ٿر جي ڪوئلي مان سنٿيٽڪ گئس ۽ ڊيزل ٺاھڻ جي تجويز تي غور
سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي جنرل مئنيجر ايڊمن ۽ ايڪسٽرنل افيئرز احمد منيب ٿر پاور پلانٽ ۽ ڪوئلي جي کاڻ جو دورو ڪندڙ ڪراچي جي انرجي رپورٽرز کي ھڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته نجي شعبي تي ٻڌل ھڪ ڪنسورشيم ۽ اينگرو پاورجن ٿر جي ڪوئلي مان لڪوئڊ ھائڊروڪاربنز ۽ سنٿيٽڪ گئس ٺاھڻ جي تجويز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آھي. ھي طريقو ڪوئلي جي ماحول تي پوندڙ اثرن کي وڌيڪ گھٽائي توانائي ۾ خود ڪفيلي جي منزل حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراھم ڪندو. احمد منيب ٻڌايو ته سنٿيٽڪ گئس ڪاربن مونوآڪسائيڊ، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ھائڊروجن جو مرڪب آھي. گھٽ حرارتي قدر (بي ٽي يو) رکندڙ ھن گئس کي ڀاڻ تيار ڪندڙ صنعتن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو، جڏھن ته گئس لڪوئفيڪشن جي عمل سان تيار ٿيندڙ ڊيزل زرعي ۽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.

