بلاگ

سرڪاري ماني زينت امداد شر | # فيبروي 2022

ايتري رش ايترا ماڻھو! گاڏي جيئن مين گيٽ مان داخل ٿي. منهنجي رڙ نڪري وئي. گاڏيءَ جي چئني پاسن کان ماڻهو ئي ماڻهو هئا. تقريبن سڀ چهرا هڪ جهڙا ئي هئا. سندن لباس جي حالت ڏسي ايئن لڳو ڄڻ دنيا جا سڀ فقير هتي اچي گڏ ٿيا آهن. خير گاڏيءَ مان لهي آسپاس نهاريم ڪٿي ڪو ٻار کي هٿن تي کڻي پئي آيو ته ڪٿان ڪو حمل واري عورت کي سهارو پيو ڏئي، ڪنهن پاسي ڪنهن ضعيف جي رڙ پئي ته ڪٿي لاش مٿان نوجوانن جون رڙيون! جي ها. اِها اسپتال هئي. سول اسپتال ميرپورخاص جتي مان ڪنهن جي عيادت ڪرڻ وئي ھئس، پر مون ھتي دنيا الڳ ڏٺي. ماڻهن جي رش ۾ چپجي ڌڪجي مان اسپتال جي ڪنهن حصي ۾ داخل ٿيس. جتي چوڪيدار پنهنجي نوڪري نڀائيندي لوهي گرل جو در کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته انتظار ڪريو اندر ويل ماڻهو واپس اچن، پوءِ توهان اندر وڃو. خير ان جي به مجبوري هئي. سو مان سيڙهين تي بيٺي انتظار ڪيو. مون سان گڏ ڪيترائي ماڻهو انتظار ۾ بيٺل هئا، جيڪي هڪٻئي تي چڙهت ڪري رهيا هئا ۽ نيٺ در کليو ڪنهن ڪنهن کي ڌڪيو، ڪنهن ڪنهن کي چپيو، ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي، ڪنهن وٽ ڪو سوال نه هو، بس مان به هنن سان گڏ اندر داخل ٿيس. اندر وارو منظر ڏسي منهنجي حيرت ۾ اڃان به اضافو ٿيو. اسپتال جا سمورا بيڊ مريضن سان فل هئا، پر منهنجي حيران ٿيڻ جو سبب اهو نه هو مون کي حيرت ان ڳالھ جي هئي ته هڪ مريض سان ايترا رشتيدار ڇو آهن!؟ جيڪي اسپتال جي فرش تي بيحال ليٽيل هئا نه کين اسپتال جي گندگي جو احساس هو نه ڪنهن ٻي شيءِ جو. مريض ته مريض، پر صحتياب به مريض لڳي رهيا هئا. منهنجي ذهن ۾ سوين سوالن جنم ورتو. مان اتي خاموش پنهنجي سوالن ۾ الجهيل هئس، جو ڪجهه شور ٿيڻ لڳو. مان اڳتي وڌيس ڏسان ته هڪ 25 کان 30 سالن جي عورت اسپتال جي بيڊ تي منهن گوڏن ۾ لڪائي ويٺي هئي. بيڊ جي ٻنهي طرفن کان نرسون هن کي سخت لفظن ۾ گهر وڃڻ جون چئي رهيون هيون. ڏسو توهان بلڪل صحتياب آهيو. هاڻي توهان کي موڪل ڏجي ٿي. توهان پنهنجي گهر وڃي سگهو ٿا.

آپ ڪو سمجهه ڪيون نهين آرها

آپ ڪو ڊسچارج ڪيا گيا هي

اب جائين اپني گهر جائين

پر هن فقط ٻه لفظ چيا مان گهر نه ويندس! ايتري ۾ ٻه نوجوان هٿ ۾ مانين جي ٿيلهي ۽ ڀاڄي جي بالٽي کڻي آيا. جيئن ان عورت جي نظر  انهن نوجوانن جي هٿ ۾ پيل گورنمينٽ جي طرفان آيل ماني تي پئي ته هوءَ هڪدم بيڊ تان اٿي ۽ انهن کان پنهنجي حصي جي ماني وٺڻ لڳي. هن کي ڏسي مون کي هر سوال جو جواب ملي ويو ته هي عوام هتي ڇو لٿي آهي! هي منهنجي سنڌ جي بکايل قوم آهي. ڏسندي ڏسندي مريض ۽ ساڻن گڏ آيل مائٽ ان ماني کي حسرت سان ڏسندا رهيا ۽ هٿ وڌائيندي وٺندا ويا، سندن چهري تي مرڪ هئي. شايد گهڻي ڀاڱي عوام ان گورنمينٽ جي طرفان مليل ماني جي ڪارڻ هتي ترسيل هئي! اسپتال جي گندگي، ماڻهن جي رش ڪارڻ، وچڙندڙ بيمارين جا آثار اسان جهڙن کي ته نظر پئي آيا، پر ان بکئي پيٽ کي ڪجھ نظر نه آيو!!! جي نظر آئي ته بس بک جيڪا ختم ڪرڻ جو انهن وٽ شايد اهو طريقو هو آخر منهنجي سنڌ جي ان حال جو ذميوار ڪير آهي..!؟

***