ڪهاڻيونڪهاڻيون

ڪهاڻي خالي ڪارڊ سجاد مهر December 2021

ابا ”الله وَڌاوئي، هي ڪارڊ ته مشن ۾ وجهه.“

”امان ڏسين نه ٿي رش لڳي پئي آ“ ڪا وٿي نظر اچئي ٿي؟!“

رنگروٽ سپاهي وليداد سُري ويل سوٽَ کي سڌو ڪندي ڪُراڙي کي چيو.

”ٽيون ڏينهن آهي ابا روز ٿاٻا کائي موٽي ٿي وڃان.“ ڪا مهرباني ڪر بيواهي آهيان.

مائي جنت نرڙ جي گهنجيل لڪيرن مان وهي ايندڙ پگهر کي پوتيءَ جي پلوَ سان اُگهندي پوليس واري کي چيو.

”ڪارڊ ڏيڻ وارن کي چئين هان نه ته پئسا به ڪڍي ڏيو.“

”اڙي ابا، هڪ الله جو نالو ٻيو وري حلوي سان ماني“

”ڀلا صبر ڪر رش گهٽجي ته ڪوشش ڪيان ٿو“ پر ٻه سئو لڳندءِ مائي”

ابا مان مسڪين کان ٻه سئو وٺي ڇا ڪندين، رب وڌايو ٿي، ٻيلي دُعائون ڪندي سانءِ“ رَن زال هان، ڪو والي وارث ڪونهي، مُڙس خيرن سان رضا ڪري ويو، ٻه نياڻيون ٻه معصوم پُٽَ پالڻ جو سَهارو اها رقم آهي. جي رحم کائين ته مدد ڪر،

”پوليس وارو وليداد دُعا تي چڙي پيسِ، چيائينس مائي صبر ڪري سائيڊ وٺي بيهه، صبح جو ٽائيم آ، اسان ٻوهڻي ناهي ڪئي، مٿان وري تون دعائن جي دلاسي تي وقت پئي وڃائين….

ايتري ۾ ٽاٽ ڦوٽِ سان فُل سوٽ پهريل هڪ همراهه مشين ڏانهن وڌڻ لڳو. سپاهي ڦڙتيءَ سان اڳتي وڌي ماڪوڙن جيان مِڙي ويل ماڻهن کي ايئن چيرڻ لڳو جيئن ٻڪرارُ ڌڻ کي چيري هيڏي هوڏي ڪندو آهي.

”سُرو بابا سُرو، صاحب کي جاءِ ڏيو.“

”واهه ڀائو واهه“ اسان اسر کان بيٺا هون، هي صاحب ته هاڻي آيو آ، اسان تي تنهنجي لٺ ٿي وَسي.

”غريب تان ڪاوڙ لهي ڪانه، امير تي چڙهي ڪانه.“ رَش تپايل ماڻهن مان هڪڙي شخص وراڻيو.

”اڙي بابا صاحب پنهنجي پگهار ڪڍائيندو، توهان وانگي خيراتي پئسا وٺڻ ناهي آيو.“

ڪجهه سياڻا ٿيو، ڳالهه کي سمجهو.

”غريب نه آيو چڱو نه ڄايو.“ هڪ ٻيو همراهه ڀڻڪيو.

مشين کي وڪوڙي ويل ماڻهن جي وڏي انگ کي وليداد هيڏي هوڏي ڪيو ته اهو همراهه مشين ۾ ڪارڊ وجهڻ جي قابل ٿيو.

ڪارڊ وجهي پاسورڊ هنيائين، ڊائل ڪري ايندڙ رقم جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪجهه ئي لمحن جي مسافت کانپوءِ ڪارڊ آواز سان ٻاهر نڪتو ۽ جلد پوءِ هزار جي نوٽن جي ترتيب ۾ تيار بيٺل فوج مشين جي سنهڙي وات مان هڪ ئي ڌڪ ۾ ٻاهر نڪتي، صاحب پئسا ڳڻڻ بجاءِ موٽ رسيد جو انتظار ڪرڻ لڳو، رسيد نڪتي، هن تڪڙ ۾ ڪڍي پڙهي، وات ۾ وجهي ڦاڙي پئسا، پرس جي پيٽ ۾ ڀري ٻاهر نڪتو…

”هن کان ته ٻه سئو وٺي ڏيکار“ هجوم مان هڪڙو آواز ٻُريو.

پوليس واري جي منهن تي ان ويل ٻارنهن وڄڻ لڳا. رش وري مڙڻ لڳي.

