري ٻولي آهي ۽ هڪ اکيُن کان سڄي انسان جي به ٻولي آهي جيڪو سندس معاشرو ڳالهائي ٿو، توڙي جو هن کي شين جا خاڪا ذهن ۾ محفوظ نه هوندا آهن جيئن اکين واري کي، پر شين جي ذائقي جي هن کي خبر هوندي آهي ته انب، ليمي، نارنگي يا ڏهيءَ وغيره جو ذائقو ڪهڙو آهي؟ پر جيڪڏهن ڪو انسان ڪنن، نڪ، دل، اکين کان محروم هجي ته اهو اظهاري نه سگهندو، پر ان جي دماغ ۾ مانڌاڻ هوندو آهي. انسان جا تجربا، مشاهدا، فطرت ۾ موجود شين تي نگاھ جو پوڻ، سج جو اڀرڻ لهڻ، رات ۽ ڏينهن جو ڦيرو، گرم سرد هوائون، موسمن جون تبديليون، جبل، نديون، درياءَ، سمنڊ، ميوا، گل، ٻوٽا، جانور ۽ پکي تن تي سوچڻ ويچارڻ ۽ اُن کي نالا ڏيڻ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو ڪم هوندو آهي ۽ اهو زبان مان نڪتل نالو پنهنجي گهر، پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر تائين ڦهلبو آهي ۽ ايئن هر ڪنهن ٻوليءَ جو پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ بنياد پيو هوندو ۽ اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جو وجود به سنڌ جي سر زمين جي خمير مان تيار ٿيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي جياپي جو ذريعو سنڌو درياهه ۽ سنڌ ڌرتي آهي، ٻنهي نالن جي قائم ۽ دائم هجڻ سان آهي. سنڌ جي عوام کي پنهنجي ٻولي، پنهنجي درياهه ۽ ڌرتيءَ جو احساس هوندو آهي، اهي ٽئي شيون سندن شان ۽ شوڪت کي دنيا ۾ برقرار رکڻ جو احساس ڏيارينديون آهن. سنڌ جي رهواسين کي اها ساڃاهه صدين کان رهي آهي ته پنهنجي ٻولي، پنهنجي جاگرافي، پنهنجي تاريخ، پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي ثقافت جيڪو صدين جو سفر طئي ڪري اڄ سنئين لڱين بيٺي آهي انهيءَ جي پٺيان سنڌ جي عوام جي انهن چيزن سان محبت وارو جذبو شامل آهي نه ته سنڌ تي آدجڳاد کان وٺي ڪيترن ئي غاصبن حملا ڪيا آهن، پر سنڌ تان سنڌ ڌرتيءَ جي نالي کي به مٽائي نه سگهيا آهن. اڄ به سنڌي ٻولي، سنڌو درياهه سنڌ ڌرتي ۽ ان جا ڌڻي دنيا جي تاريخ ۾ ڳاٽ اوچو رکيو اچن. ان جو سبب هي آهي ته اسان پنهنجي صوفي بزرگن، عالمن، استادن ۽ وڏڙن جي ڏنل سبقن کي حفاظت سان ساريو ۽ سانڍيو آهي جنهن ڪري، سنڌي زبان دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿي. هتان جي شعور ۽ ساڃاهه وندن جي سڳنڌ سان جيڪو سنگم جڙيو آهي انهيءَ سڳنڌ جي سرهاڻ ولايت واسي ڇڏيا آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: “ٻولين جي ابتدا لاءِ هڪ رايو هيءُ آهي ته انسان ذات جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿي، تنهن جي ابتدا تڏهن کان ئي ٿي هئي، جڏهن کان ابتدائي انسان، فطرتي طور ڳالهائڻ يا نقل ڪرڻ(imitate)  شروع ڪيو هو. هن اُهي آواز اُچارڻ شروع ڪيا، جيڪي سندس ماحول ۾ فطرتي طور، ان وقت موجود هئا. فطرتي آوازن ۾ پکين جو لاتيون، دريائن، ندين، نالن ۽ چشمن جي پاڻيءَ جي وهڪري جي گڙ گڙ ۽ شرشر، هوا جي سرسر، ڪڪرن جي ڪڙڪڙ، جيتن جي چِرچِر، جانورن جي ٻِرٻر ۽ اهڙيءَ طرح کائڻ پيئڻ ۽ کنگهڻ وغيره جا آواز به هن دائري ۾ داخل ڪري سگهجن ٿا.” (الانا:2006، 9)

جيئن ته ٻوليءَ جو خالق عوام هوندو آهي، پر ٻوليءَ جا قاعدا ۽ قانون ڏاها ۽ عالم مقرر ڪندا آهن. اُهي عالم ۽ ڏاها زبان جي تراش خراش ڪري اکرن، لفظن، جملن جي جڙاوت، ٻولي جي تاريخ بابت معلومات ڏيندا آهن ته فلاڻي دور ۾ ٻوليءَ جو استعمال عوام هن طرح ڪيو وغيره. اسان جڏهن سنڌي زبان جي تاريخ ۽ ادب جو مطالعو ڪنداسين انهيءَ لاءِ سنڌ جي سماجي حالات کان ويندي سياسي حالتن ۽ عوام جي ميل ملاقاتن ۽ رابطن ڪمن ڪارن، اٿڻي ويهڻي، رسمن رواجن جو به مطالعو ڪرڻ لازم امر ٿئي ٿو، انهيءَ کانسواءِ ٻوليءَ تي سياسي، سماجي ۽ معاشي اثر مرتب ٿين ٿا تن کي سمجهڻ ايڏو آسان نه آهي. اسان جي عالمن سنڌي زبان جي بڻ بنياد بابت جيڪي نظريا پيش ڪيا آهن، تن جي پٺيان ٻين قديم ٻولين ۽ لهجن جو مطالعو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي تقويت ڏني آهي. ڪنهن به ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ کان اڳ ٻين ترقي يافته ۽ علمي ادبي زبانن جو مطالعو نهايت ئي ضروري آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ بابت اهڙن ماڻهن جون تحقيقون به آڏو اچن ٿيون جن کي صرف ماهر لسانيات چورائڻ جو وڏو شوق هوندو آهي ۽ اهي وڏن وڏن ناميارن عالمن جي تحقيقن سان پنهنجو پڇ ٻڌندا آهن ۽ پوءِ سڄي عمر پيا گهلبا آهن. هڪ عالم سڏائيندڙ ۽ ٻين جي محنت ۽ پورهئي تي بيجا تنقيد ڪندڙ جيڪا ڪنهن به حوالي سان علمي ۽ لساني گهرجن واري تحقيق واري دائري ۾ داخل نه ٿي سگهندي آهي. اجايا ۽ بي بنياد بحث ڪنهن به ٻوليءَ جو ٻيڙو غرق ڪري سگهن ٿا. صحيح تحقيق جو تعلق علمي سنجيدگي، سائنسي سوچ، گهري مطالعي، مشاهدي، ملڪي ۽ غير ملڪي تحقيقن تي نظرداري کانپوءِ ئي پنهنجي صحيح درست تحقيق جي رخن سان هلي ڪي نتيجا ڏئي سگهجن ٿا. انهن مذڪوره لوازمات مان پوري قوم، ملڪ ۽ سماج فائدو حاصل ڪندو آهي. بهرحال تحقيق هڪ سنجيده ۽ غور فڪر وارو عمل آهي ۽ انهيءَ کانسواءِ ڪابه تحقيق مستقبل ۾ پنهنجا پير پختا نه ڪري سگهندي ۽ نه ئي اهڙي تحقيق جو مستقبل هوندو جنهن ۾ نه مطالعو هجي نه مشاهدو هجي ۽ نه ئي ٻين ٻولين ۽ علمن جي ڄاڻ هجي. اسان وٽ مرزا قليچ بيگ، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو، پروفيسر علي نواز جتوئي، سراج ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٺلي، محمد ابراهيم جويو، پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين، پروفيسر محمد سليم ميمڻ، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو نج لسانيات جا ماهر آهن جن سنڌي ٻوليءَ بابت جيڪا تحقيق پيش ڪئي آهي تنهن ۾ هڪ خالصپڻو نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو مذڪوره عالم عربي، فارسي، سنسڪرت، ديو ناگري يا انگريزيءَ کان ڀليءَ طرح واقف آهن. هنن پنهنجي علمي صلاحيتن سان گڏ تحقيق جي روشنيءَ ۾ مثبت نتيجا ڏنا آهن. مذڪوره عالمن جي علمي، عملي ۽ تحقيقي ڪم ۽ طريقيڪار کي ڏسي سرهائي محسوس ٿئي ٿي ته ٻئي طرف اهو به نظر اچي ٿو، انهن عالمن ڪيترن ئي ذهنن جي فني فڪري تربيت ڪري نوجوانن لاءِ ميدان وسيع ڪري ڏنو آهي، جنهن مان هُو ڀرپور فائدو حاصل ڪري پنهنجي صلاحيتن کي درست طرح استعمال ۾ آڻي اڳتي وڌي رهيا آهن. مذڪوره عالمن جي تصنيفات مان هرهڪ کي فيض ملي رهيو آهي. مطالعي مان اِها ڳالھ به نظر اچي ٿي ته هن وقت مون کي صرف ڪي چند نالا سجهن ٿا جيڪي ٻوليءَ بابت درست رستي سان تحقيقون ڏئي رهيا آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: “هن وقت تائين سنڌي زبان جي اصل نسل ڄاڻڻ لاءِ ماهرن جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي ان کي جيڪڏهن حتمي ۽ فيصلا ڪُن نه چئجي ته به ماهر پيرين جي تلاش جي جذبي جو داد ڏبو. گمان آهي ته عيسوي سن جي ابتدا جي آسپاس سنڌي يا سنڌي زبان موجود هئي جنهن کانپوءِ موجوده سنڌيءَ جي صورت اختيار ڪئي. عرب سياحن ان کي سنڌي زبان سڏيو آهي. بشاري المقدسي ۽ الاصطخريءَ (10-9 صدي عيسوي) جي تحريرن مان اهو ڄاڻائجي ٿو ته سنڌي عام ڳالھ ٻولھ جي زبان هئي. اِن لحاظ سان سياحن جي اچڻ کان گهڻو اڳ ان صورت ۾ موجود هوندي. سومرن جي صاحبيءَ (1350-1050ع) ۾ سنڌي شعر به ميسر ٿيا.” (جوڻيجو: 2009، 19)

