سمر قند (ناول) قسط پهرين امين مالوف ترجمو: زاهده ابڙو
اتر ايٽلانٽڪ
سمنڊ جي تهه ۾ هڪ ڪتاب آهي، مان اوهان کي ان جي تاريخ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو.
توهان کي شايد ڪهاڻيءَ جي انجام جي خبر هجي ان وقت جي اخبارن ان باري ۾ لکيو هوندو، جهڙيءَ ريت ان کانپوءِ ٻين لکيو. 14 اپريل 1912ع جي رات جڏهن ٽائيٽينڪ جهاز نئين دنيا جي سامونڊي ڪناري تي ٿوري ئي فاصلي تي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو هو ته ان حادثي جو سڀ کان وڏو شڪار هڪ ڪتاب ٿيو هو، ايراني داناءُ، شاعر ۽ علم فلڪيات جو ماهر عمر خيام جنهن جي رباعين جو واحد نسخو به ان ۾ ٻڏي ويو.
مان جهاز جي تباهيءَ جو ذڪر گهڻو ڊگهو نٿو ڪرڻ چاهيان. پهريائين ڪيترن ماڻهن ان جو ڪاٿو ڊالرن ۾ لڳايو آهي. مرڻ وارن جي فهرست به ڏيئي ڇڏي اٿن ۽ انهن جا چيل آخري لفظ به قلمبند ڪيا ويا آهن. ان واقعي جي ڇهن سالن گذرڻ کانپوءِ به گوشت ۽ مَس جو خيال منهنجي ذهن مان نٿو نڪري جنهن جو آئون چوڪيدار هئس، جيڪي اڄ ڏينهن تائين منهنجي ذهن تي سوار آهن. ڇا آئون بينجمن ۽ لسيج ئي ته نه هئس جنهن ان کي ان جي ايشيائي رهاڪو بوم کان ڦري ورتو هو؟ ڇا اهو منهنجي سامان ۾ نه هو، جنهن کي منهنجي سامان ۾ ٽائيٽينڪ تي سفر ڪرڻ لاءِ نڪرڻو هو؟ ۽ ڇا ان جي زمانن جي سفر ۾ منهنجي صديءَ جي تڪبر ۽ غرور جي دخل اندازي شامل نه هئي؟ ان وقت کان، دنيا روز رت روئي رهي آهي ۽ اونداهين ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ زندگيءَ مون تي مرڪڻ ڇڏي ڏنو آهي. مون پنهنجو پاڻ کي ماڻهن کان پري ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پنهنجي آواز کي ٻڌي سگهان، هڪ معصوم اميد ۽ ضدي وهم جي پرورش ڪري سگهان ته سڀاڻي اهو هٿ سان لکيل نسخو ملي ويندو، پنهنجي زريءَ سان ٽانڪيل دٻي ۾ موجود. اهو پنهنجي سمنڊ جي اونداهين گهراين ۾ صحيح سلامت وري واپس ملندو. وري هڪ نئين قسمت سان پنهنجي نئين سفر کي شروع ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي جوکم ڀريل هوندا. ماڻهو هن کي پنهنجي آڱرين سان اٿلائي پٿلائي سگهندا، ان کي کولي سگهندا ۽ پاڻ کي ان ۾ گم ڪري سگهندا. قيد ٿيل اکيون ان جي ڪيل سفر کي جيڪي ان جي هر حاشيءَ تي لکيل هونديون ان جو پيڇو ڪنديون، اهي شاعر کي ڳولهي لهندا، سندس شاندار ڪلام، شاندار مدهوشين جي دورن جون ۽ انهن خوفن جو جيڪو کيس حشيش استعمال ڪندڙ فرقي کان مليو هو، پوءِ وري اهي هڪ تصوير تي اچي بيهي رهنديون جيڪا زمرد جي رنگ جي آهي.
ان تي نه تاريخ لکيل آهي نه ڪنهن جي صحيح ٿيل آهي، ڪجهه به ته ڪونهي سواءِ انهن لفظن جي جيڪي جوش سان ڀريل ٿي سگهن ٿا يا صفا مايوس ڪندڙ: سمر قند اهو حسين ترين چهرو جيڪو زمين ڪڏهن سج کي ڏيکاريو هو.
