انٽرويوخاص

انٽرويو ليکڪ، دانشور ۽ صحافي نياز پنهور august 2021

نياز

تعارف:

سڀ کان پهرين ته مان توهان جو ۽ همسري سٿ جو ٿورائتو آهيان، جو اڄ توهان مون سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ هتي موجود آهيو. سچ پڇو ته هي ڪو رواجي جملو ڪونهي، مان پنهنجي دل سان اها ڳالهه چوان پيو. ڇاڪاڻ ته آئون همسريءَ جي مستقل پڙهندڙن مان آهيان ۽ ان جي معيار جو قائل آهيان. همسري جا جيڪي پرچا توهان جي ادارت هيٺ نڪتا آهن اهي اهم آهن. سنڌي ادب جي حوالي سان ۽ سنڌي سماج ۾ جيڪي تبديليون اچن پيون انهن تي توهان جي گهري نظر آهي. جڏهن توهان جو رسالو پرنٽ ٿي شايع ٿيندو هو تڏهن به مان ريگيولر خريد ڪندو هئس ۽ جڏهن هاڻي توهان هن کي مڪمل طور تي آن لائين ڪيو آهي ته پهرين کان مون کي سستو ٿو پوي. ڇاڪاڻ ته مان هاڻ ان جو پرنٽ آئوٽ ڪڍرائي بائينڊ ڪرائي پوءِ ان کي پڙهندو آهيان. جن اهم دوستن ۽ شخصيتن جا توهان انٽرويو ڪيا آهن جيڪي تمام وڏيون ۽ قدآور شخصيتون آهن جن جو سنڌي ادب ۾، سنڌي سماج ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ توهان ان ساڳي سٿ ۾ منهنجو انٽرويو به ڪيو پيا منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي. ٻي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته جنهن قسم جو منهنجو ڪم رهيو آهي اخبار، ريڊيو ۽ ٽي. وي تي مون انهن ڪمن سان گڏوگڏ انٽرويو به تمام گهڻا ورتا آهن. ڊڄي ڊڄي چوندس ته لڳ ڀڳ هزار جي ويجهو انٽرويو ڪيا هوندم، پر اڄ پهريون دفعو انٽرويو ڏيان ٿو پيو ۽ مون کي اندازو ٿئي پيو ته جيڪي انٽرويو ڏيندا آهن انهن جي دل جي دڙڪن ڪيئن هوندي آهي، وٺڻ واري کي ته پرواهه نه هوندي آهي جو ان وٽ سوال نامون تيار هوندو آهي، ڏيڻ وارو گهٻرائيندو پيو آهي. هاڻي ٿورو تعارف ڪرايان ته آئون هڪ پورهيت ڪلاس جو حصو آهيان منهنجو والد صاحب محمد ابراهيم پنهور پاڻ ڳوٺ شادي پلي ضلعي عمرڪوٽ ۾ رهيو ۽ پڙهيو. 1950ع ۾ بابا جي ميٽرڪ ٿيل هئي، بابا ڳوٺ جو پهريون فرد هو جيڪو ميٽرڪ تائين پڙهيو باقي بابا جا ٻيا مٽ مائٽ، سئوٽ ماسات اهي يا ته ٻڪريون چاريندا هئا يا وري ٻنيون سنڀاليندا هئا يا وري ڪن جا شهر ۾ ريزڪي دڪان هوندا هئا، ڪنهن جا ڪپڙي جا دڪان هوندا هئا. منهنجي ڏاڏي نيڪ محمد پنهور بابا کي پڙهايو پوءِ بابا ميرپورخاص ۾ آيو ۽ پوءِ حيدرآباد مان انٽر ڪئي. منهنجو جنم 15 جولاءِ 1963ع تي شادي پلي ۾ ٿيو. منهنجي امان حيدرآباد سان تعلق رکي ٿي پاڻ ناريجو خاندان مان آهي. ان وقت ۾ بابا جي ڪا مائٽياڻي حيدرآباد ۾ رهندي هئي جنهن ناريجن مان بابا جي لاءِ سڱ ورتو ۽ منهنجي امان مختيار بيگم سان بابا جي شادي ٿي وئي. اها شهر جي ڇوڪري هوندي به بابا سان شادي کانپوءِ ڳوٺ اچي وئي ۽ پوءِ ڳوٺ ۾ هن زندگي گذاري جيڪا سخت هئي اها به اسان ڏٺي. بابا جو مزاج پنهنجو هو جيستائين آئون پندرهن سالن جو نه ٿيو هئس تيستائين بابا ڪنهن هڪ جاءِ تي ٽڪي نوڪري نه ڪئي، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي، جنهن جا مختلف سبب هئا. امان ٻڌايو ته اسان جو پيءُ ٻه نمبري ڪم نه ڪندو هو، نتيجي ۾ کيس مشڪلاتون سهڻيون پيون ڳالهه چٽي ڪندو هو، ان ڪري ڪڏهن بابا جي نوڪري ڇهن مهينن جي هوندي هئي ته ڪڏهن سال جي يا وري ڪڏهن ٽن سالن جي ايئن پيو قصو هلندو هو. بابا جيڪا مستقل نوڪري ڪئي اها سنڌ يونيورسٽي ۾ 1971ع ۾ ڪئي ۽ 1994ع ۾ بابا جو انتقال ٿيو. منهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ شادي پلي جي آهي. بابا جي لڏپلاڻ جي ڪري مون پهريون درجو ٽي دفعا پڙهيو. پهرين هڪڙي دفعي پڙهي جڏهن امتحان ڏيڻ جو ٽائيم آيو ته بابا ڳوٺ هليو ويو، وري اتي پهرين ڪلاس ۾ داخل ڪرايائين اتي امتحان جو ٽائيم آيو ته بابا حيدرآباد ۾ اچي ويو ۽ وري حيدرآباد ۾ اچي پهريون درجو پڙهيم. ان ڪري اهو مون کي پڪو آهي. (کلندي)

چوٿين ڪلاس کانپوءِ مون حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڇهين کان وٺي ميٽرڪ تائين يعني 1974ع کان وٺي 1979ع تائين ماڊل اسڪول حيدرآباد اولڊ ڪئمپس ۾ پڙهيس. ان کانپوءِ مون به ٿوريون رولاڪيون ڪيون، مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ڊپلومه جو ڪورس ڪيم، پوءِ ڳالهه مون کي سمجهه ۾ ڪونه آئي ته پرائيويٽ انٽر جو امتحان پاس ڪيم، پرائيوٽ بي. اي ڪيم، ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتم جتي 1983ع ۾ پهرين پاڪستان اسٽڊيز ۾ ايم. اي ڪيم، پوءِ جرنلزم ۾ پوءِ سنڌي ۾ ايم. اي ڪيم ايئن ٽي ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيم، فائدو ان مان جرنلزم ۾ ٿيو جو مون کي هن شعبي ۾ ڪم آئي. اهو منهنجو ادب سان بنيادي تعارف آهي، ادب سان منهنجو شروع کان تعلق آهي.

زاهده ابڙو: توهان هڪ استاد جي طور تي به پنهنجو ڪريئر ٺاهيو هڪ استاد صحافت ۾ ڪيئن آيو ۽ انهن ٻنهي جو صحافت ۾ گڏ هلڻ ڪيئن ممڪن ٿيو ان جي باري ۾ ڇا چوندا.

نياز پنهور: ها ايئن ٿيو جو ٽيچر مان ٻه دفعا ٿيس. پهرين 1984-1983ع ۾ ميرپورخاص ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر جون پوسٽون آيون مون ان ۾ اپلاءِ ڪيو ۽ ان ۾ چونڊجي ويس. جتي منهنجي پوسٽنگ ٿي اهو هو ڊينگاڻ ڀرڳڙي جيڪو شهر کان گهڻو پري هو جتي آئون ڪم نه ڪري سگهيس ۽ ڇڏي آيس. جرنلزم ۾ منهنجو اچڻ 1983ع ۾ ٿيو، شمشيرالحيدري صاحب 1983ع ۾ مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ هن کي ڪجهه ماڻهن جي ضرورت هئي، جنهن ۾ سب ايڊيٽر ۽ پروف ريڊرن جي ضرورت هئس. خان محمد پنهور صاحب وٽ هو گهڻو ايندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪالونيءَ ۾ رهڻ جي ڪري آئون به خان محمد پنهور وٽ مستقل بنياد تي گهڻو ايندو ويندو هئس. مفت جي ماني به ملندي هئي، پڙهڻ لاءِ اخبار به ملندي هئي. اسان سڄو ڏينهن ڪمري ۾ منڊلي مچائي ويٺا هوندا هئاسين. ان دوران شمشير صاحب مون کان پڇيو ته مان ڇا پيو ڪريان ته مون کيس ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ ۾ پڙهان ٿو. چيائين ته مون وٽ مهراڻ اخبار ۾ جڳهه آهي تون اتي مون وٽ ڪم ڪر. آئون 1983ع ۾ مهراڻ اخبار ۾ پروف ريڊر طور داخل ٿيس. 1983ع کان 1990ع تائين ايتري ته شوق ۽ جذبي سان ڪم ڪيم جو مان مهراڻ جو نيوز ايڊيٽر ٿي ويس ۽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ وري ڪاوش آئي. علي صاحب سان هونئن به منهنجي ٿوري دعا سلام هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ مان کيس پنهنجي شاديءَ جو دعوت نامون ڏيڻ آيس ۽ علي صاحب انهن ڏينهن ۾ ڪاوش اخبار جي پلاننگ ڪري رهيو هو ۽ هن مون کي ڪاوش ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي، هن چيو، ”اسان نئين اخبار ٿا ڪڍون“، مون چيو ٺيڪ آهي. 03 آگسٽ 1990ع تي اخبار نڪتي، ان دوران مانJST  واري نوڪري ته ڇڏي چڪو هئس. هتي اچڻ کانپوءِ مون سرڪاري نوڪري نه پئي چاهي صحافت ۾ ڏاڍو خوش هئس مزو پيو ايندو هو. موٽ ڏاڍي پئي ملي، پر منهنجي گهرواري کي شوق ٿيو ته مان نوڪري ڪريان. پوءِ هڪ دفعو پبلڪ سروس ڪميشن جون ڪجهه پوسٽون آيون ۽ منهنجي گهرواريءَ بابا کي چيو ته بابا هي فارم به وٺي آيو آهي، پر جمع نه پيو ڪرائي. پوءِ بابا اهو فارم مون کان ورتو ۽ پاڻ ئي ان کي ڀريو ۽ جمع ڪرايو اها 1993ع جي ڳالهه آهي. جڏهن انٽرويو ڏنم ته بابا حيات هو جڏهن نوڪري جو آرڊر مليو ته بابا گذاري ويو هو. منهنجي مسز جو شوق هو ته سرڪاري نوڪري ڪريان ۽ 1994ع ۾ جيئن ئي آرڊر مليو ته اچي پنهنجي ايڊيٽر سان مليس ۽ کيس چيم ته اگر توهان اجازت ڏيو ته ڪم جاري رکان نه ته موڪلايان. انهن چيو ته اسان کي ته ڪوبه اعتراض ڪونهي توهان جي ٻي پارٽي کي اعتراض نه هجي، مون چيو ته ٻي پارٽيءَ کي اعتراض ٿيو ته ڏسنداسين. صحافت لکڻ پڙهڻ جو ڪم آهي ۽ آئون به باقائده بحث ڪندو رهندو آهيان ته جيڪڏهن آئون هڪ استاد به هجان ۽ پاسي ڏهي ۽ لسي کپايان ته سرڪار کي ڪو اعتراض نه ٿيندو ته پوءِ منهنجي صحافت تي به اعتراض نه هجڻ گهرجي ته مان ڪو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪريان. 1994ع کان اڄ ڏينهن تائين سروس اچي 26 يا 27 سالن تي پهتي آهي. ان دوران ڪڏهن شوڪاز، ڪڏهن سسپينشن مڙئي قصو هلندو اچي، اسين به اچي پهتا آهيون. صحافت ۽ ٽيچنگ جو تجربو ايئن گڏوگڏ هلي ٿو پيو مون کي ٻنهي ۾ مزو ٿو اچي ۽ مان ٻنهي ۾ ڪميٽمينٽ سان ڪم ڪريان ٿو. منهنجا شاگرد تمام وڏي تعداد ۾ موجود آهن. مان ته چوندس ته ڪوبه اچي منهنجي ڪلاس ۾ ڏسي ته مان ڪيترو ڪم ڪريان ٿو. پنهنجي سبجيڪٽ جي ڪيئن تياري ڪري وڃان ٿو. بي. اي ۽ ايم. اي جا شاگرد ايترائي تعليم يافته هوندا جيترو استاد هوندو. هونئن به اڄڪلهه جو ٻار رواجي ٻار ناهي. اهي ڪوبه سوال پڇي سگهن ٿا ۽ مان به انجواءِ ڪندو آهيان.