سنڌي ٻوليءَ صدين جو جيڪو سفر طئي ڪيو آهي، انهيءَ جي هڪ وسيع تاريخ آهي، جيڪا ڪجھ چِٽِي ته ڪجھ ڌُنڌلي نظر اچي ٿي، ڌُنڌلي اِن ڪري چوان ٿو جو اُن مٿان ڪيئي تھ چڙهيل آهن جن کي اڃان تائين ڇنڊيو ڦوڪيو نه ويو آهي. دنيا جون ٻوليون جن جا ڪيترائي لهجا ۽ اپ لهجا ٿين ٿا تن جي اڀياس لاءِ جاگرافيائي مطالعو مددگار ٿيندو آهي. جيئن ته هر ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي انفراديت آهي، تيئن هر ماڻهو جو آواز اُچار ۽ لهجو يا ڳالهائڻ جو ڍنگ به پنهنجو ٿيندو آهي، جيڪو ٻين کان هن کي انفراديت بخشيندو آهي. عوام جي ذاتي تجربن مان ٻوليون اسرنديون آهن، پر ٻولين کي علمي، ادبي ۽ فني روپ عالم ڏيندا آهن. اڳ ۾ ٻولي پيدا ٿيندي آهي ۽ پوءِ انهيءَ کي لکت واري صورت ملندي آهي. انگريزن جي دور حڪومت کان اڳ ۾ به سنڌي زبان لکي پڙهي ويندي هئي، پر اڀياس مان جيڪا معلومات آڏو اچي ٿي ته انهيءَ جي ڪابه هڪ صورت ڪانه هئي. انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته “انهن حڪمرانن شروع شروع ۾ سنڌ جي پهرين چيف ڪمشنر سر بارٽل فريئر، يورپي عملدارن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي قرار ڏنو، انهيءَ مراد سان ته اُهي ڏيهي ٻوليءَ جو اڀياس ڪري رعيت سان لھ وچڙ ۾ اچن ۽ پرڳڻي جو انتظام بخوبي هلائين. هن ڪم ۾ ڪيترن صاحب لوڪن گهڻي دلچسپي ڏيکاري، سنڌي ٻوليءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيائون ۽ محنت ڪري ٻوليءَ جي بنياد بنسبت کوجنائون ڪيائون. ڪن ته بلڪل ڪمائتا، عالماڻا ۽ بنيادي ڪتاب جهڙوڪ: وياڪرڻ، لغتون ۽ عام لوڪن جي واتان ٻُڌل نظم ۽ نثر ۾ قصا ڪهاڻيون قلمبند ڪري، با ترتيب ڪتابي صورت ۾ آڻي شايع ڪيا.” (منگها رام ملڪاڻي: 1993، 8)

ڊاڪٽر غلام علي الانا سماجي لسانيات بابت لکي ٿو ته: “سماجي لسانيات جي مطالعي جو هڪ پهلو هي به آهي ته جڏهن ڪنهن به سماج ۾ هڪ کان وڌيڪ سماجي گروهن جا فرد هوندا ته اهڙيءَ حالت ۾ ٻوليءَ تي ٻين سماجي گروهن جو اثر ضرور ٿيندو آهي، يعني ڪنهن به سماج کي، علم اللسان جي لحاظ کان، هيٺين لساني گروهن ۾ ورهائي سگهبو آهي.

  1. يڪ-لساني گروھ (Mono-Lingual Group)
  2. دو لساني گروھ (Bi-Lingual Group)
  3. اڪثريتي لساني گروھ (Multi-Lingual Group)
  4. اقليتي لساني گروھ(Minority-Lingual Group)

انهن يا اهڙن ٻين لساني گروهن جو تفصيلي مطالعو، سماجي لسانيات جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو.” (الانا: 2020، 134)

ٻولي جو پنهنجو هڪ خاص مقصد ۽ مفهوم هوندو آهي ۽ انهيءَ مقصد جي سمجهڻ لاءِ عالمن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن کان ويندي علاقائي ماڻهن جي لهجي، شين، اسمن ۽ انگن کان ويندي سياسي ۽ سماجي زندگي مان مثال چونڊي انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: “ڪنهن به سماجي گروھ ۾ هڪٻئي سان تعاون لاءِ انسان ذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي کي “ٻولي” سڏجي ٿو. لسانيات جي جڳ مشهور آمريڪي ماهرن بلاڪ ۽ ٽئگر (Block &Tagger) جي ڏنل وصف به مٿينءَ وصف سان ٺهڪي ٿي اچي. هو لکن ٿا:Language is a system of arbitrary vocal symbols by means of which a social group co-operates. (الانا: 1995، 1)

اسان کي سنڌي ٻولي بابت ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جون تصنيفات، مقالا ۽ مضمون ملن ٿا، انهن تصنيفات ۾ وڏي معلومات هئڻ ڪري، سنڌي زبان جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي پرکڻ ۽ جاچڻ لاءِ هرڪو اُن جي علمي ۽ ادبي تاريخ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو. ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته: “هن وقت تائين آمريڪا، برطانيه ۽ روس ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. ايتري قدر جو سنڌي ٻوليءَ تي ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا ويا آهن. ٿي سگهي ٿو ته فار-ايسٽ جي ملڪن جهڙوڪ: سنگاپور، جاپان، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کانسواءِ آفريڪا جي ملڪ سوڊان جي خرطوم يونيورسٽيءَ ۾ به ڪو اهڙو تحقيقي ڪم ٿيو هجي.” (الانا: 2020، 90)

“انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا مقرر ٿيل آئيويٽا ڪا نه هئي. سنڌ جي هندن مان برهمڻ ۽ ٿورا ٻيا ديو ناگري (شاستري)، اکر ڪم آڻيندا هئا، جن جو اڳي ٻيو نمبر هو ۽ هاڻ ڪجھ قدر ڦريل آهي. سنڌ جا ڀائيبند هندو-سنڌي واڻڪا اکر ڪم آڻيندا هئا، جن ۾ لاڪنائون يا ماترائون ڪينهن ۽ پنجاب جي “لنڊا” يا ٻٽن اکرن وانگر آهن، ڪيترا خواجا ۽ ميمڻ واپاري به اهي اکر ڪم آڻيندا هئا.” (آڏواڻي: 1998، 258)

موجوده سنڌي زبان ٻاونجاهه اکرن تي مشتمل آهي ۽ انهن اکرن جي ترتيب سان سنڌي زبان جو علمي ۽ ادبي ذخيرو لکجي ۽ محفوظ ٿي رهيو آهي. اسان جي ٻولي جي اوسر ۽ ارتقا بابت ڪن لساني ماهرن پاڻ ۾ ڪي اتفاقي ۽ اختلاقي ڳالهيون به ڪيون آهن ۽ ڪري رهيا آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته: “زبان جي اوسر(Evolution)  جي باري ۾ اسان کي پنهنجي زبان جي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏاڪن يا مرحلن جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي. دنيا جي سڌريل زبانن جي ڄاڻن هي مرحلا معلوم ڪري ورتا آهن، پر اسان اڃان ڪا ڪوشش نه ورتي آهي. (1) ڇڄڻ وارو ڏاڪو، جنهن تي زبان پنهنجي انفراديت يا جدا وجود اختيار ڪندي آهي. اها ڳالھ يا ڏاڪو ڄڻ زبان جو ڄم آهي. (2) ٻولين جي چاڙهي جو ٻيو ڏاڪو آهي (Agglutination) “نپ” وارو ڏاڪو هن ڏاڪي تي آسان ۽ ننڍڙا لفظ وڏن لفظن ۾ ملي ويندا آهن، جيئن ڪنهن نپ قدم ڪيو هجين. هي ڏاڪو زبان جي ترقي ۽ شاهوڪاري جي طرف اهم قدم آهي. (3) ٽيون ڏاڪو آهي(Fluctuation)  يا سڀاويڪ ڦير ڦار وارو ڏاڪو. هن ڏاڪي تي زبانن ۾ نوان نوان لفظ ٺهندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح زبان جو موجوده ذخيرو وڌي گهڻو ٿي ويندو آهي. هن ڏاڪي کي(Coinage)  يا سڪن گهڙڻ وانگر لفظ گهڙڻ وارو ڏاڪو به چئبو آهي.” (ٻوهيو: 2008، 28)

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بابت انگريزن جي دور کان اڄ تائين جيڪو ڪم ٿيو آهي تن ڪتابن، مضمونن، مقالن جي گهري اڀياس جي گهرج درڪار آهي. ڇاڪاڻ جو هي تاريخ هڪ سئو پنجهتر سالن تي مشتمل آهي. “ٻوليءَ جي تاريخ معنيٰ ٻوليءَ جي تبديلي جي تاريخ. ٻوليءَ ۾ تبديلي ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ آڻين ٿا، تنهنڪري جنهن ٻوليءَ جي تاريخ لکجي، تنهن ۾ پرڳڻي جي ماڻهن جو ذڪر ضرور ڪجي.” (ڀيرو مل: 1998، 8)

سنڌي ٻولي بابت جيڪو به ڪم ٿيو آھي، انهيءَ ڪم جي معلومات ۽ نوعيت بابت سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان دلچسپي رکندڙن کي ڄاڻڻ گهرجي ته ڪهڙن عالمن پنهنجي تصنيفات، مضمونن، مقالن ۾ ڪهڙي معلومات ڏني آهي ۽ انهيءَ ڏنل معلومات جا ذريعا ڪهڙا استعمال هيٺ رکيا ويا آهن. “يورپي لوڪن ۾ هيءَ هڪ وڏو گڻ آهي ته جنهن ملڪ ۾ وڃن، تنهن ملڪ جي ٻولي سکي، ان جو علمي خزانو ويهي ڦولين ته پنهنجي دل ۽ دماغ کي روشن ۽ من کي منور ڪن… عيسوي پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ بورچوگيزن، ڊچن، فرينچن ۽ انگريزن هڪٻئي جي پٺيان، واپار سانگي هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون. ان وقت ڪي پادري به آيا، جن سنسڪرت تي گهڻو ڌيان ڏنو ته ٻوليون جن ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترن ئي يورپي ٻولين ۾ عام آهن، رڳو اچار ٿورو ڦريل اٿن- مثال طور:

اهڙا ٻيا ڪيئي لفظ آهن، جي گريڪ (يوناني) لئٽن، جرمن، فرينچ، انگريزي ۽ ٻين يورپي ٻولين ۾ عام آهن. لفظن جي هڪ جهڙائي ڏسي حيران ٿيا، پر سمجهي نه ٿي سگهيا ته ايئن ڪيئن ٿيو آهي.” (ڪاڪو ڀيرو مل: 1998، 1،2)

جڏهن به ڪو ٻولين جو ماهر ڪنهن هڪ ٻوليءَ تي بحث ڪندو آهي ۽ زير بحث ٻوليءَ جي اندر ڪي منجهيل معاملا هوندا آهن تن کي سلجهائڻ ۽ سمجهائن لاءِ ڪن ٻين ٻولين کان مدد وٺبي آهي، پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي جو زير بحث ٻوليءَ جو بڻ بنياد ۽ گرامر جي قاعدي مطابق صرفي ۽ نحوي بناوٽون پاڻ ۾ ڪي قدر ملندڙ جلندڙ هجن، جن ٻولين جا مثال ڏنا وڃن تن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ عوامي تعلقات، جاگرافيائي حدون، سياسي، سماجي ميل جول، ڪي علمي، سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، تهذيبي ۽ ادبي تعلقات ضرور هجن، انهيءَ کانسواءِ ٻولين تي بحث ڪرڻ بيسود ثابت ٿيندو. ٻئي ڳالھ ته ڪنهن ايري غيري ٻوليءَ کي وچ ۾ آڻي بي سود بحثن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ٻوليءَ تي بحث ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو ڏسجي ته جنهن ٻوليءَ کي مرڪزي حيثيت ڏئي ٻين ٻولين سان ڀيٽ ڪري تقابلي جائزو ورتو وڃي ٿو، تن ٻولين جي وچ ۾ مٿيان عوامي رابطا ۽ ٻولين جو بڻ بڻياد ڏٺو ويندو آهي ته انهن ٻولين جو پاڻ ۾ ڪهڙي طرح ڳانڍاپو آهي، ڪهڙيون انهن جون پاڻ ۾مٽيون مائٽيون، لفظن جي ڏي وٺ کي ڏٺو ويندو آهي، تنهن کانپوءِ زير بحث ٻوليءَ ۾ موجود مسئلن جي نشاندهي ٿيندي آهي ۽ اُلجهيل معاملا حل ٿيندا آهن. ان کان علاوه ٻولين جي ڳانڍاپن کي گرامر جي روشنيءَ ۾ جاچيو ويندو آهي ته انهن جي وچ ۾ فعلن، گردانن ۽ ضميري اڳياڙين ۽ پڇاڙين کي جاچيو ۽ پرکيو ويندو آهي، تنهن کانپوءِ ئي ڪنهن نتيجي تي پهچبو آهي. مثال طور: اسان سنڌي زبان جو مطالعو ڪريون ٿا، اُن لاءِ ڏسنداسين ته هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جا قديم زماني کان وٺي ڪنهن ڪنهن سان اچ وڃ، ڏيتي ليتي ۽ وڻج واپار رهيا آهن. ڇا ڏنائون ڇا ورتائون ۽ ڪنهن تي هلائون ۽ حملا ڪيائون ۽ ڪن ڪن جا حملا برداشت ڪيائون وغيره. هن وقت سنڌي ٻوليءَ جا ڪي اصول ٺهيل آهن، تن اصولن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:

علم اللسان جي ماهرن محنت ڪري ٻولين کي سمجهڻ لاءِ اصول ڏنا آهن:

  1. حاڪمن جي ٻولي هجڻ
  2. ساڳي حڪومت
  3. سياسي حالتون
  4. سماجي ۽ مذهبي ميل جول
  5. وڻج واپار ۽ سياسي ناتا
  6. ساڳيون جاگرافيائي حالتون
  7. ساڳيون رسمون ۽ رواج
  8. باهمي شاديون
  9. آبادي ۽ لڏپلاڻ. (الانا: 1995، 4)

سنڌي ٻوليءَ کي مذڪوره اصولن جي روشنيءَ ۾ جاچينداسين ته هتان جي عوام جا ڪيترن ئي ماڻهن، حڪمرانن، واپارين، حڪيمن، طبيبن، شاعرن، اديبن، مورخن، مذهبي اسڪالرن سان تعلقات رهيا آهن. سنڌ تي ٻاهرين حملي آورن جي اثرن سبب به سنڌي زبان تي ڪي اثر مرتب ٿيا آهن. عربن ۽ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن ۽ انگريزن سنڌ تي حملا ڪيا جنهن ڪري سنڌي زبان تي عربي ۽ فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جو اثر ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: “سنڌي ۾ فارسي ٻوليءَ جي دفتري ۽ سرڪاري زبان هجڻ واري حيثيت سبب فارسي زبان جو سنڌي جي لغوي ذخيري تي به وڏو اثر ٿيو هو. روز مره جي استعمال جا سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ انتظامي معاملن وارا هزارن جي تعداد ۾ لفظ سنڌي ٻوليءَ جي لغوي ذخيري ۾ شامل ٿي ويا، جيڪي پوءِ سنڌي لغات جو لازمي حصو بڻجي ويا.” (الانا: 2016، 16)

سنڌي ٻولي جيڪا صدين جا سفر طئي ڪري اڄوڪي صورت ۾ اسان آڏو بيٺي آهي، جنهن ۾ اسان جي تاريخ، ادب، ثقافت جو وڏو ذخيرو موجود آهي ۽ انهيءَ جي هر حال ۾ حفاظت ڪرڻي آهي، انهيءَ لاءِ جنهن دور ۾ اسين ساهه کڻي رهيا آهيون انهيءَ دور جون تمام گهڻيون تقاضائون آهن ته ماڻهو کي ڇا ڇا نٿو گهرجي؟ گهر، پيٽ، اٽو، لٽو، صحت، روزگار جون سهولتون گهرجن ته پوءِ ڇا اهي ضرورتون اسان جون اسان جي ٻولي پوري ڪري سگهندي! مذڪوره ٻولي اسان جون علمي، ادبي، معاشي ۽ معاشرتي، ادبي اخلاقي ۽ مادي ضرورتون ڪيتري قدر پوريون ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته هن دور ۾ هر شيءِ ۾ تڪڙيون تڪڙيون تبديليون ۽ نواڻ اچي رهي آهي. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته اسان جي سنڌي زبان جو علمي، ادبي ۽ تخليقي ۽ تحقيقي ذخيرو اسان ۾ ذهني ۽ فڪري تبديلي آندي آهي، اسان کي گهر اڏڻ، پيٽ پوڄا لاءِ زراعت جي نون طريقن کان آگاھ ڪرائيندي جنهن سان اسين زرعي ميدان ۾ ذرخيز زمينون آباد ڪري پاڻ کي خوشحال رکي سگهون ٿا، ڪيترائي روزگار جا وسيلا پيدا ڪري سگهون ٿا. جڏهن اسان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪرائي وياسين ته اسان جي پاڪستان جون مادري ٻوليون وڏو ڪم ڪري ڏيکارينديون، اسان جي زمينن کي جيڪي روايتي هاري(Farmer)  آهن، تن کي جديد تعليم ڏئي اڳتي آندو ويندو تڏهن هڪ ڀلي ڳالھ ٿي پوندي. مرزا قليچ بيگ، علامه عمر دائودپوٽي، علامه آءِ آءِ قاضي، محمد ابراهيم جويو، سيد غلام مصطفيٰ شاھ، ايم. ايڇ پنهور ۽ ٻين روشن خيال عالمن سائنس، زميني علم، باغباني ۽ زراعت سميت ٻين موضوعن تي ڪي ڪتاب لکيا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما شايع ڪرايا. اهي ڪتاب اسان جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اڳڀرائي وارو قدم آهن. هن وقت اهڙي طرح جي ڪم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، جيڪو نئين گهرجن مطابق ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو ته: “مسئلا ماڻهوءَ جي هنيائن ۾ هرن ٿا ۽ ڪنڊا ٿا چڀن. “سيئي سيلھ (ڪنڊا) ٿيام پڙهيام جي پاڻان.” انسان، سوچ جي انهيءَ چُڀڪي، هُر کُر ۽ دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ وسيلو تلاش ڪيو هو ۽ آخرڪار اظهار جي وسيلي يعني ٻوليءَ جي مدد سان هن پنهنجي انهيءَ بار کي جهڪو ڪيو هو. اهڙيءَ ريت ٻولي پهرين ضرورت يا بنيادي ضرورت آهي.” (ٻوهيو: 2008، 74، 75)

اسان ٻوليءَ وسيلي جو هڪٻئي سان اظهار ڪريون ٿا، اهو اظهار اسان جا ڪيئي معاملا ۽ مسئلا حل ڪري ٿو. اسان جي سنڌي زبان جو جيڪو لفظي ذخيرو آهي، تنهن ۾ طرحين طرحين جا لفظ ۽ جملا آهن، سي ڪيترين ئي ٻين ٻولين جي مدد سان جڙيا آهن ۽ ڪي نوان لفظ ٻوليءَ ۾ داخل ٿيندا رهيا ۽ پراڻا لفظ پنهنجي پنهنجي دور ۾ عوامي ضرورت مطابق استعمال ٿيا ۽ پوءِ اڳتي هلي زماني جي لاهين چاڙهين ۾ متروڪ ٿيندا ويا. اُن لاءِ هر زبان جي ڏاهن انهن لفظن جو لغوي خزانو ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، جنهن ڪري اُهي لفظ لغتن جي ڪتابن ۾ محفوظ ٿي رهيا آهن. اسان جي زبان ۾ جيڪي لغتون تيار ٿيون آهن، اهڙي علمي ڪم ڪرڻ تي عالمن کي جس آهي نه ته خبر نه آهي ته هي خزانو ڪهڙي فضا ۾ اُڏامي وکِرِي وڃي ها! اُهي لفظ جيڪي اڄ کان ٻارهن تيرهن سئو سال اڳ ۾ استعمال ٿيندا هئا، اهي انهيءَ دور جي اظهار جي مفهوم کي سمجهائيندا هئا، اُن ڪري اهو ضروري آهي ۽ هو ته انهن لفظن ۽ حرفن جو رڪارڊ هجڻ گهرجي. اسان جي عالمن پنهنجي سماج جو ڪنهن قدر جيڪو مطالعو پيش ڪيو آهي، اُن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي ٻولي هزارن سالن جو سفر طئي ڪيو آهي، ليڪن انهيءَ جا ڪي واضح ۽ چٽا اهڃاڻ اسان کي صحيح معنيٰ ۾ سمجھ ۾ نٿا اچن ته جيڪا موهن جي دڙي جي لکت ملي ٿي، سا ٻولي به آهي يا مذهبي علامتون ۽ اهڃاڻ آهن، اهو هڪ وڏو معمو آهي، جيڪو صدين کان ڪنهن کان حل نه ٿي سگهيو آهي. انهن علامتن کي سمجهڻ لاءِ جيڪو ماضي گذري ويو آهي، اُن جي ڪوشش ضرور هلندي رهي، اُنهن علامتن ۽ اهڃاڻن تي ڪي بحث مباحثا ٿيندا رهن. لسانيات جا ماهر انهن علامتن کي گڏجي سڏجي ڪا هڪطرفي ڪوشش ڪري راءِ جوڙين ته موهن جي دڙي مان جيڪا لکت ملي ٿي، سا ٻولي آهي يا ڪي مذهبي اهڃاڻ آهن. موجوده سنڌي جيڪا هن وقت اسان کي پڙهائي وڃي ٿي سا به اندروني طور ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي ۽ اُهي مسئلا حل ڪيئن ٿين؟ لسانيات جا ماهر پاڻ ۾ گڏجن ڪونه ٿا، هرڪو پنهنجي پنهنجي خيالن جي دنيا جوڙي رهيو آهي. هرڪو چوي ٿو ته منهنجي تحقيق درست آهي، بلڪل ايئن هوندي جيئن لساني ماهر چون ٿا. ٻوليءَ جي اندروني مسئلن بابت، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو رقم ٿو ڪري ته: “سنڌي ٻوليءَ ۾ علت وارن حرفن(Vowel Letters)  جو به عجيب نمونو آهي. اڌ عربيءَ جو ته اڌ اڳوڻو! اسان وٽ اڌ سر(Semi Vowel)  گڏيل سر (Compound Vowel) توڙي گهڻن سرن(Nasal Vowel)  جو خاص سرشتو متعين ناهي، رينگٽ جي آڌار تي هلون پيا. پنهنجن لفظن کي به صحيح صورتخطيءَ ۾ نه پيا لکون. مثال طور: ايئن/ائين/اينءَ/آئون/ آءُ،/اڃا/ اڃان/ڀئين پور/ڀنءَ پور وغيره.” (آفتاب ابڙو: 2016، 56)