پهريون ڪتاب
شاعر ۽ عاشق
نا ڪرده گناهه در جهان ڪيست بگو
و آنڪس ڪي گنه نڪرد چون زيست بگو
من بد ڪنم و تو بد مڪافات بدهي
پس فرق ميانِ من و تو چيست بگو- (عمر خيام)
سمر قند جا رهاڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بي ڪيف ۽ سست شام جو ان رستي تي اچي نڪرندا هئا جيڪو ٻن مئخانن وارو رستو هو جيڪو مرچ بازار وٽ پهچي ختم ٿي ويندو هو. اهي هتي سغد شراب جو ذائقو چکڻ نه ايندا هئا جنهن مان مشڪ جي مهڪَ ايندي هئي، پر اهو نظارو ڏسڻ ايندا هئا جنهن ۾ ڪو بدمست ڪٿي ڪنهن جي انتظار ۾ ويٺل هجي جنهن کي زمين تي زور سان ڪيرائي لتاڙيو وڃي ان جي تذليل ڪئي وڃي ۽ ان کي دوزخ ۾ وڃڻ جي اهڙي ته بددعا ڏني وڃي جنهن جي باهه دنيا ختم ٿيڻ تائين ماڻهوءَ کي شراب جي رنگن ۽ ذائقن جي ياد ڏياريندي رهي.
اهڙي ئي هڪڙي واقعي سان رباعين جو هٿ سان لکيل نسخو 1072ع جي گرميءَ جي مند ۾ وجود ۾ اچڻ وارو هو. عمر خيام جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 24 سال هئي ۽ تازو ئي سمر قند ۾ آيو هو. ڇا هو شام جو پهرين مئخاني ۾ وڃڻ جو ارادو ڪري يا آرام آرام سان چهل قدمي ڪري؟ نما شام جي وقت هزارين تماشائين جي وچ ۾ هن هڪ اڻ ڏٺل شهر جي رستن کي ڏسڻ لاءِ چهل قدمي جي چونڊ ڪئي. ريوند چيني (rhubarb) جي ٻنين واري رستي تي سِرن مان ٺهيل رستي تان هڪ ننڍو ٻار سندس ڀر مان تيزيءَ سان لنگهي ويو، سندس هٿ ۾ مضبوطي سان جهليل هڪ صوف هو جيڪو شايد هن ڪنهن گاڏي تان کڻي ورتو هو. هڪ مٿانهين دڪان تي جيڪو ڪنهن ڪپڙي واري جو دڪان هو ان تي اجايو بحث ڪرڻ وارن جو هڪ ٽولو روغني مشعل جي روشنيءَ ۾ ڪنهن بحث ۾ مصروف هو. ٻه ڇڪا اڇلايا ويا جنهن کانپوءِ لعنت ملامت ٿي ۽ پوءِ هلڪي هلڪي کل جو آواز اڀريو. رسين ٺاهڻ واري رستي تي ڪو خچربان پاڻي جي ڦوهاري وٽ اچي بيهي رهيو ٿڌي پاڻيءَ کي پنهنجي ٻڪ ۾ ڀرڻ لڳو، وري جهڪيو پنهنجا چپ ايئن ٻاهر ڪڍيائين جهڙوڪر سندس چپ ڪنهن ننڍڙي ٻار کي چمڻ وارا هجن جيڪو ننڊ ۾ هجي. اڃ اجهائي، هن پنهنجي هٿن سان پنهنجي چهري کي آلو ڪيو ۽ چپن ۾ خدا جو شڪر ادا ڪيو. پوءِ هڪ ڇانهينءَ جو اڌ پيالو جنهن مان ڇانهينءَ جي ڳر نڪتل هئي ان ۾ پاڻي ڀري پنهنجي جانور کي پياريو.
بازاري چوڪ جتي پڪل کاڌا موجود هئا، هڪ پندرهن سالن جي ڇوڪري جيڪا ڳرڀ هاڻي هئي ۽ سندس چهري تان نقاب کڄيل هو، خيام سان بنا ڳالهائيندي سندس هٿن مان ڪجهه ڀڳل باداميون ڦري ورتيون جيڪي هن اڃان هاڻي هاڻي خريد ڪيون هيون، پر سير ڪرڻ واري کي ان تي ڪابه حيرت نه ٿي. اهو سمر قند جو پراڻو عقيدو آهي ته ڪابه عورت جيڪا ماءُ ٿيڻ واري هجي سندس دل ڪنهن اهڙي شيءِ تي اچي وڃي جيڪا ڪنهن اجنبيءَ جي هٿ ۾ هجي ته اها ان کان کسي جيڪڏهن کائي ٿي وٺي ته سندس ٻار سهڻو ٿيندو، ڏسڻ ۾ نازڪ ۽ نفيس هوندو ۽ ان جا نقش به ڏاڍا سٺا هوندا.
