خاص

گورک اٿارٽي جي فنڊز ۾ مبينا گھوٻيون: رفيق جمالي جي ضمانت ۾ واڌ

گورک اٿارٽي جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين ۽ غير قانوني ڀرتين واري جاچ ۾ پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جي ضمانت ۾ 13 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آھي. حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران رفيق جمالي پيش ٿيو. نيب عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته گورک تي ترقياتي ڪمن لاءِ اربين رپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا، پر سر زمين تي ڪوبه ڪم ناهي ٿيو، فنڊز ۾ مبينا گهوٻين ۽ غير قانوني ڀرتين واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. عدالت رفيق جمالي جي پڪي ضمانت واري استدعا رد ڪندي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.