زاهده ابڙو: ذوالقفار علي نياز پنهور ڪيئن ٿيو؟

نياز پنهور: ٿيو ايئن جو مون کي شاعريءَ جو شوق ٿيو، ان جو به سبب هو ته اسان جو هڪ استاد هو جيڪو اسان کي پاڻ تخلص ڏيندو هو. نالو هئس غلام اڪبر ذات جو ڪلر هو، پاڻ به شاعر هو، ميرپورخاص ۾ رهندو هو، ان کي شوق هو ته شاگردن کي تخلص ڏي، هن پنهنجو به تخلص رکيو هو ”خادم“ غلام اڪبر ڪلر ”خادم.“ ٻيو اسان جو هڪ دوست هو اڪبر پنهور ان جو تخلص رکيائين ”عظيم“ ۽ منهنجو تخلص رکيائين ”نياز“ 1971ع جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان اڃان حيدرآباد نه آيا هئاسين. ريڊيو تي ٻارڙن جي ٻاري ۾ اسان جي نالي سان ريڊيو پاڪستان تي ڪڏهن ڳجهارتون ته ڪڏهن لطيفه، ڪڏهن ڪنهن سوال جو جواب ايئن هو منهنجي نالي ذوالفقار علي سان نياز پنهور لکي موڪليندو هو. 1974ع ۾ مون پنهنجو هڪ شعر لکيو جيڪو حب الوطني تي هو، اهو شعر سائين اڪبر صاحب ڏٺو. بهرحال لکڻ جي شوق جو وائرس سائين اڪبر اسان جي مٿي ۾ وڌو ۽ پوءِ وقت سان گڏوگڏ جيئن جيئن شيون سمجهه ۾ اينديون ويون، ڪتاب پڙهياسين ته ٿورا گهڻا شعر لکڻ شروع ڪياسين. ڄامشورو ته سنڌي ادب جو ڄڻ تهHub  هو ليکڪن جي هتي هڪCream  موجود هئي. سائين ظفر صاحب، ولي رام ولڀ، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، ادي تنوير جوڻيجو، ادي خيرالنساءِ جعفري، ادي ليليٰ بانا ڪنهن جا ڪنهن جا نالا وٺجن. وري پوءِ اسان نوجوانن جي هڪ ٽيم هئي، آئون آهيان، ڊاڪٽر محمود مغل، پرويز پٺاڻ، بلبل کورواهي، عابد مظهر، سائينداد ساند، اڳيان هو پويان اسين. ان ڪري هتي هڪ سڄو ماحول هو لکڻ ۽ پڙهڻ جو، سنڌي ادبي سنگت جون شاخون هونديون هيون، ان حساب سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به شاخ هوندي هئي. پهرين ان جو سيڪريٽري ٻٻر کورائي هو پوءِ عابد مظهر ٿيو، پوءِ پندرهن سال کن آئون سيڪريٽري رهيس. اهي سڀ ليکڪ گڏجاڻين ۾ ايندا هئا ۽ پنهنجون لکڻيون پڙهندا هئا. گڏجاڻي هر اربع تي ٿيندي هئي. پوءِ مون ته نعرو ٺاهي ڇڏيو ته ”بابا اربع خطا نه ڪجو، اربع تي ضرور اچجو.“ تمام گهڻا ليکڪ ايندا هئا. علي بابا به ان ۾ ٻاهران شريڪ ٿيندو هو ته عبدالواحد آريسر به ٻاهران ايندو هو، همايوني صاحب ايندو هو، امداد حسيني ايندو هو ته انهن سڀني جي موجودگيءَ ۾ اسين پنهنجون ڪچيون ڦڪيون شيون مستقل بنيادن تي پڙهندا هئاسين، جنهن ۾ تنقيد به ٿيندي ۽ اصلاح به ٿيندي هئي ۽ نتيجي ۾ سکيا ٿيندي هئي ۽ ايئن قصو هلي پيو.

زاهده ابڙو: توهان صحافت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي، ٻڌايو ته صحافت توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟

نياز پنهور: هن کي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي زاويي سان ڏسي ٿو. جيڪڏهن آئون اخبار جو مالڪ هجان ها ته صحافت ڏي ڏسڻ جو منهنجو پنهنجو هڪ انداز هجي ها. شايد اهو منهنجي لاءِ هڪ ڪاروبار هجي ها، گذر سفر جو ذريعو هجي ها، جيئن ٻيا دنيا جا ڪاروبار آهن انهن وانگي هيءُ به ڪاروبار آهي. وري هڪ صحافي جي زاويي سان ڏسبو ته هو چوندو ته هن ۾ جيڪا سگهه آهي، جيڪا ڄاڻ آهي، تجربو آهي، جيڪي اسڪل آهن انهن جو مظاهرو ڪندو. مون سان بلڪل ابتڙ ٿيو. آئون جڏهن جرنلزم ۾ آيس ته اهي شيون ته منهنجي ذهن ۾ هيون ئي ڪونه. جيئن مون ٻڌايو ته شمشير صاحب مون کي وٺي آيو، پر انهن ڏينهن ۾ ادبي ڪلاس تمام گهڻا ٿيندا هئا ۽ سياسي ڪلاس به گهڻا وٺندا هئاسين. پوءِ جيڪو به سماج ۾ ٿيو پئي، غلط يا صحيح، انساني حقن جا مسئلا ڪهڙا آهن، سنڌ جا مسئلا ڪهڙا آهن، سماجي مسئلا ڪهڙا آهن، فنانس جا ڪهڙا مسئلا آهن، پاڻيءَ جا مسئلا، عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جا مسئلا يقين ڪريو ته مون پنهنجو پاڻ کي صحافي ايئن ئي سمجهيو ته جيڪڏهن مان سياست ۾ هجان ته هڪ سياست وارو ڪردار ادا ڪريان ها. ادب ۾ مون لکڻ ۽ پڙهڻ وارو ڪم ڪيو. صحافت ۾ مون شعوري ڪوشش ڪئي ته سماج جي بهتريءَ لاءِ جيڪو ڪردار سوچي ٿو اسان ايئن ئي عملي طور تي ڪيو. اسان جرڳن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو. جرڳو هڪ متوازن عدالتي نظام طور ڪم ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ چار خون هيڏانهن معاف ٿي ويا ته چار هوڏانهن معاف ٿي ويا. عورت جي لڄالٽ جي قيمت اها آهي ته توهان ان جي بدلي ۾ هڪ ٻي عورت ڏيئي ڇڏيو. ان قسم جون جيڪي اڻ برابريون ۽ رويا هئا انهن جي خلاف اسان انگن اکرن سان ماڻهن کي ٻڌايوسين ته سنڌ جو فنانس ۾ ڪيترو حصو ٿو ٿئي ۽ سنڌ کي ڪيترو حصو ملي پيو، سنڌ جي آدمشماري ڪيتري آهي ۽ ڪيتري ظاهر ڪئي پئي وڃي. نتيجي ۾ اسان جا حق ڪيئن غضب ٿيندا، سنڌ جي پوزيشن ڇا بيهندي، فنانس ۾ اسان جو حصو پتي ڪيترو بيهندو، پاڻي ڪيترو آهي ۽ سنڌ کي معاهدي مطابق ڪيترو پاڻي ملڻ گهرجي. يقين ڪريو ته اسان شعوري طرح صحافت ۾ اهو ٽارگيٽڊ ڪم ڪيوسين ته جيئن عوام جي شعور ۾ اضافو ٿئي، مون وٽ صحافت جي معنيٰ اها آهي. هاڪر وٽ وري ان جي ٻي معنيٰ آهي ته سئو ڪاپيون کپنديون ته کيس ڪيترو حصو ملندو. مالڪ لاءِ وري اهو خيال هوندو ته ڪيترا اشتهار ملندا ڪيتريون ڪاپيون کپنديون. بيوروڪريسي وٽ وينداسين، سياستدانن سان ڳالهائينداسين، اليڪشن جون سيٽون ملنديون، سينيٽر شپ ملندي. هنن وٽ پنهنجون معنائون آهن ۽ مون وٽ اها معنيٰ آهي جيڪا ٻڌايم. مان رڳو پاڻ لاءِ نٿو چوان، پر 1990ع کانپوءِ جيڪا سنڌي صحافت آئي آهي ان ۾ تمام گهڻا ماڻهو آهن جن شعوري طرح پنهنجو هڪڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ صحافت اندر پنهنجي لاءِ هڪ مورچو ڳوليو. هڪڙا ماڻهو جيڪي سياست مان بيزار ٿي چڪا هئا، انهن ڏٺو پئي ته سياسي ليڊرن جو ڪردار ڇا آهي، شايد اهي ان مان مطمئن نه هئا. تنهنڪري تمام گهڻا نالا آهن، جن ۾ ناز سهتو، لالا رحمان، ملاح، رشيد راڄڙ، ارشاد گلاباڻي، عطا راڄڙ، سهيل سانگي، اعجاز منگي، فقير محمد لاشاري هئا. انهن ۾ ڪي ليفٽ جا آهن ته ڪي قومپرستي جي سياست ڪن ٿا، پر انهن جو سڄو ذهن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ وطن سان ۽ ماڻهن جي مسئلن سان ڳنڍيل هو. انهن شعوري طرح اتان نڪري، سوچي سمجهي اچي صحافت ڪئي. توهان ڏسندئو ته اها پوري هڪ تاريخ آهي پندرهن کان ويهن سالن جي تاريخ آهي. اسان کان اڳ جي صحافت تي تنقيد نٿو ڪريان، پر هر دور ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار آهي. ون يونٽ جو مسئلو آهي، ٻوليءَ جو مسئلو آهي، مارشل لائون آهن، سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍايون آهن، نوڪرين جا مسئلا هئا. ان کان اڳ جي صحافت به ڪم ڪيو پئي، پر اسان سمجهون ٿا ته 1990ع کانپوءِ هيستائين جيڪا صحافت آهي اها شعوري طرح ڪوشش ٿي ڪري ته سنڌ کي هڪڙي چڱي ماڻهوءَ جي حيثيت سان(son of soil) ٿي ڪم ڪيو انهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل ماڻهن جو وڏو حصو آهي. اها رڳو صحافت نه هئي، پر هڪ سياسي سوچ سان گڏ صحافت جو ڪم ڪيل هو.

زاهده ابڙو: توهان اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته ننڍي هوندي کان ئي ادب ۾ دلچسپي رهي ۽ نياز پنهور تخلص مليو توهان خاڪا به لکيا ۽ ادبي ڪم ڪيو، وري صحافت به ڪئي، پر جڏهن توهان صحافت ۾ ٿا اچو ته ادبي صفحو نٿا سنڀاليو، پر نيوز ايڊيٽر طور ٿا ڪم ڪريو. لڳي ٿو ته توهان جي اندر ۾ هڪ سياسي متحرڪ انسان موجود آهي جنهن توهان کان صحافت ڪرائي. انهن سڀني جاين ۾ توهان نياز پنهور کي ڪٿي ٿا رکو ته “هو سڀني کان ڀلو هن جاءِ تي آهي.”

