لنگر خانن جي معاملي تي ثانيا نشتر ۽ احسن اقبال آمهون سامهون
عمران خان جي حڪومتي دور ۾ احساس پروگرام جي چيئر پرسن ڊاڪٽر ثانيا نشتر ۽ مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال آمهون سامهون ٿي ويا آهن. احسن اقبال ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ ۾ تنقيد ڪندي لکيو ته عمران نيازي جي حڪومت ۾ سڄي ملڪ ۾ رڳو 19 لنگر خانا هليا، راڳ ڳايو ويو ته ڄڻ سڄي ملڪ ۾ ڄار وڇايو ويو هو ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ خوراڪ ”سيلاني“ (اين جي او) فراهم ڪندي هئي، پرائو مال پر ڪريڊٽ پنهنجو، سڄي حڪومت سوشل ميڊيا تي پراپيگنڊا جي طور تي هلي رهي هئي. ان بعد ثانيا نشتر احسن اقبال کي ري ٽوئيٽ ڪندي ان کي جواب ڏنو، جنهن ۾ هن چيو ته عمران خان جي خاص هدايت تي سڄي ملڪ ۾ 184 لنگر خانا کوليا ويا. ثانيا نشتر لنگر خانن جي وضاحت ڪندي لکيو ته لڳ ڀڳ 125 پناهه گاهن ۾ لنگر خانا، 19 احساس لنگر خانا ۽ احساس ڪير بکيو نه سمهي 40 ٽرڪ لنگر کوليا ويا. ثانيا نشتر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته هر روز لڳ ڀڳ هڪ لک کان وڌيڪ مزدور ۽ مستحق ماڻهو فائدو وٺندا هئا.

