ڪهاڻيون

ڪهاڻي ڪلو قانوني ليکڪ: چراغ حسن حسرت ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو | # فيبروي 2022

ڪلو جيتوڻيڪ موچي ھو، ليڪن کيس پنھنجي ڪم مان جيترو وقت واندڪائيءَ جو ملندو ھو، قانون پڙھڻ ۾ لڳائيندو ھو. قانون جا چند جھونا ڪتاب ڪٿان ھٿ لڳا ھئس. بس اھي ئي اٿلائيندو پٿلائيندو رھندو ھو. پنھنجي انھيءَ خصوصيت جي ڪري، سڄي ڳوٺ ۾ ڪلو قانونيءَ جي نالي سان مشھور ھو. بلڪه سڄي تر ۾ سندس قانون دانيءَ جي ھاڪ ھئي.

ھڪ ڏينھن سج لٿي کان جھٽ گھڙي پھرين، ھو جوتو جوڙي رھيو ھو. ڳوٺ ۾ چوطرف سانت ڇانيل ھئي. اوسي پاسي ڪو ماڻھو نظر نه پئي آيو جو کيس چند ماڻھن جي ڳالھائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي. ٿوري دير ۾ چوڌري فتو ۽ لالا بنواري لال، ٻن ٻين ماڻھن سميت نظر آيا. سڄي ڳوٺ ۾ ھڪڙو فتو ميان ئي ڪلوءَ جي ڪمالن جو منڪر ھو ۽ اڪثر ساڻس کؤنسندو به رھندو ھو. اھي ھمراھ ڳالھائيندا ڳالھائيندا ڪلوءَ جي دڪان اڳيان پھچي بيھي رھيا ۽ چوڌري فتو، لالا بنواري لال کي چوڻ لڳو؛ ”توکي يقين نٿو اچي ته ڪلو قانونيءَ کان پڇ ۽ ھو جيڪو چوي سو مون کي منظور آهي.“

ڪلوءَ ڪم ڇڏي ناس جي دٻلي کولي ۽ چپٽي ڀري سندن ڳالھيون ٻڌڻ لڳو. چوڌري فتوءَ، سندس ڌيان ڏسي، چيو؛ ”رمضان لوھر، پنھنجي پٽ رحمت جو سڱ منھنجي ڇوڪريءَ زبيده سان ڪرڻ ٿو چاھي، پر مون کي اھا ڳالھ منظور ناھي. جيستائين رحمت ۽ زبيده سامايا نه ھئا، ٻنھي جي ملڻ جلڻ ۾ ڪو هرج نه ھو. ليڪن زبيده جوان آھي، رحمت جي عمر به ارڙھن اوڻيھه سالن جي لڳ ڀڳ آھي. ان ڪري مون کيس چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آھي ته؛ تنھنجو ھاڻي ھيڏي اچڻ وڃڻ مناسب ناھي.“

”اڄ جو طنبيلي مان گھوڙو ڇوڙڻ ويس، ڇا ٿو ڏسان ته ھڪڙو ڳڀرو جوان، طنبيلي ۾ ويٺو آھي. مون گھوڙو ڪڍي دروازو بند ڪيو ۽ تالو ھڻي ڇڏيومانس. لالا بنواريءَ سان ان معاملي ۾ مشورو ڪيم ته ھن چيو؛ تون جيترو وقت چاھين ان کي ايئن قيد رکي سگھين ٿو. ليڪن منھنجو خيال آهي ته منھنجي اھا حرڪت قانون جي ابتڙ آھي. سندس مائٽن کي حق پھچي ٿو ته طنبيلو ٽوڙي به کيس ڪڍي وڃن. مگر بنواري لال چوي ٿو ته اگر طنبيلو ٽوڙيندا ته سرڪار کين گرفتار ڪري ويندي.“