نياز پنهور: ڳالهه اها آهي ته اهو فيصلو مون کي ڪرڻو آهي يا ڪنهن ٻئي کي. باقي مون کي ڪهڙي ڪم ۾ وڌيڪ مزو ٿو اچي يا آئون وڌيڪ ڪهڙي ڪم ۾ وڌيڪ مطمئن محسوس ڪريان ٿو يا منهنجي حاصلات ڪهڙي پاسي وڌيڪ آهي. ٻنهي پاسن جا پنهنجا مزا ۽ ڪاميابيون آهن. صحافت ۾ جڏهن ڏسندو آهيان ته ڪا زيادتي ٿي آهي يا ڪو فيصلو جرگيز ٿيو آهي، ڪنهن عورت سان ڪو ظلم ٿيو آهي يا ڪو گهر ٽٽي پيو ان قسم جي ڪا صورتحال ٿئي ٿي ته ان ۾ اسان رات جو ويهي فيصلو ڪريون ٿا ته هن خبر کي هينئن ترتيب ڪرڻو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اها شيءِ ٺيڪ ٿي وڃي ٿي ته ان جي سرشاري ٻئي ڪنهن شيءِ ۾ نٿا وٺي سگهو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي رات جو اٺين ڏهين ڌاري هڪ ڇوڪريءَ فون ڪيو ته مان گهوٽڪيءَ مان ٿي ڳالهايان ۽ منهنجا مائٽ مون کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري هليا ويا آهن، منهنجا ڀائر ۽ منهنجو پيءُ پاڻ ۾ جرڳو پيا ڪن، جرڳي جي نتيجي ۾ مون کي اندازو آهي ته مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. ان وقت موبائل جو دور به نه هو، هن الائي ڪيئن فون ڪيو، اها ڇوڪري هئي شائسته عالماڻي ۽ هن ڪاوش کان مدد گهري ۽ چيائين ته توهان چاهيو ته منهنجي زندگي بچي سگهي ٿي. اسان ان وقت ئي اتان جي ايس ايس پي کي ڳوليو ڇوڪريءَ جي ٻڌايل لوڪيشن کيس ٻڌائيسين ۽ ٻن ٽن ڪلاڪن جي اندر ان ڇوڪريءَ کيrescue  ڪيو ويو. هاڻي ته هوءَ ملڪ کان ٻاهر هلي وئي آهي. ان جي جيڪا حاصلات ۽ ڪاميابي آهي ان جي مقابلي ۾ توهان ادب جون سئو ڪهاڻيون لکي ڇڏيو، ڏهه خاڪا لکي ڇڏيو، جيڪڏهن توهان هڪ انسان جي زندگي بچائي ورتي ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. اهڙا ڪيترائي واقعا آهن جيڪي صحافتي زندگيءَ سان جڙيل آهن. وري جڏهن تخليقي ڪم ڏي ڳالهه ڪريون ٿا جيئن شاعري آهي يا خاڪو آهي يا وري ڪا ڪهاڻي آهي، ان پاسي به جيڪي ڪجهه لکان ٿو ته سڪون محسوس ڪريان ٿو، انجواءِ ڪريان ٿو ۽ ماڻهن جي جيڪا موٽ ملي ٿي ان جي به ڪا قيمت ئي ڪونهي. مون کي جيڪڏهن ڪروڙ رپيا ملي وڃن تڏهن به ايترو مزو نه اچي جيترو ڪنهن ڪهاڻي يا شاعريءَ جي موٽ ۾ ملي ٿو. منهنجي شاعري ڳائي ويندي آهي ته ان مان لطف اندوز ٿيندو آهيان. مون نيڪ نيتي، ايمانداري، ڪميٽمنٽ ۽ دل سان ڪم ڪيو آهي ۽ ٻنهي مان لطف اندوز ٿيان ٿو، پر سمجهان ٿو ته لکڻ پڙهڻ وارو ڪم جيڪو تخليقي آهي جيئن خاڪا آهن، شاعري آهي انهن جي عمر وڏي ٿئي ٿي. اخبار ۾ جيڪو ڪم ٿيو اهو مون اڪيلي جو ڪم نه هو اهو پوري ٽيم جو ڪم آهي، پر ان جي مقابلي ۾ منهنجو تخليقي ڪم منهنجي نالي سان آهي ڪتاب جي مٿان منهنجو نالو آهي. اهو مان نٿو ٻڌائي سگهان ته اهو ڪم سٺو ٿيو يا خراب اهو پڙهندڙ ٻڌائيندا، باقي اهو ئي ڪم منهنجو exclusive ڪم آهي. مون نه رڳو ايترو ڪم ڪيو آهي، پر مون سوَن جي تعداد ۾ گيت به لکيا آهن ته ڪهاڻيون به لکيون آهن. تقريريون، خاڪا ۽ ٽي. وي لاءِ اسڪيچز ۽ ڊراما به لکيا آهن، ان کان علاوه فيچر به لکيا آهن، جرنلزم ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيم. توهان چيو ته مان اخبار ۾ ادبي صفحو نه ڪڍيو، توهان کي ٻڌايان ته جڏهن مهراڻ اخبار ۾ هئس ته ادبي صفحي جو انچارج هئس ۽ ان وقت ۾ ڪيترائي ماڻهو هئا جيڪي جيلن مان ويهي ٻئي نالي سان لکندا هئا. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي تمام گهڻا ماڻهو جيلن ۾ هئا. ڄام ساقي صاحب ”ڄام بابيني“ جي نالي سان لکندو هو. اهو پرچو به تمام سٺو هو اڄ به اسان جا دوست ۽ ڀينرون ان پرچي کي ياد ڪن ٿا.

زاهده ابڙو: ادبي شوق ۽ تخليقي ڪم مان توهان لطف اندوز ٿيو ٿا ۽ اهو ذوق قدرت طرفان عطا ٿيل آهي، پر جڏهن ڪم جي چونڊ ڪريو ٿا ته صحافت جي چونڊ ڪريو ٿا جيڪو دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ وارو ڪم آهي. انهن مختلف قسمن جي پريشرز کي ڪيئن ٿا Manage ڪريو.

نياز پنهور: مزي جو سوال آهي ۽ اسان جي ڪيترن دوستن کي اها خبر نه هوندي ته ٽيهن سالن جو هڪڙو وڏو دور آهي ٽيهه سال اڳ جيڪو واقعو ٿيو هوندو، اهي ٻار ته وڏا ٿي ويا هوندا جيڪي ٽيهه سان پهرين ننڍا هئا، پر انهن ٽيهن سالن ۾ پريشرز تمام گهڻا آيا. جنهن اخبار ۾ آئون ڪم ڪريان ٿو اڄ به سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار آهي، ماڻهن جو زور هوندو آهي ته اسان جو مواد هن اخبار ۾ شايع ٿئي، لکڻ وارن کان وٺي سياستدانن تائين. هڪڙو اهڙو دور آيو جنهن ۾ هڪ خاص قسم جو دٻاءُ پيدا ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿيو. ڪراچي ۾ ڪي سياسي تنظيمون هونديون هيون، داٻا ڏيئي اخبار ۾ پنهنجي جاءِ وٺنديون هيون، نه رڳو جاءِ وٺنديون هيون، پر ماڻهو به ڀرتي ڪرائينديون هيون ته هي ماڻهو آهي جيڪو توهان وٽ سب ايڊيٽر يا نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪندو يا رپورٽر هوندو. اهو ڪم سنڌ جي تقريبن هر شهر ۾ به ايئن ئي ٿيندو هو. هتي به سياسي پارٽين ساڳيو رواج آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ ڪاوش اخبار تي پريشر ايندو هو، ٽيليفون جي ذريعي دٻاءُ وجهرايو ويندو هو يا ڪو ماڻهو موڪلي دٻاءُ وجهرايو ويندو هو. جسماني طور تي حراس ڪيو ويندو هو، تشدد ڪيو ويندو هو ۽ اسان جي اخبار کي نقصان پهچايو ويندو هو. اسان جي ڪاوش اخبار جا الائي ڪيترا رپورٽر فائرنگ ڪري شهيد ڪيا ويا. عزيز ميمڻ کي تازو ٻوڙي مارين، امير بخش بروهي آهي، شاهد سومرو، اورنگزيب ترڪ. هڪڙو فوٽو گرافر سانگي ذات هئس انهن کي شهيد ڪيو ويو. منهنجون ٻه دفعا گاڏيون ساڙيون ويون جنهن ۾ مان پاڻ سفر ڪري رهيو هئس، گاڏيءَ مان لاهي ان کي باهه ڏيئي ڇڏيائون، ٻي جيڪا هڪ وڏي وئگن هئي جنهن ۾ اسٽاف کي آفيس کان گهر ۽ گهر کان آفيس ڇڏيو ويندو هو، ٻي منهنجي پنهنجي ذاتي گاڏي جڏهن آئون آيس پئي ته ان مان لاهي گاڏي کي باهه ڏيئي ڇڏيائون. مون کي ڪافي دفعا ڌمڪيون مليون، پر مون ان وقت طئي ڪري ڇڏيو هو ته جيڪو ٿيڻو آهي اهو ٿي رهندو، ان کان گهٻرائڻو نه آهي. پوءِ هڪڙو سياسي ليڊر هو مون کي فون ڪيائين ته توهان اسان جي خبرن کي صحيح جاءِ نٿا ڏيو سو اڄ توهان سان اسين ان جو معاملو ڪنداسين توهان کي سبق سيکارينداسين، مون به جواب ڏنومانس ته هونئن ته آئون ٻئي پاسي کان ويندو آهيان، پر اڄ رات تنهنجي آفيس جي سامهون لنگهندس توکي جيڪي به ڪرڻو آهي اهو ڪجانءِ. سوچيم ته ڊپ ۾ رهي زندگي نٿي گذاري سگهجي خوف کي لاهي اڇلائي ڇڏجي ته زندگي گذاري سگهجي ٿي. جيڪڏهن خوف ۾ رهندا ته توهان لاءِ روزانو موت آهي. هڪ ميٽنگ ۾ منهنجي هڪ دوست جيڪو اديب به آهي ان هڪ ذاتي ميٽنگ ۾ مون کي ٻڌايو ته اڄ هنن طئي ڪيو آهي ته توکي کڻندا هڪ ٻوري کي پسائيندا پسيل ٻوريءَ ۾ توکي بند ڪندا ۽ پوءِ ان جي مٿان لٺيون وسائيندا، پوءِ تنهنجي ٽنگ ٽٽي، مٿو ٽٽي، اها ڳالهه به مون ٻڌي رکي هئي ان جي باوجود به جڏهن ان ماڻهو مون کي چيو ته اسين توکي سبق سيکارينداسين ته آئون ان رات ان جي آفيس جي اڳيان لنگهيس، ڏٺم ته بائيڪ تي ڪجهه ماڻهو آيا پئي جيستائين منهنجو گهر آهي اوستائين منهنجي پٺيان آيا نه مون گاڏي تيز ڪرائي نه مون پوليس کي اطلاع ڏنو، نتيجي ۾ هنن کي ايتري همت نه ٿي جو هو مون تي سڌو حملو ڪري سگهن. جڏهن آئون گهر پهتس ۽ گاڏي فرلانگ کن ٻاهر پهتي ته انهن ان کي باهه ڏيئي ڇڏي. مون ان ماڻهوءَ کي چيو ته آئون هڪ اداري جو نمائندو آهيان ۽ تون سياستدان آهين مون کان وڌيڪ توسان ٿيندي مون سان جيڪو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو ته توسان جيڪو ٿيندو اهو ياد رکجانءِ. نقصان توکي وڌيڪ ٿيندو يا مون کي. اها ڳالهه مون اداري ۾ ڪري ڇڏي هئي ته اهو مون کي ٿريٽ آهي ۽ اڄ کانپوءِ جيڪڏهن ڪجهه به مون سان ٿئي ته ان جو ذميوار اهو ماڻهو هوندو. اهڙا واقعا ڪيترائي ڀيرا ٿيا ۽ ڊپ کي مون پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو. منهنجو پٽ انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ مختلف تنظيمن وارا ڇوڪرا کيس ڦري ايندا هئا ۽ چوندا هئس ته پنهنجي پيءُ کي سلام ڏيئي ڇڏجانءِ ۽ چوندا هئس ته جي اڄ اسان جي خبر نه ڇپجندي ته هينئن ٿيندو هونئن ٿيندو. منهنجي پٽ مون کي چيو ته مون کي هتان ڪڍو، پر مون کيس چيو ته نه کيس اتي ئي پڙهڻو آهي ۽ هو اتان پڙهي نڪتو ان جو مطلب اهو آهي ته منهنجي خاندان کي به دٻاءُ برداشت ڪرڻا پيا.