هرڪو ڪارڊ مشين جي منهن ۾ وجهڻ لاءِ اُتاولو هو، گرميءَ جو پَدُ وڌڻ لڳو هو. ماڻهن جي هجوم ۾ برڪت پوندي رهي، پيٽ بکايل مخلوق، اس ۽ ڇانوَ جي احساس کان اوپري ڇا جو نظم و ضبط، ڇاجي قطار، سَڀُ سُڪل چپن ۽ بکايل پيٽ سان پنهنجي حصي جو رزق اي ٽي ايم مان ڪڍڻ آيا ها، ڪجهه دير ۾ وري اسڪرين ٻري ته مشين وري وات پَٽيو.

ڄڻ چئي رهي هجي ته آهي ڪو ڪارڊ!!

وڏيري جو منشي مولا بخش مشين جي سيرانديءَ کان نظر تاڙ ڪيو بيٺو هو جهٽ ۾ ڪارڊ ڪڍي مشين ۾ وڌائين. اُبتا سُبتا انگ دٻائي انتظار ڪيائين ته ڄاڻ مال مليو. مشين منجهي وئي. غلط پاسورڊ هڻڻ ڪري ڪارڊ مشين ڪيري وڌو. مشين هينگ ٿي وئي. مُنشيَ جي هٿَ ۾ ٻارنهن ڪارڊ ٻيا به چُرپر ڪري رهيا هئا. وڏيري جي پوري خاندان جا ڪارڊ منشي ڪيش ڪرائڻ لاءِ هر مهيني ايئن مشين تي اچي ونگار وهندو هو… مسڪينن جي مدد لاءِ ايندڙ رقم وڏيري جي خاندان جي ڪفالت ڪاڻ هُئي وڏيري جو ذمو هو ڳوٺ جي سمورن بکايلن جو ووٽ ڪارڊ ورهائيندڙ قوم کي ڏيارڻ.

ڳوٺ جون ڪيتريون ئي بيواهون ”بينظير ڪارڊ“ جي ڪاڻ چڪر ڪاٽي صفا چريون کريون ٿي پيون هيون، پر سرڪار پنهنجي سهائتا جا ڪارڊ انهن کي عطا ڪندي هُئي جيڪي ”ڏاڍا سي گابا هئا“. جيڪي مَڇي مانيءَ لائق هئا… جن کي ڏنڊي جي زور تي ضعيفن کان ووٽ وٺڻ ايندو هو. مجال جو ڪنهن مسڪين کي اهو ڪارڊ ملي، جي ڀل ۾ به ڪنهن کي اهو ڪارڊ جاري ٿيو ته وڏيرو ان کي بلاڪ ڪرائي سرهو ٿيندو هو…

”مولا بخش وارو وڌل ڪارڊ مشين جي گمنام گهٽي ۾ گم ٿي ويو. بلڪل ايئن جيئن موبائل فون تان بيلنس نيٽ ورڪ گم ڪري ڏيکاريندي آهي.“

مولا بخش جا پگهر نيسارا ڪري وهڻ لڳا، پوليس واري کي رڙ ڪيائين،

”ادا ڪارڊ گم ٿي ويو“ هاڻي ڇا ڪجي؟! منشيءَ جي چهري تي حِيرت ليڪا ڪڍي وئي.

”توهان پاڻ ڪندئو ايئن ابتي سبتي ڪوشش، ته پوءِ ايئن ٿيندو ني ڀائو.“

”غلط پاسورڊ هَنيو هُوندءِ!“ توکي ته اڳ به چيو هيم ته ڪارڊ ڏئي وڃجانءِ پئسا ٻي ڏينهن تي مئنيجر جي چانهه پي وٺونس ها، ”ڪميشن ڪٽي…“

”بس ادا وڏيرو چوندو آهي ته پئسا گهٽ نه گهرجن پاڻ جهٽَ تڪليف سهي ڪڍائيندو ڪر، هاڻي ڪو بلو ڪر ڀلا“

”ڪهڙو بِلو ڪيان“ وِڌءِ سڀ کي ”مُصيفَت ۾“ پنج درجا پاس پوليس واري غلط صورتخطي اُچاري.

پيهه وڌندي رهي، ڌڪا، سينازوري، بي چيني، گرمي ۽ پريشاني پنهنجو ڪم ڪندا رهيا.