عمر اتي ئي بيٺو رهيو باقي بچيل بادام چٻاڙيندو رهيو ۽ ان اڻ ڄاڻ عورت کي پري تائين ويندي ڏسندو رهيو ته اوچتو هڪ آواز کيس هلڻ تي مجبور ڪيو. جلد ئي هو هڪ بي قابو هجوم جي وچ ۾ بيٺل هو. هڪ پوڙهو جنهن جون ٽنگون ٻانهون ڊگهيون هيون اڳ ۾ ئي زمين تي ڪريل هو مٿو اگهاڙو هئس، سندس رنگ اس ۾ سڙيل هو، مٿي تي ڪجهه اڇا وار هئس جيڪي ٽڙيل پکڙيل هئا. خوف ۽ ڪاوڙ ۾ سندس وات مان جيڪي رڙيون نڪري رهيون هيون انهن جي حيثيت هڪ سڏڪي کان وڌيڪ نه هئي. هن پنهنجي عاجز اکين سان عمر کي ڏٺو جيڪو هاڻي ئي اتي پهتو هو.
سندس چوڌاري ڪيترائي ڏاڙهين وارا هٿن ۾ گز ۽ لٺيون جهليو انتقامي انداز ۾ بيٺا هئا ۽ ڪجهه ئي مفاصلي تي هڪ ٻي ٽولي ان سڄي منظر کي جوش ۽ خروش سان ڏسي رهي هئي. انهن مان هڪ خيام جي چهري تي پکڙيل خوف کي پڙهي ورتو ۽ کيس تسلي ڏيندي چيائين، ”پريشان نه ٿي اهو ته بس جابر لاغر آهي!“ عمر کي ڄڻ جهٽڪو لڳي ويو ۽ ندامت جي لهر سندس جسم ۾ ڊوڙي وئي. ”جابر، ابو علي جو ساٿي!“ هو ڀڻڪيو. هونئن ته ابو علي نالن ۾ هڪڙو عام نالو هو، پر جڏهن بخاره، قرطبا، بلخ يا بغداد ۾ جيڪڏهن ڪو عالم فاضل ماڻهو ان کي ايڏي ڄاتل سڃاتل انداز ۽ ادب سان ورجائي ته ان ۾ ڪوبه شڪ نٿو رهي ته هو کيس سڃاڻي ٿو اهو ابو علي ابن سينا هو جيڪو مغرب ۾ Avicenna جي نالي سان مشهور هو. عمر جي ساڻس ڪا ملاقات نه ٿي هئي، هو سندس پيدائش کان يارنهن سال پهرين عدم جي راهه تي روانو ٿي چڪو هو، پر هو پنهنجي نسل جي استادِ گرامي، صاحبِ علم، علمبردار ۽ دانشور هئڻ جي ناتي سان کيس تمام گهڻي عزت ڏيندو هو.