زاهده ابڙو: هڪ ڪامياب صحافي جون ڪهڙيون ٻه ٽي خوبيون ٿي سگهن ٿيون؟

نياز پنهور: ڳالهه اها آهي ته رڳو جذبو ڪم جو ناهي ايئن به ناهي ته زنده باد زنده باد مرده باد مرده باد سان هلجي. اوهان جون پروفيشنل گهرجون جيڪي هڪ صحافي لاءِ ضروري آهن اهي ڪنهن صحافي ۾ هجڻ تمام ضروري آهي. پهرين ته ڪنهن به صحافيءَ کي صحافت ڪرڻ کان پهرين ان ڳالهه جي خبر هجڻ کپي ته صحافت آهي ڇا، ان جون اخلاقي گهرجون ڪهڙيون آهن، جڏهن ڪنهن سبجيڪٽ تي توهان ڪم ڪرڻ وڃو پيا ته توهان وٽ ان جي اٿارٽي ڪهڙي آهي، جنهن ماڻهوءَ وٽ توهان ڳالهائڻ ٿا وڃو يا انٽرويو ڪرڻ ٿا وڃو ان جي باري ۾ توهان کي ڪيتري ڄاڻ آهي، توهان پاڻ ڪيترا ذميدار آهيو، توهان پاڻ بذات خود اخبار ڪيتري پڙهو ٿا، سبجيڪٽ جي باري ۾ هڪ اخبار ۾ ڪا خبر ڇپيل آهي، پر مون ان کي ناهي پڙهيو ۽ آئون ان جو انٽرويو ڪرڻ ٿو اچان ته مطلب ته آئون ان ماڻهو کان مڪمل طور تي واقف ناهيان، آئون ڪنهن فيچر يا اسٽوري تي ڪم پيو ڪريان ته ان اسٽوري جي سمورن پاسن جي باري ۾ مون کي ڄاڻ رکڻ گهرجي. ان کان وڌيڪ ٻي ڳالهه جيڪا اهم آهي ته اڄوڪي دور جون جيڪي گهرجون آهن انهن تي به منهنجي نظر هجڻ گهرجي، آئون دنيا جون وڏيون ۽ سٺيون اخبارون پڙهندو رهان ته آمريڪا ۾ اخبارون ڇا پيون لکن، ته انڊيا جون اخبارون ڇا پيون لکن، انهن جي لکڻ جو انداز ڪيئن تبديل پيو ٿئي اسان جون انگريزي اخبارون ۽ اردو اخبارون ڪيئن پيون ڪم ڪن، توهان پاڻ ڪنهن اخبار ۾ ڪم ڪريو ٿا ان ۾ توهان جون ٻيون ڪنٽيمپرري اخبارون ڪيئن پيون ڪم ڪن. توهان سڀني کي گڏ کڻندئو ته توهان جي علم ۽ ذهانت ۾ اضافو ٿيندو. باقي قدرتي شيون آهن ڪنهن ماڻهو جي آءِ ڪيو ليول ۾ اضافو ٿيندو رهندو. آئون نيوز ايڊيٽر آهيان مون وٽ ته ڪو اهڙو ڪتاب ڪونهي جنهن کي پڙهڻ سان آئون چئي سگهان ته هيڊنگس ڪيئن ٺهنديون آهن، مون کي خبر پوي ته وزيراعظم جي خبر جي هيڊنگ هينئن ٺهندي آهي، اهو ته منهنجي پنهنجي فهم ۽ فراصت تي مبني آهي ته آئون انهن سڀني شين کي ڪيئن ٿو ڏسان ۽ صبح جو آئون جنگ، ڊان ۽ جيڪي ٻيون اخبارون آهن انهن جي خبرن جي برابر جي خبر ڏيان. ان کانپوءِ جون ڳالهيون آهن ته منهنجي اخبار انهن جي اخبار کان ڪيئن مختلف آهي. هڪڙو ريڊر آهي ان جي سامهون بازار ۾ پنجاهه اخبارون پيون آهن هو ڪاوش ڇو ٿو وٺي، ڪاوش جي ٽيسٽ ڇا آهي، ان ٽيسٽ تي اسان جنهن جنهن کي هيرائي رکيو آهي ۽ ماڻهن کي عادت ڏني آهي ته توهان ڪاوش پڙهو ته ان شيءِ کي برقرار رکڻ اسان جي لاءِ تمام ضروري آهي جيڪا هڪ ريڊر اسان مان گهر ڪري ٿو. منهنجو خيال آهي ته هڪ صحافي ۾ اهي سڀ بنيادي ڳالهيون هجڻ گهرجن، هو ڪڏهن به اهو نه سوچي ته آئون هڪ مقام تي پهچي چڪو آهيان ته هاڻي آئون عقلِ ڪل ٿي ويو آهيان، سکيا جو عمل آهي اسين روزانو ان مان گذرون ٿا، ٻين اخبارن کي پڙهون ٿا ڏسون ٿا، دوستن سان ملون ٿا ۽ انهن مان ئي سکون ٿا.

زاهده ابڙو: ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان جرنلزم ۾ ڪهڙيون آسانيون پيدا ٿيون آهن ۽ ڪهڙيون مشڪلاتن کي منهن ڏيو پيا؟

نياز پنهور: نئين ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ اسان کي ڪافي سهولتون ٿي پيون آهن نه ته هڪڙي خبر حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. ٻاهران کان جيڪي خبرون ٽيليفون تي وٺندا هئاسين انهن جا آواز ڪيڏي مهل صحيح نه ايندا هئا ۽ هڪ نالي تي ٻيو نالو اچي ويندو هو، اهي ته مشڪلاتون هيون، تصويرون ملي ڪونه سگهنديون هيون، ڪا تصور هٿ ڪرڻ پيا چاهيون ته اها تصور نه پئي ملي سگهي. ان کانپوءِ فيڪس آيو ته ڪجهه شيون آسان ٿي ويون، پر وري به تصويرن جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي هو. اهي ته هيون مشڪلاتون جيڪي حل ٿيون. ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ خاص طور تي پرنٽ ميڊيا کي نوان چئلينج سامهون آهن. هاڻي ته جيڪڏهن ڪو واقعو ٿئي ٿو، ڪا تقريب ٿئي ٿي ته نه رڳو اوڏي مهل ئي سوشل ميڊيا تي اچي ٿو وڃي، پر ماڻهو ان کي لائيو ٿا ڏسن. ڪا پريس ڪانفرنس آهي، ڪو مظاهرو آهي، ڪٿي ڪا لٺ بازي ٿي، ڪا بلڊنگ ڊهي پئي، ڪري پئي. جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪم بند ٿو ٿئي ته اتان کان پرنٽ ميڊيا جو ڪم شروع ٿو ٿئي. هاڻي توهان پنهنجن پڙهندڙن کي اها شيءِ ڏيو جيڪا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نه آئي هجي. هاڻي توهان ان جا موضوع چينج ڪندئو، توهان انهن جي انويسٽيگيشن ڪندئو ۽ ان جي گهرائي ۾ وڃي اهي تفصيل کڻي ايندا جيڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نه آيا آهن. منهنجي خيال ۾ ته اهي چئلينجز آهن جيستائين توهان جي ضرورت ناهي تيستائين توهان ڪا شيءِ تيار ئي نه ڪندوَ. پرنٽ ميڊيا ۾ اچي توهان کي پنهنجو پاڻ کي بچائي به رکڻو آهي ۽ پنهنجي افاديت، اهميت ۽ لاڳاپو ڏيکارڻو آهي. ان جي لاءِ اسان جرنلزم ۾ نئين نئين شين جي ڳولا ۾ هوندا آهيون ۽ نوان نوان موضوع کڻي اچون پيا. اخبار ۾ هڪ ته واقعاتي خبرون اچن ٿيون اهي اسان رپورٽ ڪريون پيا، پر ان سان گڏوگڏ نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال، اها ڪيئن آهي ۽ ان جا ڪهڙا فائدا آهن، اسان الڳ سان ان جا پيجز ڏيڻ شروع ڪيا آهن. مثال طور: زمين جو اشو آهي، زمين گهٽ آهي، پاڻي گهٽ آهي، آباديءَ جا اهي ذريعا جيڪي گهٽ پاڻي ۽ گهٽ زمين تي ٿي سگهن ٿا انهن جي باري ۾ اسان ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ شروع ڪئي آهي. ٻيو وري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون اچن پيون. ڪهڙين شين جي ذريعي نوجوان پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿا. ان حوالي سان معلومات فراهم ڪريون ٿا ۽ موضوع تبديل ٿيا آهن. اسان کي هڪ پڙهندڙ جي ضرورت بڻجڻو آهي، پهرين ريڊر اسان کان خبر جي لاءِ اخبار وٺندو هو، هاڻي اسان کي ويوز جي طرف ڪم ڪرڻو ٿو پوي.

زاهده ابڙو: ڇا توهان اخبار کي اِي پيپر ۾ تبديل ڪيو آهي؟

نياز پنهور: جيئن اخبار ۾ ڊيلي شيون ٿين پيون اهي سڀ کڻي اچون پيا، اڃان نيٽ جي ذريعي رکون پيا. ان جا آرڪائيوز ٺاهيون ٿا ته جيئن پوين پرچن کي ڪير ڏسڻ چاهي ته ڏسي سگهي ٿو، پر اسان کي هن وقت ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اسان اِي پيجز ڏانهن وڃون. ان حوالي سان دنيا ۾ جيڪي تبديلون اچن پيون ان طرف قدم وڌايون. جيئن هن وقت نيو يارڪ ٽائيمز، واشنگٽن پوسٽ ۽ ٽائيمز آف انڊيا ۽ هندستان ٽائيمز کي ڏسان ٿو ته اهي انهن شين کي کڻي اچن پيا. اهي اسان کي هارڊ ڪاپي ۾ ۽ گڏوگڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ وڊيوز به نظر اچن ٿيون. انهن جو ڄڻ ته اسان کي ٽي. وي چئنل به گڏوگڏ نظر اچي ٿو. بي بي سي جي ويب سائيٽ تي اسان کي خبرون به ملن ٿيون ته ان سان گڏوگڏ فيچر ۽ وڊيوز به ملن ٿيون.