”منشي مولا بخش پيهه مان پاڻ ڪڍائي فون ڪڍي وڏيري ڏي ڪال ڪئي“

”سائين وڏا، پاڻ وارو پوليس عملدار وليداد ته وڏي جُٺِ ٿو ڪري،“

”ڇو، ڇاتي پيٽ ڀريو ٿَسِ وري“!؟

”ڀوتار چوي پيو ته ڪارڊ ڪيش ڪرائڻ جي ٽيڪس ڏي“

”اڙي! وليداد“ اهو وسائي وارو ڇورو ني؟“

”ها ڀوتار، اهوئي ڪم ظرف جنهن کان اوهان ڇهه لک وٺي گذريل سال  صحافيءَ معرفت سپاهي کڻائي ثواب دارين حاصل ڪري پنهنجو فرض نڀايو هو…

ٺِيڪ آ، تون بَڪ بَڪ نه ڪر، سپاهيءَ کي فون ڏي ته مان ڳالهايانس.“

منشي پوليس واري کي ايئن ڳولهڻ لڳو جيئن پٺاڻ ڪپڙو ڏئي قرضيءَ کي ڳولهيندو آهي. هڻي هنڌ ڪيائين، وليداد وري بُڪيءَ سان ”لمبي“ ڳالهائي رهيو هو، ”192 بند اٿئي آسٽريليا“ وليداد جيڪو ڏيڍ سال کان سرڪاري نوڪري پنهنجي خرچ تي ٽريننگ ڪري بنا پگهار جي ڏئي رهيو هو تنهن جي واحد ڪمائي جو ذريعو ڪرڪيٽ تي سٽي بازي هُئي.

”ادا وليداد! هي وٺ وڏيرو هزار خان ٿو ڳالهائڻ چاهي توسان.“

”فون وٺي وڏيري کي چيائين،… جي ڀوتار وڏا“

”وليداد هن موڳي مولا بخش کي ڪارڊ ڇو نٿو ڪيش ڪرائي ڏين؟“

”وڏيرا مولو پنهنجي ڦَلائي ڪارڊ مشين ۾ ڪيري ويٺو آهي، هاڻي مشن مان ڪارڊ ته مئنيجر ڪڍندو نه“

”بابا مڙئي مئنيجر کي ايلاز منٿ ڪَر، ڪارڊ منهنجي گهر جا آهن.“ تون اسان جا ماڻهو ٿي به ايئن ڪرين ته پوءِ…

”ڀوتار دلجاءِ ڪر، مان ڪوشش ڪيان ٿو“

”برائوزنگ سِلو ٿي وئي، انٽرنيٽ ايئن ئي هتي الله جي آسري هلي ٿي.“ وڏي ڏاڙهي رکيل هڪ همراهه جيڪو منهن مان ئي مُلان لڳي رهيو هو تنهن بيٺلن کي چيو.

”ادا آن لائين جا اهي ئي ته سورَ آهن، ڪڏهن نيٽ سلو، ڪنهن برائوزنگ پرابلم، ڪڏهن ڪارڊ بلاڪ، ڪڏهن بيلنس بنا سبب غائب، لائيٽ جو رولڙو وري الڳ، رانگ پاسورڊ لڳو ته وڃي ٿيا سَت خير“ ڪڏهن مشين خراب ڪڏهن وري بينڪ وارن جو دماغ، چِٽِ هڻي هليا وڃن ”اي ٽي ايم مشين آئوٽ آف ورڪ“ ڀانت ڀانت جا جملا مشين جي چوڌاري نچي رهيا ها…

نما شام پاڇا لاڙيا ها مائي جنت به مايوس ٿي موٽڻ واري هُئي، وليداد مئنيجر جي ٿڌي آفيس مان ٻاهر نڪري اي ٽي ايم کي وڪوڙي ويل هجوم ۾ آيو، شٽر بند ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي چيائين،

”مئنيجر صاحب چيو آهي ته ڪيش لمٽ پوري ٿي. هٽو ته مان تالو هڻان!”

سامهون بيٺل صائمه شڪاري اکين سان پوليس واري کي گهوريو، هٿ ۾ اي ٽي ايم ڪارڊ، چپن تي چمڪيلي لالاڻ ڏسي صائمه کي سائيڊ ڪري بيهڻ جو چئي پيهه جا پير پٽائڻ لڳو، ماڻهو ڏوراپا ڏيندا، ڪارڊ ورهائيندڙن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا اي ٽي ايم جي پَچَر ڇڏڻ لڳا… ميڙُ لمحن ۾ ئي لوڻ پاڻي ٿيو ته وليداد وقت جو فائدو وٺي صائمه ڏانهن سُري آيو.

