مري ۾ شديد برفباري، 16 کان مٿي سياح گاڏين ۾ اجل جو شڪار، شھر آفت سٽيل قرار
مري ۾ شديد برفباري سبب صورتحال انتھائي خراب ٿي وئي آھي، شھر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آھي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل گاڏين ۾ 16 کان مٿي سياح فوت ٿي ويا آهن، شيخ رشيد طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مري ۾ گذريل رات کان هڪ هزار گاڏيون ڦاٿل آهن ۽ هن وقت تائين گاڏين ۾ 16 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. ياد رهي ته مري ۾ برفباري شروع ٿيندي ئي هزارين سياح سياحتي مقام تي پهچي ويا هئا، پر تيز برفباري سبب روڊن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارن سميت سياحن جو وڏو انگ سڄي رات رت ڄمائيندڙ سيءُ ۾ کليل آسمانن هيٺ گاڏين ۾ گذاري. گهرو وزير شيخ رشيد احمد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 12 ڪلاڪن جي سخت محنت باوجود هزارين سياح مري ۾ ڦاٿل آهن، سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کان مدد طلب ڪئي وئي آهي ۽ رات کان هڪ هزار گاڏيون ڦاٿل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو 1122 سخت سرد موسم ۾ ساهه جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر روڊ بند هجڻ سبب امدادي ٽيمن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏھن تھ شھر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آھي ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي، مري ۾ قائم ڪنٽرول روم موجب شھر ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون داخل ٿيون ماڻھو گاڏيون رستن تي بيھاري ھليا ويا.

