خاص

ويڪسين جو بوسٽر ڊوز پئسن تي لڳائڻ جو فيصلو

ڪورونا وبا جا سڄي دنيا ۾ حملا جاري آهن ۽ پاڪستان ۾ به ڪورونا جي چوٿين لهر زور پڪڙي وئي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پنهنجي انگن اکرن ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 120 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 4191 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن. ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 11 لک 48 هزار 532، جڏهن ته فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 25 هزار 535 ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت طرفان جتي سخت قدم کنيا پيا وڃن، اتي ئي وري وائرس خلاف سڀ کان وڌيڪ زور ويڪسينيشن تي ڏنو پيو وڃي. حڪومت سرڪاري ملازمن، وڏي عمر جي شهرين ۽ نوجوانن کانپوءِ هاڻ شاگردن کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. هوڏانهن اين سي او سي جي سفارش تي صحت واري وزارت هاڻ ٻاهرين ملڪ ويندڙن لاءِ ويڪسين جو بوسٽر ڊوز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جا پئسا به وصول ڪيا ويندا. ان ڏس ۾ صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بوسٽر ڊوز جي قيمت وصول ڪئي ويندي، حڪومت جي نالي 1270 رپين جو چالان نيشنل بينڪ پاڪستان ۾ جمع ڪرايو ويندو ۽ پوءِ ويڪسين لڳائي ويندي.