لالا بنواري چوڻ لڳو؛ ”مان ڪوڙ ٿو چوان ڇا؟ قانون اھو آھي.“

اھو ٻڌي ڪلوءَ جي نرڙ ۾ سر پئجي ويا. ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪنھن اونھي سوچ ۾ گم آھي. پوءِ ھن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”طنبيلو تنھنجو آھي. تون جڏھن چاھين، مٿس تالو ھڻي سگھين ٿو.“

لالا بنواري لال چيو؛ ”چوڌري! مون نه پئي چيو ته اھا حرڪت بلڪل قانون جي مطابق آھي.“

چوڌريءَ چيو؛ ”ليڪن ادا ڪلو…“

ڀائي ڪلو ڪنھن جي ٿو ٻڌي. ٿورو تکو ٿيندي چيائين؛ ”جي ھائو! قانون اھو آهي. ھائو! اگر تون مون کان وڌيڪ قانون ڄاڻڻ جي دعويٰ ٿو ڪرين ته اھا ٻي ڳالھ آھي. ھڪڙو نُقطو ٻيو ٻڌائي ڇڏيانءِ، مان تنھنجي جاءِ تي ھجان ھا ته طنبيلي جي ڪنجي ھن مھل تائين گم ھجي ھا.“

چوڌري چوڻ لڳو؛ ”طنبيلي جي ڪنجي گم ھجي ھا، سو ڪيئن؟“

ميان ڪلوءَ چيو؛ ”ھا! ٻيو ڇا ۽ جيستائين اھو ڇورو ان ڳالھ جو واعدو نه ڪري ھا ته جيسين جيئرو آھيان، ھيڏانھن جو رخ نه ڪندس، ڪنجي ملي ئي نه ھا.“

چوڌري ڳالھ سمجھي ويو ۽ چوڻ لڳو؛ ”چڱو ٿيو جو مان سڌو تو وٽ آيس.“

ڪلوءَ چيس؛ ”مان سدائين ڳوٺ وارن کي ڀلو مشورو ڏيڻ لاءِ تيار ھوندو آھيان. جڏھن دل گھرئي، ھليو اچجانءِ.“

لالا بنواري، مشڪي چيس؛ ”تنھنجو مشورو بلڪل قيمتي آھي.“ وري ھو مڙي رحمو تيليءَ کي چوڻ لڳو؛ ”تون کلين ڇو ٿو؟“

رحموءَ جي حالت سچي پچي ڏاڍي خراب ھئي. کل جي ڪري سندس پيٽ ۾ وٽ ھئا. کيس کلندو ڏسي جلال درزي به کلڻ لڳو. لالا بنواري اڃان ڪجھ ٻيو چوڻ وارو ھو، ليڪن لڳو پئي ته مٿس به کل جو غلبو ٿئي پيو. جنھنڪري ھو ڪجھ چئي آکئي بغير ھلي پيو. چوڌريءَ به سندس ڪار ڪئي. ھاڻ سج لھڻ ۾ ھو ۽ ڏينھن جي روشني ڌنڌلي ٿيڻ لڳي ھئي. انھن چئني جا ٽھڪ اڃان تائين ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ڪلو اٿيو ۽ ڪر ڀڃي ھٽ بند ڪيائين. سندس گھر به ھٽ جي پٺ ۾ ھو. رات جو جڏھن ماني کائڻ ويٺو ته زال کي رحمت جي پڪڙجڻ وارو قصو ٻڌائي چوڻ لڳو؛ ”ھاڻ آسرو آھي ته چوڌري پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ جمن سان ڪري ڇڏيندو.“