زاهده ابڙو: صحافت ۾ انويسٽيگيٽو جرنلزم جي ڇا اهميت آهي؟

نياز پنهور: اهو صحافت جو تمام اهم ترين فيڪٽر آهي، جيڪي شيون توهان کي سامهون نظر اچن ٿيون اهي توهان رپورٽ ڪريو ٿا، پر ان جي پٺيان ڪهاڻي ڇا آهي؟ تفصيل ڇا آهن؟ پسمنظر ڇا آهي؟ ڪوبه واقعو يا ڪا ڳالهه يا ڪو ڏوهه يا ڪو حادثو ان جي پٺيان داستان ڇا آهي؟ ڪو ڪرائيم ٿيو آهي ته اهو ڪٿان کان شروع ٿيو آهي ۽ اهو ڪنهن شروع ڪيو ۽ ڪيستائين پهتو. اها بنيادي ڳالهه آهي ته جيستائين ڪابه بيماري جيڪا سطحي طور تي نظر اچي رهي آهي جيستائين ان جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ان جي گهرائي ۾ نه وڃبو ته ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي. اسان دانهون ڪندا رهياسين ته اسان جي سنڌ جا هي مسئلا آهن جيئن اسان اڳ ۾ فنانس جي ڳالهه ڪري آيا آهيون، سنڌ جا جيڪي مالي مسئلا آهن، اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو آهي. 1990ع کان اڳ اهي مسئلا ڪڏهن به اخبارن ۾ بحث هيٺ ڪونه آيا ته بجيٽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ڪيتري هوندي آهي، ان جي ورڇ صوبن جي وچ ۾ ڪيتري هوندي آهي ۽ اسان جو حصو باقي ڪيترو ٿو رهي، بعد ۾ اسان ان جي تفتيش ڪئي ته دنيا جا سسٽم ڇا آهن، پاڪستان جو سسٽم ڇا آهي، اسان جا وسيلا ڪيترا آهن اسان انهن مان ڪيتري پيداوار ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جو حصو ڪيترو ٿيندو. اسان جيڪڏهن سادي طور تي رڳو حڪومت جي ڏنل ڪاغذ ۽ پني کي ويهي رپورٽ ڪريون ته ماڻهن کي ڪا صحيح ڄاڻ ئي نه ملندي، پر اسان کي انهن سڀني شين کي تفتيش ڪري ٻڌائڻو پوندو ته انگ اکر هي آهن ۽ سنڌ جي حق تلفي هن ريت ٿي رهي آهي، پر اهو ته هڪ پاسو آهي توهان جنهن به شعبي ۾ وڃو ان ۾ انويسٽيگيشن ان ڪري ضروري آهي جو توهان ڪنهن به شيءِ جي صحيح ۽ غلط هجڻ جو تعين اوستائين نٿا ڪري سگهو جيستائين توهان ان جي تفتيش ۾ نه ويندا ان جا سمورا پاسا ڏسڻا پوندا، انهن جا هڪڙا بنياد آهن. اسان جرنلزم پڙهيو آهي جنهن کي 5W چوندا آهن جنهن ۾ Who, What When, Where, Why اچي وڃن ٿا. انهن سوالن جا جواب جيڪڏهن توهان خبر ۾ ڏيڻ چاهيو ته خبر ۾ به ڏيئي سگهو ٿا، پر جڏهن توهان انهن جي گهرائي ۾ وڃي ان جا ڪاغذ هٿ ڪندوَ، ان جا فيڪٽس ۽ انگ اکر هٿ ڪندوَ ۽ ان کي وري دنيا جي ٻين شين سان ڀيٽيندا جيئن پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ ان جي پنهنجي هڪ آزاد حيثيت آهي ۽ ان ۾ اسان کي ڏسڻو پوندو ته وفاقي حڪومت سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي لاءِ آئين جي مطابق ڇا ڇا پئي ڪري؟ ايئن اسان جي لاءِ هر حوالي سان انويسٽيگيشن تمام گهڻي ضروري آهي. ان جي هر معاملي جي سببن ڏانهن وڃڻو پوندو. پاڻ جيئن پهرين ڳالهائي آيا آهيون ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي ڪيئن ڌار ڌار ڪنداسين ته اهي اخبارون جيڪي انويسٽيگيشن ڏانهن وڃن ٿيون انهن جي ئي ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي. جيڪڏهن توهان کي 1990ع يا ان کان ٿورو پهرين وٺي وڃان ته ان وقت ”فرنٽيئر پوسٽ“ جي نالي سان هڪ انگريزي اخبار جيڪا پشاور ۽ ساڳئي وقت لاهور مان به نڪرندي هئي اها وڌ ۾ وڌ تفتيشي صحافت ڪندي هئي ۽ سنڌ جا مسئلا به کڻندي هئي. پوءِ وري جڏهن جنگ اخبار وارن دي نيوز اخبار ڪڍي ته ان ۾ به ريگيولر خبرن سان گڏ انهن انويسٽيگيٽو جرنلزم تي زور ڏنو. اسان جڏهن سنڌيءَ ۾ ڪاوش ڪڍي ته اسان جو بنياد ئي ان تي هوندو هو ته اسان انويسٽيگيشن ڪٿي ٿا ڪريون. منهنجو پنهنجن رپورٽرن کي سڀ کان وڌيڪ زور ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اهي تفتيشي رپورٽنگ ڏانهن وڃن. ان ۾ انهن جي تربيت جاري رهندي آهي.

زاهده ابڙو: هڪ صحافي طور هڪ صحيح ۽ غلط خبر کي ڪيئن پرکيندا آهيو؟

نياز پنهور: اڳ ۾ به عرض ڪيم ته اهڙين شين لاءِ ڪوبه نصاب نه آهي، اهو توهان جي صلاحيت تي منحصر آهي ۽ ڏسو ته توهان خبر ڪٿان پيا هٿ ڪريو، جنهن رپورٽر کان يا ماڻهوءَ کان توهان اها خبر وٺو پيا اهو ماڻهو بذات خود ڪيترو يقين جي قابل آهي. ان جي ساک ڪيتري آهي، اها توهان کي ڏسڻي پوندي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه شيون اهڙيون منظر تي نظر اينديون پيون آهن جنهن مان اسان اڳواٽ ئي اندازو لڳائڻ شروع ڪندا آهيون ته ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن کي پنهنجي تجربي جي بنياد تي ڏسندا پيا آهيون. اها ڳالهه مان واقعاتي خبر جي حوالي سان ٿو ڪريان، معلومات يا ڄاڻ جي حوالي سان ڪا خبر آهي ته پوءِ اسان مستند دستاويزن طرف هليا ويندا آهيون. مثال طور: ايئن چئجي ته هڪ رپورٽر چئي ته ڪنهن جاءِ تي خرچ ٽي ڪروڙ رپيا آيو آهي، پر حڪومت جي دعويٰ آهي ته خرچ چاليهه ڪروڙ آيو آهي ته اهڙي صورت ۾ اسان دستاويزن کي ڏسنداسين ته ان مان معلومات ملي سگهندي، پر ڪو واقعو آهي ته ان حوالي سان توهان کي جاءِ وقوعه تي وڃڻو پوندو، توهان کي پوليس جي ٿيل تفتيش کي به ڏسڻو پوندو، اتان جي لوڪل ماڻهن سان ملڻو پوندو ۽ خبر ڪير ڏئي پيو ان ڳالهه کي به ڏسڻو پوندو. منهنجو خيال آهي ته اها ڳالهه ڪا ايتري مشڪل ناهي ته اسان صحيح ۽ غلط خبر جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪري سگهون. انهن سڀني شين جي باوجود به ڪيترين شين ۾ غلطيون ٿي وينديون آهن، پر ان غلطيءَ جي شرح تمام گهٽ هوندي آهي.

زاهده ابڙو: سنڌي ميڊيا لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪافي حد تائين ييلو جرنلزم جو شڪار آهي، جيڪڏهن اهڙي قسم جي جرنلزم ٿي رهي آهي ته ان جا اسان جي ميڊيا ۽ سماج تي ڪهڙا اثر ٿي رهيا آهن؟

نياز پنهور: ييلو جرنلزم جي جيڪڏهن توهان ڳالهه ڪريو ٿا ته منهنجو خيال اهو آهي ته سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ اها اڃان اسٽيبلش نه ٿي سگهي آهي يا پنهنجي جاءِ والاري نه سگهي آهي. جيڪڏهن ڪو صحافي ايئن ڪري ٿو ته پنهنجي اداري لاءِ، پنهنجي اخبار لاءِ سڄي ساک وڃائي سگهي ٿو. هن وقت ماڻهن ۾ تمام گهڻو شعور موجود آهي. توهان ڪابه غلط ڳالهه انهن کي ٻڌائي نٿا سگهو يا مڃرائي نٿا سگهو، انهن وٽ ڪنهن به ڳالهه کي چيڪ ڪرڻ جا سوين ذريعا آهن. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ ڪٿي به اهڙي رپورٽنگ ڪئي جنهن جا ڪي خاص مقصد هجن، منفي پروپيگنڊا ڪرڻ جي حوالي سان ته پوءِ اهو ادارو آهستي آهستي پنهنجي ساک ختم ڪندو ويندو ۽ ماڻهو ڪنهن ٻئي پاسي ڏانهن پنهنجو رخ ڪندا. پرنٽ ميڊيا جي حوالي سان منهنجو خيال آهي ته ايئن ناهي ٿيندو. اليڪٽرانڪ ميڊيا آزاد آهي ان ۾ ويب چئنلز اچي ويا آهن ڇوڪرا ڪئمرا کڻي ڪيڏي مهل به رڪارڊنگ شروع ٿا ڪري سگهن انهن کي اسان روڪي نٿا سگهون. پرنٽ ميڊيا ۾ جيڪا خبر ڇپجي ٿي ان تي پنجن ڏينهن کانپوءِ به ڪا راءِ اچي سگهي ٿي، ان تي ترديد به اچي سگهي ٿي، ان تي ڪليريفڪيشن اچي سگهي ٿي، ان تي ڪو ڪيس ٺهي سگهي ٿو، ان تي ڪورٽ آف لا ۾ وڃي سگهجي ٿو. منهنجو ناهي خيال ته اهڙي قسم جي جرنلزم گهڻو وقت هلي سگهي ٿي. پنهنجن ڪن مقصدن ۽ مفادن کي نظر ۾ رکي جيڪڏهن توهان صحافت ڪريو ٿا ته پوءِ سمجهو ته توهان جي عمر ڪونهي نه اداري جي عمر هوندي، نه رپورٽر جي. اسان گذريل ٽيهن سالن کان صحافت ڪريون پيا ان دوران الائي ڪيتريون اخبارون آيون، سمجهان ٿو ته ٽيهه پنجٽيهه اخبارون ڪاوش جي اچڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ آيون. ان ۾ وڏا وڏا ماڻهو هئا جن جي ساک هئي ادب جي حوالي سان پنهنجي حيثيت به هئن، صحافتي شعبي جي حوالي سان وڏي حيثيت هئي ۽ انهن به ڪم ڪيو، پر اڄ به ڪاوش سنڌ جي پهريون نمبر اخبار طور مڃي وڃي ٿي ۽ آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اسان هر اها ڳالهه جيڪا اداري جي خلاف يا صحافتي اخلاقيات جي خلاف آهي، ماڻهن جي مزاج ۽ طبيعتن جي خلاف آهي ۽ اسين ڪجهه خاص مفادن کي نظر ۾ رکي ڪا رپورٽنگ ڪندا هجون ها ته اسان ان جو نقصان ضرور ڀوڳيون ها. آئون ڪاوش جي بنيادي ميمبرن مان آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته ڪاوش جي اشاعت کان پهرين ڪيترو بجيٽ ڪمپيوٽرن لاءِ رکيل هو، ڪيترو بجيٽ پگهارن لاءِ رکيل هو ته ڪيترو مشينن لاءِ رکيل هو. اهي ڪاپيون به مون ڏٺيون ۽ اهي پنا به مون ڏٺا ۽ پوءِ مون ڏٺو ته ٻين اخبارن ڪيتري وڏي سيڙپ سان پنهنجون اخبارون ڪڍيون، پر سبب اهو آهي ته جيڪڏهن انهن جي آڏو اهڙي ڪا ڳالهه آئي آهي جنهن کي توهان ييلو جرنلزم به چئو ٿا ته پوءِ اهي اڳتي نه وڌي سگهيون آهن. انهن کي پنهنجن رپورٽرن جو احتساب ڪرڻ گهرجي. اسان جي باري ۾ توهان کي ٻڌايان ته ڪاوش اخبار گذريل ويهن پنجويهن سالن کان اسٽاف جي ڊيسڪ تي ويهڻ کان اڳ ۾ هڪ ميٽنگ ڪندا آهيون ان ۾ اڄ اسان ڇا ڪيو ۽ ڪهڙن پاسن کان اسان کان ڪا غلطي ٿي، ڪهڙن پاسن ۾ اسان درست معلومات نه ڏيئي سگهياسين يا ڪٿي غلط معلومات ڏيئي ڇڏي سين يا ڪو رپورٽر اسان کي استعمال ڪري ويو.

