ادب

ڊائري جا ورق نفيس نهڙي December 2021

دنيا

  • بارود جي بُوءَ سان ٿيل ٺڪائن جي خوف ۾ ڊگهين اڏامن سان سرحدون پار ڪري ويل پکين جا درد ڀلا ڪير ٿو ڄاڻي…!!
  • وڻن کي عادت ناهي ماڳ مٽائڻ جي، بيشڪ هجرتون پکي ئي ڪندا آهن مگر وڻن سان وراڪيل پنهنجا خالي آکيرا ڇڏڻ به نسورو درد ئي ليکجي ٿو..!!
  • موسمي ڏيڏرن وانگي جڏهن مارين جا جٿا سنڌ ۾ لهڻ لڳندا آهن ته انهيءَ مهل پکي به پاڻمرادو جلا وطني جا سانباها ڪرڻ شروع ڪندا آهن..!!
  • الائي ڇو اسان وٽ اهو الميو رهي پيو جيڪڏهن ڪو پکين کي مارڻ وارن خلاف پڪار ڪري ٿو ته انهيءَ کي پکين سان مٽي مائٽي جي نانءُ سان ڳنڍي بنا ڏوھ جي ماريو وڃي ٿو..!!
  • بارود سان باھ لڳائڻ وارا ڪاش پکين جي تکين اکين سان عشق ڪرڻ جو ڏانءُ ڄاڻي سگهن ته ڌرتي ڪيتري پُر امن ٿي پکين جي سنگيت سان جهومي پئي..!!
  • پکين جي شڪارين کي درد ٿيندو آهي الائي نه پر پکين جي رت تي شايد ڪنهن پل ارمان ضرور ٿيندو هوندو..!!
  • منزل جا راهي ته سج کي ساٿي بڻائي انهيءَ جي لهڻ تي پنهنجي مسافري ختم ناهن ڪندا، پر اهي وري چنڊ سان سندس سفر جاري رکي به مسافري تي گامزن رهن ٿا.
  • ڪڏهن ڪڏهن سوچ جو دائرو ايترو سوڙهو ٿي ويندو آهي جو افسوس سان چوڻو پوندو آهي ڌرتي جا ڌڻي آخر پکين کي هن ڌرتيءَ جو حصو ڇو نه سمجهندا آهن.
  • تتي سج ۾ ته پکين جو جيئڻ حرام ڪيو ويندو آهي، پر رات جو به رهزن هٿ پکين تي وار ڪندي ناهن مڙندا.
  • رات جي پيٽ ۾ ڌرتي تي ٿيندڙ قهر ڏسي ڪڏهن ڪڏهن آسمان تي چمڪندڙ تارا به مُرجهائڻ لڳندا آهن.
  • چنڊ ۽ ستارا جيئن رات کي روشن بڻائيندا آهن اهڙي طرح پکين جو سنگيت به ڏينهن کي سرور بخشي ٿو.
  • ديس سان دلبريون ملهائڻ لاءِ پکي پرديس جا ڊگها پنڌ ڪري ۽ ڪونهين ڏور جا بارڊر لتاڙي سال ۾ هڪ دفعو واپسي جو هڪ ڀيرو ضرور ڀڃن ٿا، پوءِ انهن لاءِ وطن جي پريت جي ڏوھ ۾ بيحس شڪارين هٿان موت مقدر بڻجيو وڃي.

***