هي حوالو هڪ ڪتاب جنهن جو عنوان آهي “سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس” مقالن جو مجموعو آهي. مذڪوره ڪتاب سنڌي ٻولي بابت هڪ معلوماتي ۽ لاجواب مقالن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي ڏاهن جا سترهن مقالا شامل ڪيل آهن. مذڪوره ڪتاب جا ٽي سئو چار ئي صفحا تمام گهڻو ڌيان لهڻن ٿا، ڇاڪاڻ جو مذڪوره ڪتاب ۾ “سنڌي ٻوليءَ جي بقا، بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن جو سهڻيءَ ريت، ڊاڪٽر غلام علي الانا جائزو پيش ڪيو آهي” جيڪو هن ڪتاب جو پهريون مقالو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو مقالو “سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي ڪردار” اهميت جوڳو مقالو آهي. هن ڪتاب جي ٻين مقالا نگارن ۾ خير محمد ڪولاچي، وينا شرنگي، گورڌن “گهايل”، نور احمد جنجهي، ڪلاڌر متوا، ڊاڪٽر جوکيو، شالني ساگر، ڪئلاش شاداب، رسول ميمڻ کان ويندي امر فياض ٻرڙو جو مقالو “سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجي”، ڊاڪٽر جمال ۽ عبدالناصر چارڻ جو مقالو “سنڌي ٻولي ۽ ڪامپيوٽر حرفت” شبير ڪنڀار جو “سِنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي”، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جو “سنڌي ٻاراڻي ادب جي اوسر”، ڀڳوان اَٽلاڻي جو “ڀارت ۾ سنڌي ٻال ساهتيه (ٻاراڻو ادب)” ۽ اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جو آخري مقالو قربان منگي جو “ٻارن جي ادب جي تخليق ۾ ادارن جو ڪردار” اچي وڃن ٿا. هن ڪتاب لاءِ منهنجو عرض آهي ته هرڪو مطالعو ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ جي صلاح رکجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ لساني جاگرافي کان ويندي سنڌي سماج جي سمورن رخن جو مطالعو ڪرڻو پوندو تڏهن وڃي ڪي مثبت نتيجا حاصل ٿيندا. ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: “انگريزيءَ جي لفظDialect  جي متبادل طور لفظ “محاورو” آندو ويو آهي. جيڪو اردو جي اثر ۾ پهاڪي واري معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ “اپڀاشا” لفظ استعمال ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين عالمن مان ڪن ان کي “ننڍي ٻولي” ته ڪن “ٻولي” (جيئن-ٿري ٻولي) ته ڪن وري ان کي لهجو سڏيو آهي، جيڪو وريAccent  جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. گهڻي وقت کان ان ڏس ۾ بحث هلندڙ آهي ته آخر Dialect ۽Accent  ۾ فرق ڪيئن ڪجي يا “ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي” واري فرق کي ڇا چئجي.” (فهميده حسين: ناشر پاران)، ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا بابت وڏي تحقيق ڪري رهي آهي، سندس تحقيقي ڪم کي ڏسي ايئن محسوس ٿي رهيو ته هن اڪيلي سر ايترو ڪم ڪيئن ڪيو آهي ۽ ڪيئن اوجاڳا ڪري، سنڌي ٻوليءَ بابت ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جي ڪتابن، مضمونن ۽ مقالن جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا آهن. مطلب ته اسان جڏهن ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جي سنڌي ٻوليءَ بابت پيش ڪيل تحقيق بابت ويچاريون ٿا ته ايئن چوڻو پوي ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب بابت، جيڪو اسان کي ڪرڻ گهربو هو سو ٻين ڪري ڏيکاريو ۽ ڪري رهيا آهن. هن وقت به پرڏيهي عالم، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت مان اهو معلوم ڪري رهيا آهن ته سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد ڪهڙين ٻين ٻولين سان ملي ٿو؟ هيءَ زبان دنيا جي ٻولين جي ڪٿي ماءُ ته نه آهي جنهن مان دنيا جون ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن. مغربي عالمن جا ذهن هرو ڀرو اهڙين تهڙين معمولي شين ڏانهن نهاريندا ئي نه آهن. سنڌي ٻوليءَ جي اها قدامت ئي آهي جو انهن جو ڌيان هن ٻوليءَ جي کوجنائن ڪرڻ ڏانهن ٿيو آهي، تڏهن ئي ته پوڻن ٻن سئو سالن کان وٺي، ڊاڪٽر گريئرسن، سر جان مارشل، رچرڊ برٽن، ڊاڪٽر آرنيسٽ ٽرمپ، ايڇ ٽي سورلي کان ويندي ٻين ڪيترن ئي ٻولين جي ماهرن “سنڌو لکت” بابت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق بابت پنهنجا پنهنجا ڪتاب، مقالا ۽ مضمون رقم ڪيا ۽ ڪري رهيا آهن. مون کي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ استاد جي حيثيت ۾ انهيءَ ڳالھ جي خوشي ٿي رهي آهي ته ڊاڪٽر فهميده حسين مبارڪن جي لائق آهي جو هن، جي. اي گريئرسن جي ڪتاب“Linguistic Survey of India” کي سنڌي ٻوليءَ ۾ “برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو” جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سن 2000ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هي ضخيم ڪتاب ست سئو صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو ملھ پنج سئو رپيا رکيل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جو هي هڪ وڏو ڪارنامو چئبو. “هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد، ارتقا توڙي بنيادي سٽاءُ ۽ ساخت يا گرامر جي بيان جي سلسلي ۾ هڪ بنيادي ۽ اهم ڪتاب آهي… سر گريئرسن جي هڪ سئو سالا پراڻي نظريي تي نئين سر نظر وڌي وئي آهي ۽ نتيجا پيش ڪيا ويا آهن.” (مهاڳ: 5) مذڪوره ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: “سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف ماهرن جي نظرين جي اڀياس سر گريئرسن، برصغير جي ٻولين جي باري ۾ جيڪي نظريا پيش ڪيا هئا، سي اُن وقت (1919ع) ته بلڪل تازا ۽ نئين سوچ وارا پئي لڳا، پر پوءِ جيئن جيئن لسانيات جي موضوع تي يورپ، آمريڪا ۽ برصغير ۾ ماڻهن جو مطالعو وڌندو ويو ۽ نوان ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا ويا، تيئن تيئن ٻين موضوعن سان گڏ علم التاريخ ۽ علم اللسان وارن موضوعن تي ماڻهن جي سوچ ويچار ۾ به انقلابي تبديليون آيون” (الانا: 5، 6) ڊاڪٽر فهميده حسين جو هڪ ٻيو ڪتاب “سنڌو لکت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق” جي عنوان سان ستن مقالن جو مجموعو آهي، جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ جيڪي مقالا شايع ٿيل آهن، سي آهن: اسٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جو “سنڌو رسم الخط بابت دعويٰ جو ڊهي پوڻ ۽ پڙهيل لکيل هڙپائي تهذيب جو افسانو”، آسڪو پرپولا جو “ڇا سنڌو رسم الخط واقعي ۾ لکڻ جو سرشتو ڪونهي؟”، راجيش رائو ۽ ساٿين جو “سنڌو رسم الخط، پيغام رسانيءَ جي صلاحيت جي تور تڪ ۽ ٻولي-آر. اسپروٽ کي جواب” نشا يادَو ايم وهيا جو “سنڌو رسم الخط: نشانين جي نمونن جو مطالعو”، اِروٿم مهاديون جو “غير لساني سنڌو رسم الخط- هڪ اجايو بحث”، راجوٽ اين. پال جو “سنڌو- سرسوتي رسم الخط جي ڀاڃ تي هڪ نئين روشني” ۽ مذڪوره ڪتاب جو ستون ۽ آخري مقالو آهي، ڊيوڊ زيڪس جو “ڇا ڪمپيوٽر پنج هزار سال پراڻي ٻوليءَ جي ڀاڃ ڪري سگهن ٿا؟” انهيءَ کانپوءِ ڪتاب جي آخر ۾ ٻن ماهرن، آسڪو پرپولا ۽ اروٿم مهاديون جا انٽرويو شامل ڪيا ويا آهن. مذڪوره ڪتاب جا ٻه سئو چوويھ ئي صفحا قيمتي معلومات سان آراسته ٿيل آهن ۽ هرهڪ مقالي ۾ ڏنل معلومات ڌيان لهڻي ٿي. ڊاڪٽر فهميده حسين هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل مقالن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي. “مادري زبان طور هڪ وسيع جهان آهي. ڳالهائڻ وارا اُن جا محافظ آهن. اُهي غير شعوري طور ڄڻ زبان کي ترقي ڏيارڻ ۾ مصروف آهن. عالم ۽ اسڪالر شعوري طور زبان جي وسعت ۽ باريڪين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.” (جوڻيجو: 2008، مهاڳ)