سندس زال چيو؛ ”توکي خبر آهي؛ زبيده به جمن کي دل سان ٿي چاھي.“ ڪلو، خوشيءَ مان ماني کائڻ لڳو. اچانڪ خيال آيس؛ ’ڪٿي رحمت جي بدران مون وارو ڇورو جمن ته نه پڪڙيو آهي.‘ انھيءَ خيال جي ايندي ئي سندس ھنيانءُ ٻڏڻ لڳو. مانيءَ مان ھٿ ڪڍيائين ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو؛ ’چوڌريءَ اڄ مون کي واھ جو بيوقوف بڻايو آهي. اڄ تائين ڳوٺ جا ماڻھو مون کي ڏاھو سمجھندا ھئا، ليڪن اڄ اھي ڇا سمجھندا ھوندا؟‘

ھو حقو ڇڪيندي ڇڪيندي اوچتو ڇرڪي بيھي رھيو. پوءِ اٿي قانون جا چند جھونا ۽ ڳريل ڪتاب ڪڍي ڪڇ ۾ ڪريو چوڌريءَ جي گھر جو رخ ڪيائين.

چوڌريءَ جي گھر تائين پھچندي پھچندي کيس خبر پئجي وئي ته سندس گمان صحيح ھو. سڻڪ تي ماڻھن جو ھُنڀ ھو. چوڌري ۽ لالا بنواري، گھر آڏو کٽن تي ويٺا ھئا. ڪلوءَ تي نظر پوندي ئي چوڻ لڳا؛ ”اچ ڪلو! تون به ان ڇوڪري کي ڏسڻ آيو آھين؟“ ھن جواب ڏنو؛ ”نه! مان ته توھان سان ھڪڙي ڳالھ ڪرڻ آيو آھيان. دراصل جڏھن اوھان مون کان مشورو وٺڻ آيا ھئا ته مان ڪم ۾ کِٿِ ويٺو ھئس، سو جيڪو ان گھڙيءَ ذھن ۾ آيو، سو ٻڌايم. ھاڻ جو ڪتاب پٽي ڏٺم ته خبر پئي ته اوھان جو خيال درست ھو. واقعي اوھان کي ان ڇوڪري کي قيد ڪرڻ جو ڪو حق ڪونھي. ان کي حبس بيجا چئبو آھي ۽ حبس بيجا وڏو جرم آهي.“

چوڌريءَ چيو؛ ”مون ته تو واري مشوري تي عمل ڪيو آھي. لالا بنواري لال ۽ رحمو گواھ آھن.“

ڪلو چوڻ لڳو؛ ”اوھان جي دل ۾ جيڪو اچي سو ڪريو. مان روڪڻ وارو ڪير آھيان؟ مون ته اوھان کي قانون جي ڳالھ ٻڌائي ڇڏي. البته اوھان جي جاءِ تي مان ھجان ھا ته ان ڇوڪري کي ڇڏي ڏيان ھا.“

چوڌريءَ کنگھندي چيو؛ ”اڙي يار! ايئن ئي صحيح. ان کي ھاڻي ٿا ڇڏي ڏيون.“ ايئن چئي ھو طنبيلي جي دروازي جي ويجھو وڃي پھتو ۽ کيسي ۾ ھٿوراڙيون ڏئي چوڻ لڳو؛ ”ليڪن رب ڄاڻي، ڪنجي الائي ڪٿي گم ٿي وئي. لالا بنواري لال! توکي خبر آهي؛ ڪنجي ڪٿي رکي، وساري اٿم.“

ڪلوءَ چيس؛ ”پوءِ قلف کڻي ڀڃ!“

چوڌري چوڻ لڳو؛ ”قلف ته مان نٿو ڀڃان. ھاڻ جيڪڏھن ڪو ڀلومانس، منھنجي گھر ۾ گھڙي ويھي رھي ته مان تالو ڀڃي کيس ٻاھر ڪڍڻ جي ذميواري سر تي ته نه کڻندس.“

ڪلوءَ کي چڙ ته ڏاڍي آئي، پر ڪري ڇا پئي سگھيو. ڇپ ھيٺان ھٿ ڦاٿل ھئس. ڪتاب کنيائين ۽ وڏي اطمينان سان گھر ڏانھن ھلي پيو.

