ڌاڙيلن گودام مان 10 ٽن چانھ جي پتي لٽي ورتي
گذريل ڏينھن صنعتي سائٽ ماڙي پور ۾ ھڪ گودام ۾ 8 کان 10 ھٿياربندن پاڻي پيئڻ جي بھاني گودام ۾ داخل ٿي چوڪيدار سميت ٻين ملازمن کي يرغمال بڻائي 217 ٻورين ۾ ڀريل 10 ٽن چانھ جي پتي چوري ڪري فرار ٿي ويا. گودام مالڪن سائٽ بي ٿاڻي ۾ فوري اطلاع ڏنو ۽ مقدمو نمبر 2022 / 56 درج ڪرايو. پاڪستان ٽي ايسوسيئيشن ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.