اسان جو هڪڙو سيڪشن آهي جيڪو اسيسمينٽ رپورٽ ٺاهي ڏيندو آهي جيڪا پوءِ اسان پنهنجي ڊيسڪ جي دوستن سان ويهي ڊسڪس ڪندا آهيون. سنڌيءَ ميڊيا ۾ آئون نٿو سمجهان ته اهڙي جرنلزم ڪير ڪندو هجي ۽ ان جو پوءِ وري ڪو مستقبل يا ڪا ساک هجي.

زاهده ابڙو: پاڪستان ۾ خاص طور تي صحافت لاءِ تمام گهڻو سخت ٽائيم هلي رهيو آهي. صحافت کي تمام گهڻو سوڙهو ڪيو پيو وڃي ۽ آزاد صحافت هڪ خواب ٿيندي پئي وڃي. ڪارن قانونن ذريعي صحافت ۽ ميڊيا کي ڪنٽرول پيو ڪيو وڃي. ان جا اثر اسان جي ملڪ جي مستقبل تي ۽ سماج تي ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟

نياز پنهور: اظهار راءِ جي آزاديءَ جي خلاف جيڪي پابنديون آهن. اهي اڄ جون ناهن سالن کان زبان بنديءَ وارو ايجنڊا هلندو اچي. پراڻي دور جي شاعرن کان جيڪڏهن شاهه سائين جي دور جي ڳالهه ڪريون ته شاهه جا ايترا ته شعر توهان کي اهڙا ملندا جنهن ۾ شاهه سائين چوي ٿو ته ڳالهائڻ جي اجازت ناهي، پر وري به ڳالهه رکون ٿا. ان کانپوءِ پاڻ هليا اچون ته  دنيا جهان ۾ ايئن آهي، جيڪي پاڻ کي مهذب ملڪ سڏائين ٿا آئون نٿو سمجهان ته پاڪستان کان ڪا سٺي تاريخ انهن ترقي يافته ملڪن جي آهي. انهن وٽ به هڪ ڪاري دنيا آباد آهي ۽ اسان وٽ به آهي. ورهاڱي کان وٺي هيستائين ڪيترن ئي قسمن جون حڪومتون آيون مارشل لائون لڳيون، غير جمهوري حڪومتون آيون، هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي طريقي سان آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زبان بندي توهان ڪڏهن به ڪنهن جي ڪري ئي نٿا سگهو، نه ليکڪ جي ڪري سگهو ٿا، نه شاعر جي، نه صحافي جي ڪري سگهو ٿا. پوءِ دور آيو ماڻهن تمثيلي طرح لکڻ شروع ڪيو. پمفليٽن جي شڪل ۾ ماڻهن ڳالهه ڪرڻ شروع ڪئي. جڏهن مارشل لائن جا دور هوندا هئا ته سينسرشپ هوندي هئي، صحافين کي ڪوڙا لڳندا هئا، جيل اماڻيا ويندا هئا. اڄ جي دور ۾ انهن پنهنجن روين کي تبديل ڪيو آهي. اسٽيٽس ڪو جا حامي يا اسٽيبلشمينٽ، جيڪي اظهار راءِ کان ڊڄن ٿا، ماڻهن جي آواز کان ڊڄن ٿا، انهن پنهنجي واردات جو طريقو تبديل ڪيو آهي، پر هاڻي ناممڪن آهي ته توهان ماڻهن جي آواز کي دٻائي سگهو.

توهان پرنٽ ميڊيا جي آواز کي ته دٻائي سگهو ٿا، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آواز کي ته دٻائي سگهو ٿا، پر توهان سوشل ميڊيا جي آواز کي ڇا ڪندا؟ جن ماڻهن کي توهان آف ايئر ڪري ڇڏيو آهي جن کي صحافتي نوڪرين کان خارج ڪرائي ڇڏيو آهي انهن جو آواز ته اڃان وڌيڪ سوشل ميڊيا تي طاقتور ٿي آزاديءَ سان پهچي رهيو آهي. ميڊيا هائوسن تي ته اڃان پابنديون هيون هاڻي هو سوشل ميڊيا تي انهن پابندين ۽ حدن کان آزاد ٿي ڪم ڪري رهيا آهن. اهو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي يا جيڪي ماڻهو اهو ڪجهه ڪري رهيا آهن يقينن انهن جا پنهنجا نظريا آهن، پنهنجا معاملا آهن، انهن جون قومي سلامتي جون پنهنجون معنائون ۽ تشريحون آهن، انهن کي ڪير روڪي نٿو سگهي، پر اسين جنهن ڪم ۾ آهيون ان ۾ اسان کي بيهڻ کپي، پنهنجي ساک کي ڌڪ نه رسائڻ گهرجي، اهڙي ڪا غلط رپورٽنگ يا اهڙي ڪا غلط انفارميشن نه وڃڻ گهرجي جو جڏهن هو اڳئي اسان جي مٿان ڪات ڪهاڙا کڻي بيٺا هجن ۽ اسين وري انهن کي اهو موقعو فراهم ڪريون ته هو اسان کي ڪنهن ٻئي بهاني سان نشانو بڻائي سگهن. انهن اخلاقي طرح ڪيس ٺاهي اسان جي ايڊيٽرن خلاف رکيا آهن ته جيئن انهن ايڊيٽرن جي زبان بند رکي سگهجي. جن کي کڻي ٿا وڃن انهن کي وري واپس به ڇڏي وڃن ٿا ۽ انهن کانپوءِ معافيون به ٿا گهرن. اهي صحافي بمن ۽ بارودن جي باوجود ڪم ڪن پيا. قتل ٿي ويندڙ صحافين جي ٽيم جا ساٿي يا انهن جا دوست انهيءَ ساڳئي جذبي سان ڪم ڪن ٿا.

جن کي به اهو گمان آهي ته هو ڪنهن جي زبان کي بند ڪري تالو هڻي سگهندا ۽ پابندي لڳائي سگهندا ته اهي غلطي تي آهن. اهي پنهنجي غلطيءَ کي صحيح ڪن. اظهار راءِ جو اڳ جيترو رستو هو هاڻي ان کان وڌيڪ رستا کليل آهن. پنهنجن قائدن ۽ قانون اندر ماڻهو ڪم ڪندو ته وڌيڪ آساني ٿيندي. ٻاهر نڪرندو ته سوشل ميڊيا موجود آهي، نجم سيٺي به ڳالهائيندو، حامد مير به ڳالهائيندو، طلعت حسين به ڳالهائيندو ۽ ٻيا به ڳالهائيندا. ڪجهه پابنديون هيون جنهن ۾ پيمرا هئي، اتي APNS يا CPNE سڀني ادارن کي توهان آزاد ڪندا.

زاهده ابڙو: توهان جي خاڪن جو ڪتاب ”هينئڙي سڄڻ ساريا“ پڙهيم توهان جي انداز تحرير ۾ طنز ۽ مزاح وارو ٽچ نظر آيو ۽ محسوس ٿيو ته توهان جيڪڏهن مزاحيه ادب لکو ته ڏاڍو سٺو لکي سگهو ٿا. مون کي خبر ناهي ته توهان مزاحيه ادب ڪيترو لکيو آهي. توهان ان انداز ۾ ڍڪيل لڪل گهڻو ڪجهه لکي سگهو ٿا.

نياز پنهور: منهنجو انداز تحرير هميشه کان ايئن ئي رهيو آهي آئون جملا هڻندو پيو آهيان، جملا ٻڌنڌو پيو آهيان، اسڪول ۾ يا ڪاليج ۾ مون کي جتي به موقعو مليو اتي دوست مون کي اهو چوندا هئا ته اسين ٻين کي ته جواب ڏيئي سگهون ٿا پر توکي ته جواب نٿا ڏيئي سگهون، آئون جملا هڻندو رهندو آهيان. مزاح منهنجي تحرير ۾ ان ڪري به آهي جو آئون شروع کان ئي مزاح پڙهندو رهندو آهيان. مون حليم بروهي کي سڄو پڙهيو، حليم بروهي جو ايئن کڻي چئجي ته آئون ياد حافظ هئس. ماڻهو شاعري ياد ڪندا آهن، پر مون حليم بروهي جو نثر ياد ڪيو. حليم صاحب بابا جو باس هو بابا يونيورسٽيءَ ۾ جاب ڪندو هو ۽ حليم بروهي يونيورسٽي جو رجسٽرار هو، منهنجو دوست هو. دروازو کڙکائي چوندو هو اچ ته ڪچهري ڪريون. سبب شايد اهو هو جو کيس آئون سندس لکيل سڄا سڄا پيراگراف ويهي ٻڌائيندو هئس ۽ پوءِ هو حيران ٿي ويندو هو ته هي انٽر جو شاگرد آهي يا يونيورسٽي جو شاگرد آهي ۽ کيس حيرت ٿيندي هئي ته آئون کيس ڪيئن ياد آهيان. مون کي سندس لکڻيون پڙهڻ ۾ ايترو ته مزو ايندو هو جو ياد ٿي وينديون هيون. ساڳئي نموني ٻيا مزاحيه ڪتاب، رسالا اهي به پڙهندو هئس. ان کان علاوه ريڊيو ۽ ٽي وي تي جيڪي مزاحيه پروگرام ايندا هئا، اطهر خان زيدي يا ڪپل شرما شو، سهراب سپرا اهي مزاحيه پروگرام ڪندا هئا ته مان به شوق سان ڏسندو هئس. نصير ريڊيو تي هڪڙو مزاحيه ڊرامن جو پروگرام شروع ڪيو هن مون کي ڪجهه شيون چيون ۽ مون کيس لکي ڏنيون ساڳئي نموني بيدل مسرور ٽي. وي تي هڪڙو مزاحيه ڊرامو ڪيو جيڪو چهچٽي نما هو جيڪو ٿورو ادبي ۽ مزاحيه قسم جو پروگرام هو، انهن کي به مون تمام گهڻا اسڪرپٽ لکي ڏنا، اهي انهن ڏينهن ۾ هليا هئا. مون کي شوق رهندو آهي ۽ اهو منهنجو قدرتي انداز آهي. مون جڏهن خاڪا لکڻ شروع ڪيا ته مون ڏٺو ته آئون اهو ڪم ڪري سگهان ٿو، جڏهن هڪڙو خاڪو لکيم، ان کانپوءِ ٻيو خاڪو لکيم ته دوستن زور ڀريو ته مان لکان جڏهن ماڻهن جو فيڊ بيڪ ملڻ شروع ٿيو ته مون کي مزو اچڻ لڳو. هاڻي به مون ڪافي خاڪا لکيا آهن، پر ڏسان پيو ته دوستن ۾ سهپ ٿوري گهٽ آهي، دوست ڪيڏي ڪيڏي مهل ناراض به ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن دوست ناراض ٿي ويندا آهن ته آئون وري ٿورو پٺيان هٽي ويندو آهيان.