خيام وري ڀڻڪيو، ”جابر ابو علي جو لاڏلو شاگرد!“ جيتوڻيڪ هو کيس پهريون ڀيرو ئي ڏسي رهيو هو، پر هن کي مٿس ٿيندڙ ان ڏاڍ ۽ جبر جي باري ۾ اڳ ۾ ئي ڄاڻ هئي. ابن سينا جلد ئي طب ۽ ميٽا فزڪس جي دائرن ۾ کيس پنهنجو جانشين تصور ڪري ورتو هو. هن سندس علم کي هميشه داد جي نظر سان ڏٺو، پر هو کيس صرف ان ڳالهه تي دڙڪو ڏيندو هو ۽ ناراض ٿيندو هو جو هو پنهنجي نظرين جي تشريح جي انداز ۾ ٿورو بد لحاظ ۽ نرگسيت جو شڪار ثابت ٿيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ جابر کي ڪئي ڀيرا حوالات جو سير به نصيب ٿيو هو ۽ ٽي ڀيرا ماڻهن جا موچڙا به کاڌا هئائين. جنهن ۾ آخري ڀيرو سمر قند جي وڏي چوڪ تي کيس پنهنجي خاندان وارن جي سامهون ڏيڍ سئو ڪوڙا سر عام هنيا ويا هئا. هو ان شرمساري مان ڪڏهن به ٻاهر نڪري نه سگهيو، الائي هو ڪڏهن ان حالت مان وڃي چريائپ جي حد تائين پهتو؟ سندس زال جي وفات تي کيس ڦاٽل ڪپڙن ۾ ماڻهن هتي هُتي ڏٺو هو، هو رڙيون ڪري رهيو هو ۽ عجيب قسم جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. چريائپ جي حالت ۾ ٻارن جا ٽولا سندس پيڇو ڪندا رهندا هئا، تاڙيون وڄائيندا هئا ۽ مٿس پٿر اڇلائي کيس چيڙائيندا هئا، آخر حد اها هوندي هئي جو سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويندا هئا.
هن منظر کي ڏسندي عمر اهو سوچڻ بنا رهي نه سگهيو، ”جيڪڏهن مون احتياط کان ڪم نه ورتو ته منهنجو به ساڳيو ئي حشر ٿي سگهي ٿو.“ اها ڳالهه ڪونه هئي ته کيس مدهوشيءَ جو خوف هو، ڇو ته شراب ۽ هو هڪٻئي کي سنڀالڻ سکي چڪا هئا ۽ ڪڏهن به هڪٻئي کي هلڪو نه ڪيائون. جيڪڏهن کيس خوف هو ته ان ڳالهه جو هو ته اهو ٽولو سندس ناماچار جي ديوار نه ڪيرائي ڇڏي. سندس سامهون موجود ماڻهو جنهن جي آبرو ۽ عزت وڃائجي چڪي هئي ان کيس ڊيڄاري ڇڏيو هو ۽ هو محتاط رهڻ چاهي پيو، ان سڄي ڳالهه جي باوجود کيس اهو احساس به هو ته هو ابن سينا جي ساٿيءَ کي ايئن ان ٽولي جي رحم و ڪرم تي ڇڏي وڃي به نٿو سگهي. هن وقار سان ٽي قدم وڌايا، انداز ۾ غير جانبداري جو مظاهرو ڪيو ۽ شاهاڻي انداز ۾ مضبوطيءَ سان چيو، ”هن غريب جي جان ڇڏي ڏيو.“
ٽولي جو اڳواڻ جيڪو جابر جي مٿان جهڪيل هو دخل اندازي ڪرڻ واري جي ڀرسان آيو ۽ سينو تاڻي بيهي رهيو. هن جي ڏاڙهيءَ کان وٺي، ساڄي ڪن واري پاسي کان کاڏيءَ تائين گهرو زخم جو نشان هو ۽ چهري تي گهنج وجهندي هن عمر ڏانهن وڌندي فيصلي ڪندڙ انداز ۾ چيو، ”هي ماڻهو شرابي آهي، ڪافر.“ ۽ پوءِ آخري لفظ ايئن ادا ڪيا ڄڻ ڪنهن کي ڪو مهڻو يا بددعا ڏيندو هجي، ”هڪ فلسفي!“
”هتي اسان کي سمر قند ۾ فلسفي ڪونه ٿا گهرجن!“
رش مان ماڻهن جي بڻ بڻ ايئن اڀري ڄڻ هو سندس ها ۾ ها ملائي رهيا هئا. انهن ماڻهن جي ويجهو ”فلسفي“ جو اصطلاح هر ان شيءِ جو دليل هو جيڪو يونان جي ملحدانه علمن جي ويجهو هو يا ان سان تعلق رکندڙ هو ۽ عام طور تي اها هر شيءِ جيڪا نه دين هئي نه ئي ادب. عمر پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ئي هڪ ناميارو ”فلسفي“ هو ۽ جي ڏٺو وڃي ته ويچاري جابر جي مقابلي ۾ وڌيڪ نقصان ڏيڻ جي لائق هو.