اسان کي سنڌي زبان جي ڪيترن ئي ننڍن لهجن ۽ محاورن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي لاڙي محاوري کي سمجهڻ لاءِ لساني اصول مدنظر رکڻا پوندا وينجنن، وسرگ کي اوسرڳ ڪرڻ، اسمن، ضميرن ۽ صفتن جي استعمال ۽ ماڻهن جي تخاطب جي صيغن تي ڌيان ڌرڻو پوندو. “اهڙيءَ طرح لاڙ جي نرالائي هر پهلو ۾ آهي. ڪيترائي لاڙ جا منفرد لفظ به آهن. محاوري کي سمجهڻ لاءِ لاڙي لفظن جي ذخيري جو قدري تفصيلي اڀياس ڪرڻ کپي.” (جوڻيجو: 2008، 29) هميشه ڪنهن به موضوع تي ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ذهن ۾ خاڪو تيار ڪرڻ گهرجي نه ته انهيءَ ڪم جا نتيجا درست حاصل ٿي نه سگهندا. ڇاڪاڻ جو تحقيق جو اصول آهي ته پراڻا ليڪا ڪٽڻا نه هوندا آهن، پر دور حاضر جي حالات ۽ واقعات کي مدنظر رکي پنهنجي حصي جي نئين تحقيق جو نئون رنگ ڍنگ پيش ڪرڻو هوندو آهي. ايئن به ضرور آهي ته نئين تحقيق پراڻي تحقيق جي روشنيءَ ۾ اسرندي آهي، انهيءَ کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. مذڪوره مقالو سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو، ليڪن اُن ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري سمجهيو ويو آهي ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي اکرن کان ويندي صورتخطيءَ تائين اسان جي ماڻهن جا ڪهڙا رايا آهن، تن جي روشنيءَ ۾ در پيش مسئلن جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون. اسان جي سنڌي الف- ب کان ويندي لفظن جي صورتن ۽ صورتخطي ۽ گرامر جي مذڪر توڙي مؤنث جا مسئلا موجود آهن. اسان جي پٽيءَ ۾ ڪي اکر اهڙا آهن جن تي ڪيترن جو اعتراض آهي ته انهن مان ڪوبه هڪ اکر مقرر هجي مثال طور: ف، ڦ، ذ، ز، ظ، ض، س، ث، ت، ط، ق. ڪ، خ، ک، ح، ھ وغيره ۽ اڄ تائين همزو “عه” جي شڪل ۽ صورت کي به نه سمجهي سگهيا آهيون. اهڙا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جو حل اسان جي سنڌي صورتخطي ۾ موجود آهي، پر سمجهي نٿا سگهون. ڇاڪاڻ جو سمجهائڻ وارا به ڳالهيون گول مول ڪري جان ڇڏائين ٿا. هي هڪ سچ به آهي ۽ حقيقت به، اسان جي سنڌي زبان جي عالمن جون وڏيون خدمتون آهن، ليڪن انهن جي ڪتابن جو مطالعو نه ڪرڻ جي ڪري مسئلا نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيا عالم جن انهيءَ موضوع تي فخر جوڳو ڪم ڪيو آهي. اسان جي سنڌي زبان ۾ علم صوتيات بابت هڪ چڱو ڪم ٿيل آهي انهن اکرن کي سمجهائڻ جو حل سنڌي صوتيات ۾ واضح نظر اچي ٿو. مذڪوره اکرن کي تبديل ڪرڻ سان معنائون به بدلجي وينديون ۽ سنڌي زبان جي هڪ وڏي ذخيري جي ضايع ٿيڻ جو پڻ امڪان ٿيندو. سنڌي ٻوليءَ بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: “سنڌي زبان جي “بڻ بڻياد” تي تاريخي لسانيات(Historical Linguistic) تي ڪافي زماني کان بحث هلندڙ آهي. ڪن بزرگن ته انهيءَ سلسلي ۾ جذبات کان ڪم ورتو آهي ۽ سنڌيءَ جي موجوده تحريري صورت کي بنياد بڻائي پنهنجو هڪ مخصوص نظريو قائم ڪيو اٿن. انهن صاحبن روز مره واري ٻولي(Spoken Language)  جي ساخت ۽ سٽاءُ توڙي صرف و نحو جو جائزو تشريحي لسانياتDescriptive Linguistic جي روشنيءَ ۾ نه ورتو آهي. جيتوڻيڪ ڪن صاحبن هن ڏس ۾ پنهنجي نظر ڊوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي به آهي، پر انهن جا نتيجا به محض ضمني آهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌي آوازن(Sounds)  ۽ انهن جي تحرير ٿيل صورتن Written Symbols کي هڪٻئي ۾ منجهايو ويو آهي ۽ صوتياتي اصولن تحت سنڌي آوازن جو جائزو نه ورتو اٿن. ساڳي حالت سنڌي صرف و نحو جي به ڪئي ويئي آهي نه صرف سنڌي صوتيات جي نظام جو مطالعو غير اطمينان بخش آهي، پر سنڌي صرف و نحو کي به عربي ۽ انگريزي صرف و نحو جي روشني ۾ جاچڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن.” (الانا: 1993، 10)