زاهده ابڙو: صحافت ۾ ٻوليءَ جو تمام اهم ڪردار هوندو آهي جڏهن اسان انگلش يا اردو اخبارون کڻون ٿا ته انهن جو پروف تمام اعليٰ قسم جو ٿيل هوندو آهي. ڇا سبب آهي جو سنڌي اخبارون ٻوليءَ جي معاملي تي ڪمپرومائيز ڪن ٿيون؟

نياز پنهور: توهان جي آبزرويشن بلڪل صحيح آهي توهان جو سوال به صحيح آهي ۽ ان جا ڪافي سبب به آهن. سڀ کان اهم ۽ بنيادي سبب اهو آهي ته اسان جي ادارن ۾ جيڪي ماڻهو نوڪري ڪن ٿا انهن جي لاءِ ويج اسٽرڪچر ئي اهڙو آهي. اهو اهڙي معيار جو ناهي جو اسان اهي ماڻهو وٺي اچون جيڪي ٻوليءَ جا ماهر هجن. اسان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڏهه يا ٻارنهن هزار ڏينداسين ۽ اسان ان مان اها اميد رکون ته اهو ٻوليءَ جو ماهر هجي ته اهو ناممڪن آهي. اهو سڀني ادارن ۾ ايئن آهي آئون رڳو ڪاوش جي ڳالهه نٿو ڪريان. اسان ايڊيٽرن، سب ايڊيٽرن سڀني جي لاءِ پگهارن کي ايتري سطح تي آڻيون جو پوءِ اسان فرمائشي طور سٺا ماڻهو ڳولهي وٺي اچون. اسان وٽ ڪيئي ماڻهو جيڪي ٻوليءَ جا ماهر هوندا آهن ۽ انهن کي اهڙو ئي فڪر هوندو آهي جيئن توهان کي آهي ۽ اهي اها ڳالهه ڪندا آهن ته اهي اسان سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، پر جڏهن پگهار جو ٻڌندا آهن ته ٻارنهن کان پندرهن هزار ملندو يا وڌ ۾ وڌ ويهه هزار ڏينداسين ته هليا ويندا آهن. پهريون سبب پگهارن جو اسٽرڪچر آهي. ٻين اخبارن جي مقابلي ۾ ڪاوش ڪجهه بهتر آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي پابندي سان ٽائيم تي پگهار ملي ٿي وڃي، پر ٻين ميڊيا هائوسن ۾ ويندا ته اتي ٻن ٻن مهينن جي، ٽن ٽن مهينن جي پگهار نه ملندي آهي. اسان جا ادارا پنهنجن پيرن تي بيهڻ کپن، پر بدقسمتي سان بيهندي نظر نٿا اچن. ٻيو سبب اسان جو تعليمي معيار آهي اهو به اسان سڀني جي اڳيان آهي. اسان وٽ جيڪي ماڻهو اچن ٿا اهي سرڪاري اسڪولن مان اچن ٿا ۽ سرڪاري اسڪولن جو معيار اسان کي خبر آهي ۽ پرائيويٽ اسڪولن مان اچڻ وارن ٻارن کي سنڌي نٿي اچي. انهن ۾ سنڌي پڙهائي نٿي وڃي، نتيجي ۾ ٻارن کي سنڌي اچي ئي ڪونه ٿي. سنڌي اچي ٿي انهن ٻارن کي جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ ٿا پڙهن ۽ انهن ٻارن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال توهان سڀني جي اڳيان هوندي آهي. ٽيون سبب منهنجو خيال اهو آهي ته ڪنهن وقت ۾ سياسي تنظيمون پنهنجن نوجوان ميمبرن کي مختلف ڪتاب پڙهائينديون هيون، اسٽڊي سرڪل هلائينديون هيون، انهن مان جيڪي ٻار نڪرندا هئا اهي ٻوليءَ جا کڻي ماهر نه هوندا هئا، پر ٻين شين جي انهن کي سٺي ڄاڻ ٿي ويندي هئي، پر بدقسمتي سان اسان جي سياسي پارٽين شاگردن جي لاءِ اسٽڊي سرڪل بند ڪري ڇڏيا آهن، اهو سڄو دور الائي ڪيڏانهن هليو ويو، ماضي جو حصو آهي الائي ڪيترن ماڻهن کي اعتبار ئي نه ايندو ته ماضيءَ ۾ ڪو ايئن به ٿيندو هو. اتان جيڪي نوجوان ايندا هئا انهن جي ٻولي به درست هوندي هئي. چوٿون سبب اهو آهي ته اسان جا نوجوان جيڪي اچن ٿا اهي صحافت کي پنهنجو ڪريئر نٿا ٺاهين. مثال طور: مون وٽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو سب ايڊيٽر طور آيو آهي يا پروف ريڊر طور آيو آهي آئون ان کي جيڪڏهن اها ٽريننگ ڏيڻ چاهيان ته هو مون وٽ سال ويهي ۽ ان جي ٻوليءَ کي درست ڪريان، ان جي گرامر کي درست ڪريان، ان جي هينڊ رائيٽنگ کي درست ڪريان، پر اسان ان کي جيترو پگهار ٿا ڏيون ان حساب سان ته هو ڀڄڻ جي ڪندو ۽ چوندو ته مون کي ڪٿي ماستري ملي وڃي يا ٻيو ڪو ڪم ملي وڃي ته ڀڄي وڃان هتان. مطلب اهو آهي ته جيستائين هو صحافت کي پنهنجو مستقل ڪريئر ٺاهي نه ويهندو تيستائين اسان ان جي ٽريننگ به نٿا ڪري سگهون. اسان کي اها پڪ ئي ڪونهي ته هو اسان وٽ سال يا ڇهه مهينا هوندو يا نه. ٻيو اهو آهي ته اسان وٽ تڪڙ به تمام گهڻي آهي. مثال طور: اڳ ۾ اهي ئي اخبارون ڪاوش کان اڳي جيڪي اخبارون نڪرنديون هيون اهي اٺن پيجن جون اخبارون هونديون هيون، ان ۾ مواد ايترو ڪونه هوندو هو جيترو اسان هينئر اخبار ۾ ڏيون ٿا. اسان ڪمپيوٽر جي ڪري لائين اسپيس گهٽايون ٿا، فونٽ سائيز گهٽايون ٿا ۽ ڪنڊينس ڪيون ٿا ۽ پهرين اخبارن جي مقابلي ۾ چئوڻ يا اٺوڻ تي وڌيڪ مواد شايع ڪيون ٿا. هاڻي ايڏي مواد کي پڙهڻ، چيڪ ڪرڻ، ٽائيم وٺي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ ايئن ٿو ٿئي جو ڪڏهن ڪڏهن شيون اک کان ٿڙي وڃن ٿيون، پر ان جي باوجود ڪاوش ۾ پروف گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا چيڪ ٿين ٿا روزانو، پهرين ڪمپيوٽر تي ڪمپوزر سان گڏ پروف ريڊر چيڪ ڪندو، پيج جيئن پورو ٿي ويندو ان جو پرنٽ نڪرندو. اسان جو هڪڙو پري ويو سيڪشن آهي ان ۾ ڇپجڻ کان پهرين ان کي پڙهيو ويندو آهي. ان کانپوءِ وري هڪڙو پوسٽ ويو سيڪشن آهي جنهن ۾ اخبار ڇپجڻ کانپوءِ پڙهي ويندي آهي جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وئي آهي ته اسان ان کي روڪي سگهون ٿا. آئون اهو نٿو چوان ته ڪاوش ۾ غلطيون ناهن، پر اهو ضرور چوندس ته ٻين جي مقابلي ۾ گهٽ آهن ۽ ڪوشش اها هوندي آهي ته اهي سڀ غلطيون نه ٿين، اهي ٽئي چارئي مرحلا ٻي ڪنهن اخبار ۾ مڪمل ٿيندا هوندا يا نه، پر اهي مرحلا ڪاوش اخبار کي چيڪ ڪرڻ لاءِ رکيا ويا آهن.

زاهده ابڙو: سنڌي ميڊيا پنهنجو معيار بلند ڪرڻ لاءِ وقت سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي دنيا سان ڪيئن ڳنڍي سگهي ٿو ۽ ڪيئن گلوبلائيز ٿي سگهون ٿا؟

نياز پنهور: اهو جيڪو سوال آهي سنڌي ميڊيا سان ان کي ڳنڍڻ مناسب نه ٿيندو سڀني جي لاءِ اها ڳالهه ٿيڻ گهرجي، اردو ۾ به ايئن ٿيڻ گهرجي، انگريزي ۾ به ايئن ٿيڻ گهرجي، آن لائين تي ٿورو ڪم سنڌي ميڊيا به ڪري ٿي، ٿورو اردو ميڊيا به ڪري ٿي، ٿورو انگلش ميڊيا به ڪري ٿي، پر انگريزي ۾ جيڪو اچي ٿو ان جو ريڊر سڄي دنيا ۾ موجود آهي، اردو جو ريڊر سڄي پاڪستان ۾ موجود آهي. سنڌي ميڊيا جو ريڊر اسان جي پنهنجي علائقائي حدن تائين محدود آهي. جيڪي وسيلا اخبار جي ذريعي ٺهن ٿا يا جيڪا انڪم وڃي بيهي ٿي ان جو حساب به وڃي ايئن ئي بيهي ٿو. سنڌي اخبار سنڌ تائين محدود آهي ان جي سرڪيوليشن به انگريزي ۽ اردو جي مقابلي ۾ گهٽ ٿئي ٿي ۽ اشتهارن جا ريٽ به وڃي ان حساب سان ٺهن ٿا. وري جڏهن اردو اخبارن ڏانهن وڃون ٿا ته انهن جي سرڪيوليشن پوري پاڪستان جي آهي ۽ انهن جا اخبارن جا ريٽ به وڌيڪ آهن ۽ انهن جا وسيلا اسان کان وڌيڪ پيدا ٿين ٿا. انگريزي اخبارن کي انهن جي سرڪيوليشن جي حساب سان وسيلا مهيا ٿين ٿا. ان جي نتيجي ۾ موضوعن کي ته اسان ان معيار تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. دنيا ۾ هينئر جيڪو ڪجهه ٿئي پيو جيئن افغانستان جو اشو آهي، ڊان کڻندئو، ڪاوش کڻندئو يا جنگ توهان کي افغانستان جي باري ۾ اپڊيٽ معلومات ملندي ته اڄ ڇا ٿيو. دوحا ڪانفرنس ڪٿي پهتي، افغانستان جي صورتحال ڪٿي پهتي ۽ ڳالهيون ڪهڙي مرحلي تي پهتيون آهن. انڊيا ۽ پاڪستان جا تعلقات ڪيئن ٿيا، آمريڪا جون اليڪشنز آهن اهي ڪيڏاهن پيون وڃن، ڪهڙا ٽرينڊز آهن اهي سڀ ڳالهيون ٽنهي اخبارن ۾ هڪ جهڙيون آهن، پر ڪاوش جو سب ايڊيٽر پوري زندگي آمريڪا نه ويو هوندو، پوري زندگي عراق نه ويو هوندو. اهڙي طريقي سان اردو اخبارن جا مخصوص صحافي اهي اتي ويا هوندا، اهي به محض نمائشي طور اتي موجود هوندا ته اسان جا همراهه اتي موجود هئا. انگريزي اخبارن سان به ايئن هوندو. جيتري توهان پنهنجي اسٽاف جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ انهن جي تربيت ڪندوَ ۽ انهن جي لاءِ تربيتي پروگرام ترتيب ڏيندوَ اوترو ئي توهان کي ان جو نتيجو ملندو. آئون ته شروع کان ئي ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهيان ته اسان جي نوجوانن جي ٽريننگ ٿيڻ کپي، مختلف جڳهين تي انهن کي موڪلڻ کپي، صوبن جي وچ ۾ ٽوئر ٿيڻ گهرجن. آئون پورن ٽيهن سالن ۾ هڪڙو دفعو آمريڪا ويو آهيان، اهو اسان جي ادارن جو ڪم ٿو بڻجي ته پنهنجي اسٽاف جي، پنهنجي ٽيم جي ان حوالي سان Capacity وڌائين، انهن کي ٽوئر ڪرائين، انهن کي ٽريننگون ڪرائين. آئون ڊڄي ڊڄي اها ڳالهه ڪندس ته اسان پنهنجن ماڻهن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڪجهه نه پيا ڪريون جيڪي ڪوششون هڪ اداري کي وٺڻ گهرجن.