زخمي ٿيل شخص يقينن خيام کي نه سڃاتو هو، ڇو ته هو ٻيهر جابر جي طرف متوجهه ٿي ويو هو سندس زبان ڄڻ گونگي ٿي چڪي هئي. هن ماڻهوءَ جا وار پڪڙي سندس مٿي کي ٽي اهڙا ته زور جا جهٽڪا ڏنا جو ڄڻ سندس مٿو ڪنهن ديوار سان ٽڪرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ وارو هو، پر پوءِ وري کيس ڇڏي ڏنائين. هو ته سفاڪ، پر پاڻ تي قابو رکڻ جي وضع به هئس، ڄڻ ته اهو شخص قتل ڪرڻ جو ارادو رکڻ باوجود به قتل ڪرڻ واري عمل کان لهرائي رهيو هو. خيام وري وچ ۾ پوڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ ان لمحي جي چونڊ ڪئي.
”ان پوڙهي کي ڇڏي ڏي. هي رنڙ آهي، بيمار به آهي، ڏسڻ ۾ نٿو اچئي ته چريو به آهي، پنهنجن چپن کي چوري به نٿو سگهي.“
ٽولي جو اڳواڻ ٽپ ڏيئي خيام جي طرف اچي بيٺو ۽ سندس ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهي پڪڙي بيهي رهيو.
”لڳي ٿو تون کيس چڱيءَ طرح سڃاڻين ٿو! ها سائين توهان پنهنجو تعارف ته ڪرايو، توهان سمر قند جا ته ناهيو! هن شهر ۾ توهان کي پهرين ڪنهن به ناهي ڏٺو!“
عمر سندس هٿ نفرت سان پڪڙي پنهنجو پاڻ کان ڌار ڪيو، پر ايتري نفرت به ظاهر نه ڪيائين جو سامهون واري کي وڙهڻ جو بهانو ملي وڃي. ماڻهو هڪ قدم پٺتي هٽي ويو، پر پنهنجي ضد تي بيٺل رهيو، ”اجنبي تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
خيام پنهنجو پاڻ کي ان ٽولي جي حوالي ڪرڻ نه پئي چاهيو. هو اتان ڀڄي جان بچائڻ جي ترڪيب سوچي رهيو هو. اکيون آسمان طرف ڪري ڏٺائين جتي هلڪا هلڪا ڪڪر چنڊ کي لڪائي رهيا هئا. هو خاموش رهيو، هڪ وڏو ساهه کنيائين پنهنجو پاڻ کي سوچ ۾ غرق ڪرڻ جي تمنا هئس تارا ڳڻڻ شروع ڪيائين. ان رش مان نڪرڻ ۽ محفوظ رهڻ لاءِ سوچڻ لڳو!
ٽولي کيس پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڪجهه هٿ عمر کي ڇهي به رهيا هئا. وري هو ڄڻ هوش ۾ اچي ويو.
”مان عمر آهيان، نيشاپور جي ابراهيم جو پٽ. تون ڪير آهين؟“
اهو سوال ڄڻ ڪا رسم نڀائڻ لاءِ ڪيو ويو هو، هن ماڻهو کي پنهنجو پاڻ کي متعارف ڪرائڻ جي ڪا نيت ئي نه هئي، هو پنهنجي وطن ۾ هو ۽ اهوئي سوال ڪري رهيو هو. پوءِ وڃي عمر کي سندس نالي جي خبر پئي. هو هڪ شاگرد هو ۽ ”زخمي چهري“ جي نالي سان مشهور هو. هٿن ۾ جريب ۽ چپن تي هڪ ئي ڳالهه کڻي سڄي سمر قند ۾ خوف ۽ حراس پکيڙڻ وارو هو، پر في الحال سندس ڌاڪ پنهنجي ارد گرد موجود نوجوانن تائين ويٺل هئي جيڪي سندس هر لفظ تي آمنا و صدقنا چئي رهيا هئا. اوچتو ئي سندس اکين ۾ چمڪ جاڳي پئي. هو پنهنجن چيلن طرف وڌيو ۽ فاتحانه انداز ۾ هجوم جي طرف منهن ڪندي رڙ ڪيائين، ”يا الله آئون عمر ولد ابراهيم خيام نيشاپوري کي ڇو سڃاڻي نه سگهيس؟ عمر، خراسان جو ستارو ايران ۽ عراق جو دانشور، فلسفي جو امير!“
پوءِ چڱيءَ طرح جهڪي سلام ڪرڻ جي اداڪاري ڪيائين ۽ پوءِ هن پنهنجي مٿي تي ٻڌل پٽڪي جي ٻنهي پاسن کان پنهنجون آڱريون لهرايون ۽ اتي بيٺل تماشبينن کان ٽهڪ ڏيارڻ ۾ ڪامياب رهيو، ”مان ڇو هن شخص کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام رهيس جنهن ايتري تقويٰ سان ڀريل ۽ عبادت گذار رباعي چئي آهي.