مائي جنت اها هُرکُر ڄاڻي ورتي جو هوءَ به اهي گهٽ گهيڙ گهڙي پڪو گهڙو ٿي هُئي. صائمه بينڪ جي لوهي گيٽ اورانگهي اندر آئي ته مائي جنت به ساڻ گهري آيس.

پوليس واري ٻنهي کي اندر واڙي وڏو ساهه کنيو.

صائمه پنهنجو ڪارڊ وليداد جي هٿ تي رکيو ۽ پني جي ٽڪر تي لکيل پاسورڊ ڏيڻ لڳي ته پوليس واري چيس.

”پئسا نڪرن ته پوءِ اسان جي مٺائي پڪي ني“؟!

”ها گهٻرائين ڇو ٿو. سڀ کڻجانِ تو وانگي ميسڻي ناهيان. دل وڏي آ“

”هن ڪارڊ وٺي مشين ۾ وڌو ۽ پاسورڊ جا انگ ايئن هڻڻ لڳو جيئن ڪو سيکڙاٽ“ ٽائيپ رائيٽر جا بٽڻ ڊڄي ڊڄي دٻائيندو آهي.

”پاسورڊ مشين کي لڳو ته مشين چرپر ۾ آئي“ ڪارڊ ٺڙڪ ڪري ٻاهر نڪتو.

”4500 سئو نڪتا اٿئي“

”ها ٽن مهينن جا آهن، سرڪار اهي پئسا ڏئي احسان ڪيو آهي.“

”شڪر ڪر مليا ٿي اهي به، نه ته چڱا ڀلا انهن پئسن لاءِ سڄو سڄو ڏينهن وڃائي نامراد ٿي موٽي وڃن ٿا.

صائمه پئسن ۾ هٿ وڌو ته پوليس واري چيس،

”پنهنجو موبائل نمبر ته ڏي“؟

هُن پرس مان فون ڪڍي وليداد کي ڏني وٺ پنهنجي نمبر تي مس ڪال ڏي نمبر مون کي ياد ناهي.“ وليداد جون واڇون وڃي ڪنن سان لڳيون، نمبر ڊائل ڪري آواز جو انتظار ڪرڻ لڳو. وليداد جي فون ۾ سيٽ ٿيل رنگ ٽون وڳي،

”سانون نِهر والي پُل تي بُلاڪي، سُهڻا ماهي ڪٿي رَه گيا..“

”ابا هاڻي ته وٺ ٻيلي، ٻچا ٻن ڏينهن کان لنگهڻ تي آهن، مون تي به ڪا مهرباني ڪر.“

”ڏي مائي ڏي، تون مڙندينءَ ڪونه.“

پوتيءَ جي ڳنڍ ڇوڙي اُن مان انڪم سپورٽ وارو ڪارڊ ڪڍيائين، ڪارڊ تي محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير مسڪرائي رهي هئي، رئي مان پني تي اڪريل پاسورڊ به هن جي هٿ تي رکيائين.

”ڪارڊ مشين ۾ ويو ته مائي جنت ۾ ساهه پيو، ورتل قرض بابت سوچڻ لڳي، راشن، بيماري، لٽن ڪپڙن ۽ بک ۽ بي وسيءَ بابت سوچيندي رهي، منصوبا گهڙڻ لڳي ڪارڊ ورهائيندڙن کي وڏيون وڏيون دعائون ڏيڻ لڳي. پاسورڊ مشين قبوليو ته هن رقم لکي 4500 بيلنس نه هو، وري 3000 هزار بيلنس نه هو، 1500 ۽ 1000 به نه هو، رسيد ڪڍيائين ته زيرو بيلنس.

”ماسي ڪارڊ ته خالي آهي.“

”ڇو ابا؟!!“

”خبر ناهي رپيو به ڪونهي.“

”ابا ٻيهر هڻي ڏس! الله جو قسم آ امان رپيو به ناهي ڪڍايو… سپاهي.

”وليداد کي چڙ لڳي ڪارڊ ڪڍي اڇلايائينس ۽ اي ٽي ايم جي ڪوٺيءَ مان تڙي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيائينس. ”جنت ڌرتيءَ تان بينظير ڪارڊ کنيو“ محترمه جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪارڊ ڏيندڙن کي پاراتا ڏيندي اکيون اُگهندي اونداهي گهٽيءَ ۾ گم ٿي وئي.

***