سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ارسا چيئرمين کي سنڌ جي حصي جو پاڻي فوري طور ڏيڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ جي حصي جو پاڻي فوري طور تي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عدنان چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ارسا جي چئيرمين ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي 20 جولاءِ جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ارسا چئيرمين کي هدايت ڪئي معاملي کي پاڻ ڏسي ڪري فوري حل ڪري. جڏهن ته درخواستگذار وڪيل خالد حسين کوسو پاڻي ڏيڻ جا سرڪاري انگن جي تفصيلن کي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. درخواست ۾ آبي ذخيرن واري وزارت، ارسا ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، سنڌ کي حصي جو پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي، سنڌ ۾ پيئڻ ۽ فصلن لاءِ به پاڻي ناهي، جانور اڃ مري رهيا آهن، سنڌ جي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ۽ ان ناانصافي کان ارسا مڪمل طور واقف آهي، سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب صوبي جا ڪروڙين ماڻهو متاثر، جانور مري رهيا آهن ۽ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي ٽنهي ڪوٽڙي، سکر ۽ گڊو بئراجن کي طئي ٿيل حصي وارو پاڻي فراهم ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، اپ اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي جي گهرج ۽ ڪوٽڙي سکر ۽ گڊو بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ بابت جامع رپورٽ طلب ڪئي وڃي، درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته پاڻي جي چوري ۽ اختيارين جي غلط استعمال جي جاچ لاءِ شفاف انڪوائري يا جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، پڇڙي ۾ ويٺل ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن، عدالت ان معاملي کي سنجيده وٺي انسانن ۽ جانورن جون زندگيون بچائي. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ارسا کي پابند ڪيو وڃي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي في الفور فراهم ڪيو وڃي.