ابريق مئي مرا شڪستي ربي،
برمن درِ عيش را به بستي ربي،
بر خاڪ فگندي مئي گلگون مرا،
خاڪم بدهن مگر تو مستي ربي.“
عمر اهو سڀ ڪجهه ڪاوڙ ۽ فڪرمنديءَ مان ٻڌو اها اشتعال انگيزي هتي جو هتي سندس قتل ٿيڻ جو بهانو به ٿي سگهي ٿي، بنا ڪنهن هڪڙو لمحو ضايع ڪرڻ جي هن ڏاڍي ۽ واضح انداز ۾ جواب ڏنو ته جيئن ڪوبه ماڻهو بيوقوف نه بڻجي سگهي. ”مان هن رباعي کي نٿو سڃاڻان حقيقت ۾ مان پاڻ اها پهريون ڀيرو ٻڌي رهيو آهيان، پر هيءَ رباعي ٻڌو جيڪا مون پاڻ چئي آهي:
هي بي خبر آهن ۽ بي خبر رهڻ چاهين ٿا
علم کان وانجهيل دنيا جا حڪمران آهن!
جي توهان انهن مان ناهيو ته هي
توهان کي ڪافر چوندا
انهن کان پاسو ڪري خيام پنهنجي راهه وٺ.
عمر کي سچ پچ ته علم کان وانجهيل چوندي وقت پنهنجي مخالفن طرف ٽوڪ سان اشارو نه ڪرڻ کپي ها. ڪيئي هٿ عمر طرف وڌيا سندس عبا کي کوهڻ لڳا جيڪا ڦاٽي پئي سندس پير زمين کان اکڙي پيا، سندس چيلهه وڃي ڪنهن جي گوڏي سان ٽڪرائي ۽ هو وڃي پٽ تي پيو. جڏهن هو وڃي پٽ تي پيو ته هن ٽولي کان پنهنجو پاڻ کي نه ته ڇڏائڻ مناسب سمجهيو ۽ نه ئي انهن سان مقابلي ڪرڻ جي همت ساريائين. بلڪه چاهيندي نه چاهيندي سندس جسم تان لباس ڦاڙڻ وارن کي لباس ڦاڙڻ ڏنائين ۽ هاڻي ته هن پنهنجو پاڻ کي ان فالج زده ڪيفيت جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، جو ڄڻ ڪو قربانيءَ جو وهٽ هجي، کيس ڪنهن شيءِ جو احساس نه ٿي رهيو هو، نه ئي ڪجهه ٻڌڻ ۾ پئي آيس. هو پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهيو سيڙهيو اگهاڙو پيو هو. ايتري تائين جو هن انهن ڏهن ماڻهن کي به جيڪي ان مجموعي کي منتشر ڪرڻ آيا هئا انهن جو حصو ٿي سمجهيو، انهن جي اوني ٽوپين تي ”احداث“ جو نشان لڳل هو، جيڪي سمر قند جي بلدي فوجي رضاڪار ”مليشيا“ هئا. انهن کي ڏسندي ئي خيام مٿان حملو ڪرڻ وارا پٺتي هٽڻ لڳا، پر پنهنجو پاڻ کي حق تي ثابت ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندا رهيا، ”ڪيمياگر ڪيمياگر“ ۽ هجوم کان ان جي شهادت وٺڻ لڳا.
اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي نظر ۾ فلسفي هجڻ ڪو وڏو ڏوهه ڪونه هو، پر ڪيمياگري جي عملن جو مطلب موت نڪري سگهيو ٿي.
خير، پهري جو سربراهه ڪنهن به بحث ۾ وڃڻ نه پيو چاهي.