بظاھر، جمن ڏاڍو مزي ۾ ھو. ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ناھي. چوڌري فتوءَ گھڻا حيلا ھلايا ته نڀاڳو پچر ڇڏي وڃي ته منجھانئس ھٿ کڻي ڪڍي. مگر ھن جو ساڳيو ڪھاڙيءَ ڳن. کلي کجڪار ڪري، ڳالھيون ڪري ۽ چوي؛ ”چوڌري! مون کي تنھنجي طنبيلي ۾ گھر وارو پورو آرام ٿو ملي. ڇو نه ملي، آخرڪار منھنجو ساھراڻ جو ٿيو.“

چوڌريءَ جي گھڻا دفعا دل ۾ آيو ته ان نڀاڳي کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيان. وري سوچيائين ته؛ اڳي ئي وڏي بدنامي ٿي چڪي آھي، ايئن ته اڃان خلق خواري ٿيندي.

ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن چوڌريءَ وڃي کانئس پڇيو ته ٻڌائي ڇا حال آھي ته چوڻ لڳس؛ ”مان ھاڻ ته طنبيلي کي پنھنجو گھر ۽ توکي پنھنجو ابو سمجھڻ لڳو ھان.“

چوڌريءَ، جمن جون ڳالھيون ٻڌي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته زبيده کي سندس مامي جي گھر موڪلي ڇڏجي. زال کان پڇيائين تنھن به ھا ڪيس.

ھوڏانھن ميان ڪلوءَ جي حالت خراب ھجي. چوڌريءَ سندس سڄي قانونداني ڌوڙ ڪري ڇڏي ھئي. ڳوٺ جا ننڍا وڏا، جيڪي سچيءَ دل سان سندس عزت ڪندا ھئس ۽ کيس افلاطون جو ننڍو ڀاءُ سمجھندا ھئس، سي به سندس دڪان آڏو لنگھندي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. الل صبح جو ھڪڙي مائي سندس دڪان تي جتي ڳنڍائڻ آئي ۽ چوڻ لڳيس؛ ”اڙي ابا! قانون ۾ وقت وڃائڻ کان ڀلو اٿئي ته پنھنجو ڪم محنت سان ڪندو ڪر! اھا نڀاڳي جتي، توکئون جوڙائي ھئي. پورا ڇھ مھينا به نه ھلي. پنجين مھيني ئي ٽانڪا اڊڙي ويا اٿس.“

ٻپھريءَ جو وقت ھو جو ڪلوءَ کي پنھنجي گھر جي سامھون، زبيده نظر آئي. ڪلوءَ جي گھر جي ڀرسان ئي ھڪڙو ڪوٺڙو ھو، جنھن ۾ سندس اوزار، گھر جي ضرورت جون شيون ۽ ان پيو ھوندو ھو. ڪوٺڙي جو دروازو کليل ھو. زبيده ان ۾ گھڙي وئي. ڪلو جھٽ سوا ته پنھنجو ڪم ڪندو رھيو. وري خيال آيس ته زبيده، ھن ڪوٺڙي ۾ ڇا ٿي پئي ڪري. جنھن تي دروازو کولي اندر جھاتي پاتائين. ڇا ٿو ڏسي ته فرش تي ھڪڙو تختو پيو آھي ۽ مٿس زبيده ننڊ پئي آهي. ڪلوءَ ھڪ ٻه دفعو کنگھڪار ڪئي. جڏھن ھوءَ نه جاڳي ته ڪلوءَ موٽڻ جو ارادو ڪيو. ايتري ۾ ڇوڪريءَ پاسو ورايو ۽ وڦلڻ لڳي؛ ”الله ميان جي گاءِ!“

