هاڻي شريف مافيا، راڻا ثناءُ الله ۽ تشدد ڪندڙ پوليس وارا نه بچندا، حق نه مليو ته حق کسينداسين: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن ڀيري راڻا ثناءُالله، شريف مافيا ۽ تشدد ڪندڙ پوليس وارا نه بچندا. چار سده ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪين جي امپورٽيڊ حڪومت اسان تي مڙهي وئي آهي ۽ اسان ڪنهن به صورت هنن چورن ۽ غلامن کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته جيستائين جيئرو آهيان جدوجهد ختم نه ڪندس، هاڻي اسان هڪ هڪ شيءِ جي تياري ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو هو ته اسان جمهوري پرامن احتجاج ڪريون، شهباز شريف، حمزا ۽ راڻا ثنا الله ٻڌي ڇڏيو، اسان عدالتن ۾ وينداسين ۽ توهان تي ڪيس ڪنداسين، مرد پوليس وارن گهرن ۾ وڃي عورتن کي پڪڙيو. هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ کي چونداسين ته پرامن احتجاج جو حق ڏنو وڃي، اسان کي حق نه ڏنو ويو ته حق کسينداسين. هن چيو ته اسان سڀ ڏٺو ته ڪٿي ڪهڙي رنڊڪ آهي، ڪنهن ڳوڙها آڻيندڙ شيل فائر ڪيا، ڪير ظالم هئا، ڪهڙا پوليس وارا هئا، اهي جيڪي سي سي پي او، ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور، پنڊي، آءِ جي پنجاب، آءِ جي اسلام آباد ڏوهي آهن، جن اسان تي تشدد ڪيو، هڪ هڪ تصوير منهنجي سامهون آهي، توهان کي نه ڇڏيندس، توهان جو وقت ايندو.