سنڌي ٻوليءَ بابت هن وقت تائين ڪيترن ئي هندو سنڌين ۽ مسلمان سنڌي عالمن سنڌي لسانيات بابت ڪيترائي جامع ڪتاب، مقالا ۽ مضمون رقم ڪيا آهن ۽ انهن معلوماتي لکڻين تي بحث مباحثا به ٿيا آهن. سنڌي زبان جي اصل نسل جي پرک لاءِ سنڌي ويا ڪرڻ جو سهارو وٺي تن جي روشني ۾ پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اسان اڄ جي دور جي لساني حوالي سان ڪيل تحقيق جو اڀياس ڪنداسين ته اِنهيءَ ڪم ۾ تشنگي محسوس ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو لساني ماهرن پنهنجي تحقيق ۾ اهو ڪونه ٻڌايو آهي ته عربي- سنڌي صورتخطي جي شروعات ڪهڙي دور ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ٿي، اهي ڪهڙا سبب هئا جو عربيءَ جا لفظ سنڌي زبان جي دامن ۾ داخل ٿيا. علمي ادبي، مذهبي، سياسي، سماجي يا تعليمي مسئلا ڪهڙا هئا، سي سڀ ڳالهيون تحقيق کان پري نظر اچن ٿيون ته ٻئي طرف بنيادي ماخذن کان مذڪوره تحقيق ڏور نظر اچي ٿي. اڪثريت اهڙن ماڻهن جي به ڏٺي وئي آهي جن سنڌي ٻوليءَ لاءِ گهٽ سوچيو آهي، پر پنهنجي ذات کي چمڪائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف نظر اچن ٿا. “عرب سياحن جي سفر نامن نه فقط سنڌ جي ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آهي، پر انهن سفر نامن مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ان ڪم لاءِ ايندڙ “لکتن” جي نمونن بابت به پتو پوي ٿو. جاحظ، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي احوالن مان ثابت ڪيو ويو آهي ته اسلام جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر اُها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي به ويندي هئي.” (الانا: 1993، 31)

موجوده دور جي محققن جيڪا سنڌي ٻولي بابت تحقيق پيش ڪئي آهي تنهن مان اهي چيزون به غائب آهن ته مغربي سياحن پنهنجين پنهنجين تصنيفات يعني سفر نامن ۾ جيڪا سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ معاشري بابت معلومات ڏني آهي سا معلومات به نئين پيڙهيءَ کي نٿي ڏني وڃي. عرب سياحن اهو به ٻڌايو آهي ته سنڌ جا هندو توڙي مسلمان جيڪو خط ڪم آڻيندا هئا تنهن بابت احوال لکيو آهي، پر موجوده دور جي محققن جي اڪثر تحقيق مان اهي بنيادي ماخذ نظرن کان اوجهل آهن ۽ پنهنجي تحقيق جا پنا پُر ڪرڻ لاءِ رڳو ڪي سطحي ڳالهيون نظر اچن ٿيون حالانڪه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ يا ڊاڪٽر غلام علي الانا بنيادي ماخذن کي هٿ ڪري پنهنجي مطالعي کي مستند بڻائيندي انهن ڳالهين کي آڏو رکي چڱي نموني هرهڪ ڳالھ ۽ معلومات تي ڌيان ڌريو آهي ته ديو ناگري، خواجڪي سنڌي، خدا وادي، شڪارپوري، سکر، لوهاڻا، ڀاٽيا، لاڙائي، ونگائي، راجائي، ٺٽائي، خدا آبادي، سيوهاڻي، ميمڻڪو، ڏاکڻي لهندا وغيره وغيره خطن جا نمونا ڏئي مثالي تحقيق پيش ڪئي آهي. اسان جڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب “سنڌي صورتخطي” جو اڀياس ڪيو ته اسان کي معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا موجوده سنڌ جي لساني جاگرافي کي ذهن ۾ رکي پنهنجي مطالعي کي بنيادي ماخذن سان سرشار ڪري مثالن، دليلن ۽ مشاهدي جي روشني ۾ جيڪي نتيجا اخذ ڪيا آهن تن کي ڏسي هڪ طرف سندس ڪم تي سرهائي محسوس ٿئي ٿي ته ٻئي طرف انهن ماڻهن تي افسوس پڻ ٿئي ٿو، جيڪي گهر ويهي رڳو ڪتابي بنيادن تي تنقيدن جا تير وسائن ٿا، پر انهن وٽ نه ڪي سنڌ جي لساني جاگرافي جو مطالعو آهي ۽ نه وري ذاتي مشاهدا آهن.! ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: “سنڌي لفظن کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ جو رواج يا ابتدا البيرونيءَ جي آمد واري دور (1010ع- 1030ع) کان گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي. البيروني 1017ع کان 1030ع واري عرصي ۾ هت سنڌ ۾ منصوره ۾ آيو، جڏهن ته پهريون سياح جاحظ جنهن جو احوال 864ع ۾ ملي ٿو، يعني البيرونيءَ جي اچڻ کان اڳ 153 سال اڳ جاحظ کانپوءِ هڪٻئي پٺيان ٻيا سياح به آيا، جيئن اصطخريءَ جو سن 951ع آهي. ابن حوقل جو سن 245ھ/16-915ع ڌاري سنڌ ۾ آيو. بشاري مقدسيءَ جي تصنيف جو سن 958ع/375ھ آهي، ابن نديم 377ھ/86-985ع ڌاري سنڌ جو احوال لکيو، پر البيرونيءَ جو احوال 1017ع کان 1030ع جو آهي، انهيءَ سڀني سياحن، مورخن، ماهرن ۽ جاگرافيدانن جي سفرنامن ۽ تذڪرن مان نه فقط سنڌ جي ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ بيان ڪيو ويو آهي، پر انهن سفرنامن مان سنڌي ٻولي، ان لاءِ ڪم ايندڙ رسم الخطن جي تعداد جي باري ۾ پڻ خبر پوي ٿي ۽ البيرونيءَ ته انهن رسم الخطن جا نالا به ڏنا آهن.” (الانا: 1993، 47) اسان هي احوال ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب “سنڌي صورتخطي” جنهن جو چوٿون ڇاپو اسان مطالعي هيٺ رکيو آهي تنهن مان حاصل ڪيوسين. هي سمورو ڪتاب هڪ سئو ستونجاھ صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي پنجويھ سنڌي ڪتابن، مضمونن ۽ مقالن ۽ اٺن اردو ڪتابن ۽ اوڻيھ انگريزي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ جي روشنيءَ مان تيار ڪيو ويو آهي. “فتح نامه سنڌ عرف چچنامو: سنڌ جي تاريخ بابت هي پهريون مڪمل ڪتاب آهي. هي ڪتاب اصل عربيءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن جو فارسي ترجمو 613 ھ/(1216ع) ۾ ٿيو. هن ڪتاب ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي ماڻهن، ماڳن، دريائن، ندين ۽ ڍنڍن، قومن ۽ ذاتين جا نالا عربي-سنڌي حروف تهجي ۾ ڏنل آهن. ٻين عربي ڪتابن ۾ سنڌ جي ڳوٺن، ماڻهن، دريائن، ماڳن ۽ مڪانن جا نالا عربي- سنڌي رسم الخط جي نموني ۾ لکيا ويا آهن، پر هن ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪتاب چچنامو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا هزارين لفظ، عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهن.” (الانا: 1993، 49)،

البيروني جي ڪتاب “الهند” ۾ ڏنل سنڌي لفظ:

“چچنامي کانپوءِ گهڻي ۾ گهڻا نج سنڌي لفظ محقق البيرونيءَ بيان ڪيا آهن. هن جو ڪتاب “ڪتاب الهند” ته سنڌ ۽ هند جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ آهي، جنهن ۾ ڳاڻيٽي جي انگن اکرن کانسواءِ ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ رنگن جا نالا، علم هئيت جا لفظ، گروهن ۽ سيارن جا نالا، طرفن ۽ ڏسن جا نالا، مهل ۽ گهڙيون، جدولون، مفاصلي جي ماپ لاءِ لفظن جون لڙهيون وغيره وغيره ڏنيون آهن.” (الانا: 1993، 64) اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب “سنڌي صورتخطي” ۾ ڏهن صفحن ۾ انهن لفظن متعلق معلومات ڏني آهي، تهڙي طرح فوٽ نوٽ ۾ ڪن ڪتابن جا حوالا ڏنا ويا آهن. مطلب ته حاضر دور جي تحقيق ۾ اسان کي ڀلي انگريزن جي دور کان ئي تحقيق ڪرڻ گهرجي، پر اڳ ۾ جيڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب لکيا ويا هئا تن جي معلومات پڙهندڙن کي ڏجي بهر صورت مطالعي کي مستند بڻائيندي علمي بنيادن تي پنهنجي طرفان ڪا نه ڪا اضافي معلومات ڏيڻ گهرجي. “ايلس، سنڌي صورتخطي کي جيڪو نئون “روپ” ڏنو، سو اڄ ڏينهن تائين ڪم اچي رهيو آهي. هيءَ صورتخطي 52 حرفن تي مشتمل آهي. عربي وارو “عه” به جيتوڻيڪ سنڌي صورتخطيءَ ۾ وينجن(Consonant)  طور شامل ڪيو ويو، پر دراصل سنڌي توڙي اردوءَ جي صوتيات ۾ وينجن طور ڪم نٿو اچي.” (الانا: 1993، 104)

