طالبان کي واضح چيو ته نه اسان مداخلت ڪنداسين ۽ نه ئي افغانستان مان مداخلت ٿيندي: شيخ رشيد
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته طالبان کي واضح طور تي پيغام ڏنو آهي ته نه اسان مداخلت ڪنداسين ۽ نه ئي افغانستان مان مداخلت ٿيندي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته چمن ۽ طورخم بارڊر تي امپورٽ ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي، هن وقت سرحد تي پناهگيرن بابت ڪابه صورتحال ناهي. جڏهن ته اسان جي طرف اهي ماڻهو ايندا هئا جن کي اتر اتحاد ۽ ٻين قوتن سان تڪليف هئي، هن چيو ته اسان هر قسم جي حالتن جي تياري ڪري رکي آهي، وڌيڪ کُلي نٿو ڳالهائي سگهان، گهرو وزارت ۾ 24 ڪلاڪ ويزا جاري ٿي رهيا آهن، شيخ رشيد چيو ته بندش پيل ٽي ٽي پي ۽ داعش جا ماڻهو نورستان جي جبل ۽ نگار جي علائقي ۾ آهن، جيڪي طالبان سان رابطي ۾ آهن، ڪوشش آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي کي اسان جي خلاف افغان سرزمين استعمال نه ڪرڻ ڏئي ۽ طالبان کي واضح طور تي چيو آهي ته نه اسان مداخلت ڪنداسين ۽ نه ئي افغانستان مان مداخلت ٿيندي، هن چيو ته افغان بارڊر تي 98 سيڪڙو فينسنگ ٿي آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز موجود آهي، هن وقت تائين صورتحال اطمينان جوڳي آهي، ڪالهه به طورخم بارڊر کان ڪجهه پاڪستاني واپس آيا آهن.