ڪلو سوچڻ لڳو ته رب ڄاڻي الائي ڪنھن کي ”الله ميان جي گاءِ!“ سڏي رھي آهي. ڪو خواب ڏسندي ھوندي. ڇوڪريءَ وري چيو؛ ”انڌو آن ڇا ڪجھ نظر نٿو اچئي؟“ ڪلوءَ سڏ ڏنس؛ ”زبيده! زبيده!“ ڇوڪريءَ تي ٿورو به اثر نه ٿيو. ويتر وڦلڻ لڳي؛ ”ڪاش! ھن ۾ ايترو به عقل ھجي ھا ته دروازي ۾ تالو وجھي ڇڏي ھا!“ اھو ٻڌي، ڪلو سڪتي ۾ اچي ويو. پوءِ جو ھوش ۾ آيو ته ڊڪي وڃي دڪان تان تالو کڻي آيو. ڇوڪريءَ تي ھڪ نگاھ وڌائين ۽ دروازو بند ڪري، مٿئون تالو ھڻي ڇڏيائينس. ھوڏي زبيده کي ناناڻي موڪلڻ جو سعيو ھجي. مگر زبيده گم ٿي وئي. اوڙي پاڙي جا ماڻھو پڇايا ويا. مڙني وٽان ساڳي موٽ؛ ”ھتي ته نه آئي آهي.“ ھاڻ چوڌريءَ کي ڦڦڙيءَ اچي ورايو. پاڻ پنھنجي سر نڪري پيو کيس ڳولڻ. سڄو ڳوٺ ووڙيائين، ليڪن زبيده جو نه پتو نه کرو. مايوس ٿي گھر ڏي پئي موٽيو ۽ اندر ۾ ھورا کورا ھجنس؛ ”زبيده جھڙي دھ جوان نياڻيءَ جو ڏينھن ڏٺي جو گم ٿي وڃڻ، حيرت جي ڳالھ آھي.“ انھيءَ اپرانڌ سندس لنگھڻ، ڪلوءَ جي گھر وٽان ٿيو. ڪراڙو موچي، پنھنجي ڪم ۾ کِٿِ لڳو پيو ھو. ليڪن کيس ڏسي، ھڪدم چوڌريءَ جي ذھن ۾ ھڪڙي ڳالھ سُجھي آئي، جنھن تي ھن جو ھنيانءُ ٻڏڻ لڳو. ھن ھڪ دفعو، دريءَ مان ليئو پائي ڏٺس ۽ پوءِ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو لالا بنواريءَ وٽ وڃي پڳو ۽ کيس سڄو احوال سڻايائين. سندس ڳالھيون ٻڌي لالا چيس؛ ”چوڌري! تنھنجو خيال ٺيڪ آهي. ڪلوءَ کي احمق نه سمجھجي. وڏو ڪانءُ آهي! مگر سوچي سمجھي ڳالھ ڪجانس. تو ٿوري به اون آن ظاھر ڪئي معاملو بگڙي ويندو.“ اھو چئي، ھن چوڌريءَ کي ساڻ کنيو ۽ ٻئي ڳالھائيندا، ڪلوءَ جي دڪان ڏانھن آيا. ھو ساڳيءَ طرح ڪم ۾ کِٿِ لڳو پيو ھو. ھنن ٻنھي کي ڏسي ھٿ جھليائين. لالا بنواريءَ چيس؛ ”ڪلو! مون کي ٿوري دير لاءِ ڪوڏر کپي.“ ڪلوءَ چيس؛ ”لالا! سڄو گھر تنھنجو آهي، ڪوڏر ڪھڙي حاج آهي.“ اھو چئي اٿيو ۽ ڪوٺڙي ڏانھن ويو. ليڪن ان جي دروازي ۾ تالو ڏسي، کيسي ۾ ھٿوراڙيون ڏيندو واپس موٽيو ۽ چيائينس؛ ”لالا! توکي ڪوڏر ضرور کپي!“ لالا چيس؛ ”ھا ڀاءُ! نه ته تو کان ڇو گھران ھا!“