همزو:

جيئن ته سنڌي الف-ب جي تختيءَ ۾ “عه” کي وينجن طور شامل ڪيو ويو آهي، پر اڄ ڏينهن تائين همزي جي درست استعمال کي سمجهيو نه ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هرهڪ ڄاڻوءَ کي خبر به آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ همزو “عه” ٻن سرن جي ميلاپ يا جوڙ(Sequence)  لاءِ ڪم آڻبو آهي. ٻن سرن جي جوڙ ۾ همزو هميشه پوئين سر(Second Component) جي بدران ڪم ايندو آهي.

مثال طور:

آخري ڇوٽي سُر جي بدران

لاءِ = ل + آ _ اِ = (‘اِ’ جي بدران ‘ءِ’

ماءُ = م + اَ _ اُ (‘اُ’ جي بدران ‘ءُ’

پيءُ = پ + اِي + اُ (‘اُ’ جي بدران ‘ءُ’

هُوءَ = ھ + اُ _ اَ (‘اَ’ جي بدران ‘ءَ’

مٿين لفظن ۾ ‘ءِ’، ‘ءُ’. ۽ ‘ءَ’ آخري ڇوٽن سُرن (اِ، اُ ۽ اَ) جي بدران استعمال ڪيا ويا آهن.” (الانا: 1993، ص، ص، 16، 17)

موجوده درو ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلا:

جڏهن کان وٺي انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاھ اکرن تي مشتمل الف- ب جوڙائي راس ڪئي آهي، تڏهن کان وٺي سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيترائي بحث مباحثا ٿيندا رهيا آهن. “حقيقت ۾ انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ئي  سنڌي ٻولي، هر شعبي ۾ ترقي ڪئي… بمبئي صوبي جي گورنر جي حڪم جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر، سر بارٽل فريئر، 1857ع ۾ هڪ حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ سڀني سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته اُهي سڀ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن، سر بارٽل فريئر، حڪم نامي ۾ واضح طور ڄاڻايو هو ته:

آئنده سڀ سرڪاري لکپڙھ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي وڃي.

يورپي ۽ ٻيا سڀ پرڏيهي عملدار، سنڌي ٻوليءَ  ۾ امتحان پاس ڪن ته جيئن اُهي سنڌ جي ڏيهي ماڻهن کان پنهنجي سر حال وٺي سگهن ۽ سنڌيءَ ۾ لکپڙھ ڪري سگهن.” (الانا: 2016، 16، 17)

سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي ۽ ترويج ڏيارڻ لاءِ نجي اشاعتي ادارن کان ويندي سرڪاري ادارن تائين نظر ڪجي ٿي ته انهن جو برابر ڪم ته اهميت جوڳو آهي ليڪن جيئن ۽ جهڙي نموني اهو ٿيڻ گهرجي اهو نه ٿي رهيو آهي. اسان جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي، ادبي، قومي ۽ اخلاقي ڪتاب شايع ڪري، سنڌي ادب کي مالا مال ڪري رهيو آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪيل آهن، جتي سنڌي ٻوليءَ ۾ اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي. انهن شعبن مان تحقيقي جرنل به شايع ٿي رهيا آهن. اسڪولن، ڪاليجن ۾ سنڌي زبان پڙهائي وڃي ٿي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي توڙي جو اڄ کان ٽيھ سال اڳ پهرين سيپٽمبر، 1991ع تي قائم ٿي چڪي آهي ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو جنهن جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ڪافي ترقي طرف گامزن آهي، پر انهن ادارن هجڻ جي باوجود به سنڌي زبان مسئلن جو شڪار رهي ٿي. سنڌي ميڊيا ۾ جنهن طرح سان ٻوليءَ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ ڪابه رنڊ روڪ ڪونهي. اڻپڙهيل عوام کي ته ڪوبه روڪي نٿو سگهي، ليڪن پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جو به انهن کي درست ڪرڻ جو نه اختيار آهي، نه وس! سنڌي زبان جو مختلف چينلن تي جنهن انداز سان ٻوليءَ جو استعمال ٿي رهيو آهي سو عمل به ڏکائيندڙ آهي. اسان جي سائي ستابي زبان کي ايئن چٿيو ٿو وڃي. بس هرڪو چوي ٿو وٺ رينگٽ کي، صحيح ۽ غلط تي ڪو جوڳو ڌيان نٿو ڏنو وڃي. شهري ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اردوءَ جي اثر ۾ اچي مذڪر ۽ مونث جو به ڪو خيال نٿا رکن. ڇاڪاڻ جو انهن کي شايد ڪو تربيت ڏيڻ وارو ڪونهي! رت، دل، موسم، ڪتاب، اخبار وغيره وغيره جهڙن لفظن جو غلط استعمال ٿئي پيو ته ٻئي طرف انهن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪريُن جي ڳالھ ٻولھ دوران ڪوبه وقفو ڪونهي. اخبارن، رسالن، فيس بڪ، خبرن، ڪالمن، خط، ايڊيٽوريل يا جيڪي مضمون ڇپجي رهيا آهن تن کي پڙهي ڪا اصلاحي راءِ ڏيڻ جي زحمت نٿي ڪئي وڃي جو انهيءَ بگاڙ کي گهٽائي سگهجي.

حوالا:

  1. ابڙو، آفتاب، ڊاڪٽر: 2016، ‘سنڌي ٻوليءَ جوتاريخي ڪردار’ (مقالو) ڪتاب: سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس، (مقالا)، ترتيب ۽ تدوين: پروفيسر فهميده حسين ۽ پروفيسر محمد سليم ميمڻ، حڪومت سنڌ، ثقافت ۽ سياحت کاتو.
  2. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: 1993، ‘سنڌي صُورُتخطي’ پاڪستان، سنڌ، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.
  3. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: 1995، ‘سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي’ (پهريون ڇاپو)، ڄامشورو، يونيورسٽي آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي.
  4. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: 2006، ‘سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا’، سنڌ-حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
  5. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: 2016، ‘سنڌي ٻوليءَ جي بقا بچاءُ ۽ ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن جو جائزو’ (مقالو) ڪتاب: ‘سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس’ (مقالا) ترتيب ۽ تدوين: پروفيسر فهميده حسين ۽ پروفيسر محمد سليم ميمڻ، حڪومت سنڌ، ثقافت ۽ سياحت کاتو.
  6. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: 2020، ‘سنڌي لسانيات تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو’ (پهريون ڇاپو)، سنڌ، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
  7. آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند: 1998، ‘سنڌي ٻولي جي تاريخ’ (پنجون ڇاپو) سنڌ، حيدرآباد، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ.
  8. ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر: 2008، ‘سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون’ (جلد -3) مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو، سنڌ حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
  9. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: 2008، ‘لاڙي ۽ ڪڇي-سنڌيءَ جا ٻه محاورا’ سنڌ، حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
  10. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: 2009، ‘سنڌيءَ جو بڻ بنياد’ (سنڌي ادب:)، سنڌ الاجيءَ جو ساليانه تحقيقي جرنل، جلد: 23، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي.
  11. فهميده حسين، ڊاڪٽر: 2000، ‘برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو’، سنڌ حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
  12. ملڪاڻي، منگها رام، پروفيسر: 1993، ‘سنڌي نثر جي تاريخ’ (ٽيون ڇاپو)، حيدرآباد/ڪنڍيارو، روشني پبليڪيشن.

***