”جيڪڏهن هي شخص واقعي ڪيمياگر آهي“، هن ڄڻ فيصلو ڏيندي چيو، ”پوءِ ضروري آهي ته کيس قاضي القضاه ابو طاهر وٽ وٺي وڃڻو پوندو.“
ان وچ ۾ جابر لاغر کي سڀ وساري ويٺا هئا ۽ هو ويجهي مئخاني طرف ريڙهيون پائي وڌڻ لڳو ۽ آهستي آهستي اندر داخل ٿيو، ان يقين سان ته هاڻي هو اتان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندو، عمر بغير ڪنهن مدد جي ڦڙتيءَ سان پنهنجن پيرن تي کڙو ٿي بيٺو ۽ نڪ جي سڌ ۾ هلڻ لڳو، خاموشي هئي سندس برتري واري انداز سندس رت هاڻي چهري ۽ ڦاٽل لباس کي ڪنهن حجاب وانگر ڍڪي ڇڏيو هو. فوجي رضاڪار هٿن ۾ مشعلون جهلي سندس اڳيان هلي رهيا هئا، پٺيان پٺيان سندس حملا آور اچي رهيا هئا ۽ انهن جي پٺيان وات ڦاٽل تماشبينن جو گروهه هو. عمر کي نه اهي ڏسڻ ۾ ٿي آيا نه ٻڌڻ ۾. جيستائين سندس تعلق هو، رستا ويران هئا، ملڪ خاموش هو، آسمان تي ڪوبه ڪڪر نه هو ۽ سمر قند اها سر زمين جيڪا خوابن جي سر زمين هئي جنهن کي هن ڪجهه سال پهرين ئي ڳولهي لڌو هو.
هو ٽن هفتن جو سفر ڪري هتي پهتو هو ۽ ٿورو به آرام نه ڪيو هئائين ۽ گذريل وقت جي سياحن جي مشوري تي عمل ڪرڻ لاءِ نڪري پيو هو. انهن کيس قهندرز جي مقام تي وڃڻ جي صلاح ڏني هئي، چوڌاري پنهنجي نگاهه ڊوڙائيندي ته توکي ساوڪ ۽ پاڻي نظر ايندو، گلن جا نظارا ملندئي، سرو جا وڻ جن کي ماهر مالهين، ڍڳن، هاٿين، جفاڪش اٺن ۽ چيتن جي صورت ۾ ايئن ته ويهي تراشيو آهي ڄڻ اهي ڇال ڏيندا هجن. بيشڪ، ديوار جي اندرئين پاسي خانقاهه کان وٺي ڦاٽڪ تائين اولهه واري ”باب صين“ تائين، عمر ايترا گهاٽا باغ ۽ شفاف چشمه ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا، جيڏانهن تيڏانهن پنهنجي گنبذ سان گڏ ڪو بلند مينار نظر اچي رهيو هو، جنهن کي پاڇي ويهي تراشيو هو، چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ڪا چمڪندڙ ڀت ڪنهن ڍنڍ جي ڪناري جيڪا پنهنجي بيد مجنون جي ڇانوَ ۾ الائي ته ڪهڙين سوچن ۾ غلطان هئي. هڪ برهنا پيراڪ پنهنجا وار پکيڙي بيٺي هئي.
ڇا اهو جنت جو اهو منظر ته نه هو، جنهن جي گهڻو بعد ۾ رباعين جي قلمي نسخي جي تصوير ڇڪڻ جي ڪوشش ۾ اهو نامعلوم مصور ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؟ ڇا اِهو اُهو ته نه هو جيڪو ان وقت سندس ذهن ۾ هو، جڏهن کيس اسفزار جي علائقي ۾ نيو پئي ويو جتي سمر قند جي قاضي ابو طاهر جي رهائش گاهه هئي؟ هو هر هر پنهنجو پاڻ ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري رهيو هو، ”مان هن شهر کان نفرت نٿو ڪري سگهان. چاهي هوءَ پيراڪ حسينه منهنجو ڪو خيال ئي ڇو نه هجي. چاهي حقيقت ڪيتري به سنگدل ڇو نه هجي، چاهي هيءَ سرد رات منهنجي آخري رات ئي ڇو نه هجي.“
…(هلندڙ)…