زاهده ابڙو: صحافت ۾ انٽرويو جي ڪهڙي حيثيت آهي؟

نياز پنهور: انٽرويو فن آهي، انٽرويو وٺڻ ڪو سولو ڪم ناهي، انٽرويو ايئن ناهي ته آئون ڪنهن ماڻهوءَ کي ٽيهه سوال ڏيئي ڇڏيان ۽ چوانس ته وڃ انٽرويو وٺي اچ، اهو سبق پڙهندو ويندو ۽ سبق جو جواب وٺندو ويندو. انٽرويو جي ذريعي توهان کي ان ماڻهوءَ جي اندر کي کوٽڻو آهي، ان جي گهرائي ڪيتري آهي، هو شين جي باري ۾ ڇا ٿو سوچي، هو ڳالهائي ڇا ٿو ۽ هو ڳالهيون لڪائي ڪهڙيون ٿو. جيڪا توهان کي خبر آهي، پر توهان ان کان چورائڻ چاهيو ٿا. اهو به ڏسجي ته همراهه سولو ڪيترو آهي،  ڪيترو سچو آهي ۽ ڪيتري ڳالهه ڪري ٿو ۽ جي نٿو ڪري ته پوءِ توهان جو ڪم آهي ته توهان ان کي ان موضوع تي وٺي اچو. جيئن منهنجو ڪم مختلف جاين تي ٿورو ٿورو ٿيل آهي جي توهان مون سان هڪ ليکڪ جي طور تي ڳالهائڻ چاهيو ٿا ته توهان جو ڪم منهنجي ليکڪ واري پاسي تي پورو مڪمل ٿيل هجڻ گهرجي، مون تي توهان ڪم ڪري اچو پوءِ سوال ڪريو. اسان وٽ ايئن پيو ٿئي ته اسان اوڏي مهل کي ٿا ڏسون، صرف ان گهڙي کي ٿا ڏسون ته پندرهن منٽن جي اندر ڳالهه ٻولهه ڪري اخبار ۾ ڇاپڻي آهي، پر اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته اسان جنهن ماڻهو جو انٽرويو ڪريون پيا ته اهو انٽرويو هڪ حوالي طور ڪم اچڻ گهرجي. توهان جيڪو جامي جو انٽرويو ورتو آهي يا جيڪو انٽرويو توهان منهنجو وٺي رهيا آهيو يا نصير مرزا جو ورتو آهي، مون کانپوءِ به ۽ توهان کانپوءِ به ڪجهه ماڻهو جيڪڏهن اسان تي ڪم ڪرڻ چاهين ته انهن وٽ اڳ ۾ ئي ڪجهه مواد موجود هجي جنهن جي حوالي سان انهن شخصيتن کي پرکي سگهن ۽ انهن تي ڪم ڪري سگهن. اها ڳالهه جيڪا منهنجي اندر پڙهندڙ پڙهڻ چاهي ٿو مون مان کوٽي ڪڍي اچو ته اهو فن آهي. ڪجهه انٽرويو وٺڻ وارا اهڙا به هوندا آهن جو انٽرويو ڏيندڙ کي آپي کان ڪڍي ڇڏيندا آهن، ان کي چيڙائيندا آهن ۽ ان کي بخيل ڪندا آهن ته جيئن هو پنهنجي ڳالهه ڪري وڃي. اهو اخلاقي طور تي ته درست ناهي، پر فنڪار آهي انٽرويو وٺڻ وارو ۽ سامهون واري کي چيڙائي ڳالهه ڪڍي آيو اهو ڪو سولو ڪم ناهي.

زاهده ابڙو: سنڌي ميڊيا هائوسز تي سياسي دٻاءُ ڪيترو هوندو آهي؟ انهن جي مالڪن تي، انهن جي ايڊيٽرن تي اهو اسان جي صحافت تي ڪيئن اثر انداز ٿئي ٿو. ڇا بزنس جي ڪري مجبور تي ان دٻاءُ کي قبول ڪيو وڃي ٿو؟

نياز پنهور: منهنجو ناهي خيال ته پاڻ رڳو سياسي دٻاءُ جو ذڪر ڪريون ته توهان بزنس جي ڳالهه ڪئي ۽ سياسي دٻاءُ جي ڳالهه ڪئي، پر پاڻ کي هر قسم جي دٻاءُ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي اهو ميڊيا تي هجي ٿو. سياسي دٻاءُ يقينن ٿئي ٿو، سياسي جماعتن جو دٻاءُ ٿئي ٿو، ڏوهاري ماڻهن جو دٻاءُ ٿئي ٿو جيڪي اسٽيٽس ڪو جا حامي آهن، ڳوٺ جو وڏيرو به هڪڙو پريشر آهي، ايم اين اي، ايم پي اي به هڪڙو پريشر آهي، هڪڙو بزنس مين جيڪو توهان کي اشتهار ڏئي ٿو اهو به هڪڙو پريشر آهي، سرڪار به هڪڙو پريشر آهي اهي سڀئي دٻاءُ توهان جي مٿان ٿين ٿا. هاڻي ته اسان ڏسون ٿا ته اهي آرٽسٽ ۽ فنڪار به پريشر آهن. اهي دٻاءُ وجهندا آهن ته سائين توهان کي اسان انٽرويو ڪونه ڏينداسين توهان اسان جي خبر ڇو نه هنئي. توهان اسان جو اسڪينڊل ڇپي ڇڏيو هاڻي اسين توهان کي انٽرويو ڪونه ڏينداسين. اهي سڀ موجود آهن ۽ انهن جي موجودگيءَ جي دوران توهان پنهنجي ڪم کي ۽ پنهنجي معيار کي، پنهنجي ساک کي، پنهنجي پڙهندڙن جي ساٿ ۽ اعتبار کي ۽ انهن سان توهان جو جيڪو رابطو آهي ان کي توهان ڪيئن برقرار رکو ٿا. ڪڏهن ڪڏهن توهان جي مٿان ڏاڍا مزي وارا دٻاءُ به ايندا آهن، حڪومتون ڪاوڙجي پونديون آهن ته توهان ڦلاڻي خبر ڇو ڇاپي ۽ ڦلاڻي اسڪيم اچڻ واري آهي ان جا ڪروڙن جا اشتهار توهان کي ڪونه ڏينداسين، سڄي زندگي ڪاوش ايئن ڀوڳيو آهي. ارباب رحيم اسان تي ناراض ٿي ويندو هو ۽ اشتهار بند ڪري ڇڏيندو هو، ڪڏهن مظفر شاهه ناراض ٿي ويندو هو، ڪڏهن ڄام صادق علي ناراض ٿي ويندو هو، ڪڏهن هي حڪومتون ناراض ٿي وينديون آهن، ڪڏهن نواز شريف جي حڪومت ناراض ٿي ويندي هئي، سياسي پارٽين وارا دٻاءُ وجهندا ته اسان جي خبر فرنٽ پيج تي ڇو نه لڳي آهي، بيڪ پيج تي ڇو لڳي آهي، اندرين پيجز تي ڇو لڳي آهي، اها ئي ڪنهن آرگنائيزيشن، ايڊيٽرن ۽ نيوز ايڊيٽرن جي مهارت آهي جو اهي انهن سڀني دٻائن کي برداشت ڪري گڏجي ڪيئن کڻي هلن ته جيئن اسان جي ريڊر جو جيڪو اسان سان تعلق آهي ۽ اعتبار آهي اهو نه ٽٽي.

زاهده ابڙو: نوجوان صحافين لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا ته اهي پنهنجي ڪريئر کي ڪيئن اڳتي وڌائين، ڪهڙين شين جو خيال ڪن ۽ ڪيئن پنهنجو پاڻ کي هڪ سٺو صحافي ثابت ڪن.

نياز پنهور: سڀ کان پهرين ته آئون دوستن کي چوندس ته پنهنجو پاڻ ۾ اعتبار ۽ يقين پيدا ڪريو ۽ ٿورو وقت جو انتظار ڪن ۽ شارٽ ڪٽ جو رستو اختيار نه ڪن ته هو جرنلسٽ ٿي ويا آهن. ايئن نه سمجهن ته سڀاڻي انهن کي ايئن ئي عزت ملندي جيئن سينيئرز کي ملندي آهي، توهان کي به ملندي، پر وقت سان گڏ. ٽيهه سال، پنجٽيهه سال، پندرهن سال، ڏهه سال پنهنجي شعبي ۾ ڪم ڪريو. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان وڏا صحافي ٿيو ته پنهنجي اندر يقين پيدا ڪريو ۽ مستقل مزاجي سان ڪم ڪريو ۽ جنهن ايريا ۾ ڪم ڪريو پيا ان ۾ سچائي سان محنت سان ڪم ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪم جي حوالي سان اسپيشلائيزيشن ضرور آڻيو ۽ مهارت پيدا ڪريو. جيڪڏهن توهان چوندا ته مان هڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهيان ته اهڙا ڊاڪٽر توهان کي لائين ۾ سئو ملندا، پر توهان ڏسندا ته ڪو اسپيشلسٽ آهي ته ماڻهو ٻئي شهر مان به ان ڊاڪٽر وٽ اچي علاج ڪرائيندا آهن. ان مريض جي پاڙي ۾ ڏهه ڊاڪٽر ويٺا آهن، پر هو ان ڊاڪٽر وٽ ويندا جنهن وٽ اسپيشلائيزڊ مهارت آهي. توهان به هڪ صحافي جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ ۾ مخصوص صلاحيت پيدا ڪريو جو توهان کان ئي اچي پڇا ٿئي. جيڪڏهن سرڪار ڪا اسڪيم يا ڪو پروجيڪٽ پئي شروع ڪري ته توهان کان صلاح ورتي وڃي. جيئن سرڪار سوچي ته مان نياز پنهور، ناز سهتي يا عطا راڄڙ کان ڪو فيڊ بيڪ وٺندس ته اتان اسان کي عوام جي ويجهو هجڻ جي ڪري صحيح معلومات ملندي. جيستائين ڪنهن هڪ يا ٻن سبجيڪٽن ۾ توهان پنهنجي اسپيشلائيزيشن نه ٺاهيندا ته توهان گهڻي دير تائين هلي نه سگهندا يا پنهنجي الڳ سان سڃاڻپ نه ٺاهي سگهندا. خبر جي پٺيان ڀلي وڃو، پر تڪڙ نه ڪريو ته منهنجي واهه واهه ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن اها خبر درست ناهي ته سمجهو ته توهان گذريل ڇهن مهينن يا سال ۾ جيڪا محنت ڪئي سڄي رائيگان ٿي ويندي صرف هڪڙي خبر جي ڪري. ڪوبه ماڻهو توهان جي واکاڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، پر توهان جي هڪڙي غلطيءَ تي مذمت ڪرڻ ۽ نندا ڪرڻ لاءِ سڀ تيار ٿي ويندا.  جيڪڏهن توهان پنهنجي ساک کي درست نموني ثابت نه ڪيو. تنهنڪري خبر جي پويان تڪڙ ۾ نه وڃو خبر کي چيڪ ڪريو، ان جو تجزيو ڪريو، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريو ۽ ان جي ساک ڏي وڃو، ان جي دستاويزن ۽ ڪاغذن ڏي وڃو، مڪمل رڪارڊنگس ڪريو ۽ ريسرچ ڪريو. انهن کانسواءِ جيڪڏهن توهان صحافت ۾ وڃو ٿا ته وقتي طور تي ته واهه واهه ٿي ويندي، پر پوءِ توهان پنهنجا پير ڄمائي نه سگهندئو. هڪ ڏينهن ۾ ڪابه شيءِ ناهي ملندي، پر وقت تي سڀ شيون ملي وينديون آهن. 

***