ڪلوءَ چيس؛ ”ڪوٺڙي جو دروازو بند آهي ۽ ڪنجي خبر ناھي ڪٿي آهي.“ اھو ٻڌي چوڌري، ڪاوڙ روڪي نه سگھيو ۽ اٻڙڪو ڏئي چيائينس؛ ”اڙي! موچيءَ جا پٽ! دروازو کولين ٿو يا نه! منھنجي ڌيءَ انھيءَ ڪوٺڙي ۾ لڪائي ويھاري اٿئي!“

ڪلوءَ چيو؛ ”چوڌري! تو گاھ کاڌو آهي ڇا؟ تنھنجي ڌيءَ ھتي ڪيئن آئي؟“

چوڌريءَ چيس؛ ”ڪجھ نٿو ڄاڻان. دروازو کول، ورنه مان دري ٿو ڀڃانءِ.“

ڪلوءَ چيس؛ ”مان سچ ٿو چوان ته ڪنجي مون وٽ ناھي. جمن ڪلھ کان گم آهي. ورنه ته ھو منٽن ۾ ڪنجي ڳولي وٺي ھا.“

چوڌري ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳو. ليڪن ڪلوءَ جي ڳالھ جو جواب نه سُجھيس. بنواريءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ڏسي، چيس؛ ”چوڌري ڏس! مون توکي چيو نه پئي ته ڪلو قانونيءَ سان منھن ڏيڻ سولو ناھي.“ ڪلو چوڻ لڳو؛ ”جمن اجھو اچڻ وارو ھوندو.“ چوڌري اھو ٻڌي تڪڙيون ٻرانگھون ھڻندو، پنھنجي گھر ڏانھن ڀڳو ۽ جھٽ ۾ جمن کي وٺي آيو. ڪلو پٽ کي ٻانھن مان پڪڙي پاسي تي وٺي ويو. پلڪ سوا کانپوءِ پيءُ پٽ ٻاھر نڪتا. جمن جي ھٿ ۾ ڪنجي ھئي. ان اچي ڪوٺڙي جي دروازي جو تالو کوليو ته زبيده به ڪر ڀڃي اٿي. مگر پيءُ کي ڏسي ڇرڪي پئي. چوڌريءَ پڇيس؛ ”تون ھتي ڇو آئي آھين؟“

زبيده روئڻھارڪو ٻوٿ ٺاھي چيس؛ ”مان… مان وڃڻ نٿي چاھيان.“

چوڌريءَ ترسي چيس؛ ”پوءِ نڀاڳي اتي ويٺي ھج! تو خاندان جو نڪ ئي وڍائي ڇڏيو آهي!“

اھو چئي، ھو تڪڙو ٻاھر نڪري ويو. لالا بنواري لال ۽ ڪلو به پويان پويان ھجنس. بنواريءَ ھٿ جھلي چيس؛ ”چوڌري! ھاڻ ته ماڻھو ڪلوءَ بجاءِ توتي کلون ڪندا.“ چوڌري فتوءَ ھٿ اڇلي ڇڏيس. ڪلو قانونيءَ چيس؛ ”ٻڌ ته توکي پنھنجي ڌيءَ تي فخر ڪرڻ گھرجي. عقلمنديءَ ۾ اسان ٽئي کيس نٿا پڄون. اگر جمن سان سندس وھانءُ ڪيو وڃي… تون ڪاڏي پيو وڃين! لسي ته پيءُ!“

بنواريءَ ۽ ڪلو، ٻنھي چوڌري فتوءَ کي کڻي ٻک وڌو ۽ گھر اندر کڻي ويس. چوڌري پھرين ته ڪاوڙ ۾ ھو، ليڪن آھستي آھستي ڪاوڙ ڍري ٿيس ۽ کٽ تي ويھي رھيو.

(ڊبليو ڊبليو جيڪر تان)