بلاگ

چين جو سپر پاور ٿيڻ وارو خواب حصو پهريون ڊاڪٽر جاويد قاضي  

اڄ کان ڏھ سال اڳ لي ڪوان يو جيڪو ھڪ دورانديش سياستدان آھي، جنھن سنگاپور کي ماڊرن رياست ۾ تبديل ڪري دنيا آڏو اچي بيھاريو، جيڪا دنيا ۾ مشھور ٿي وئي. ان کان انٽرويو دوران ھڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا توھان اھو سمجھو ٿا ته چيني ليڊر ايترا دورانديش ۽ سنجيدہ آھن ته ھو دنيا تي حڪمراني ڪندڙ طاقتور سپر پاور آمريڪا کي پنھنجي مقام تان ٿيڙي، ان جي مقابلي ۾ چين کي سپر پاور بڻائي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ مڃرائيندا؟ ھن جواب ڏنو، ھا بلڪل ايئن ڇو نٿو ٿي سگھي، ھنن دنيا جي ھڪ غريب ۽ اڀري سڀري معيشت ۾ ساھ وجھي انقلاب برپا ڪري انقلابي قدم کڻي دنيا آڏو ھڪ معجزو پيش ڪيو آھي ۽ چين کي ٻئي نمبر تي ھڪ وڏي معيشت طور پاڻ مڃرايو آھي. چيني ته دنيا کي کليو کلايو چون ٿا ته ھو چار ھزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آھن. ھتي 1.3 بلين ماڻھو رھن ٿا، ھتي علم جي اڪابر ماڻھن جي کوٽ ناھي، ھنن وٽ ٽيڪنيڪي ماھر، معاشيات جا ماھر، زراعت جا ماھر ۽ ھر طرح جو علم رکندڙ ماڻھو رھن ٿا. چين جي ترقيءَ جو راز ڪو ھڪدم ٿي پوڻ وارو عمل ناھي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي پنھنجي ملڪ جي حڪمت عملي، پنھنجي اردگرد جي صورتحال تي نظر رکي پوءِ ئي جوڙيندي آھي، جيئن دنيا ۾ روس جي سوشلسٽ ريپبلڪ رشيا جڏھن ٽٽي پئي ۽ ڪيترين ئي ننڍين قومن آزاديءَ جو اعلان ڪيو ته چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٿنڪ ٽئنڪ ھڪ حڪمت عملي جوڙي ته ھاڻي اسان کي ڪنھن به ملڪ سا ٽڪراءُ ڪرڻ يا مقابلو ڪرڻ ۽ چٽا ڀيٽي ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪرڻ بدران خاموشيءَ سان اندر ئي اندر پنھنجي ترقيءَ جو عمل جاري رکڻو آھي، پر ٻاھران اھڙو ڏيک ناھي ڏيڻو. اسان کي وقت جو انتظار ڪرڻو آھي ۽ ان تي نظر رکڻي آھي ته آمريڪا ايشيا ۾ پنھنجي معاشي، سياسي ۽ فوجي طاقت کي ڪيترو اڳتي وڌائي رھيو آھي ۽ خاص ڪري سامونڊي علائقي ۾ ڪيتري اڳڀرائي ڪري رھيو آھي؟ خاص ڪري ان علائقي ۾ جيڪو اسان جي قريب ترين آھي. آمريڪا جي ان دست درازيءَ کي روڪڻ جو ھڪڙو ئي طريقو آھي ته اسان پنھنجي سامونڊي ٻيڙي کي وڌايون، سامونڊي ويڙھ لاءِ بحري جھاز تيار ڪريون، اھڙيون سب ميرين تيار ڪريون جيڪي ھوائي جھازن جي ھڪ وڏي فليٽ کي کڻي سگھن ۽ انھن کي سمنڊ مان اڏاري واپس سيفٽيءَ سان جھاز تي لاھي سگھجي، جيڪي آمريڪا جي جوڙ جون ھجن طاقت، قوت ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ آمريڪا کان ھرگز گھٽ نه ھجن. اسان کي سيٽلائيٽ تيار ڪري مدار ۾ ڇڏڻا پوندا ۽ بيلسٽڪ ميزائيل تيار ڪري بحري جھازن کي ليس ڪرڻو پوندو. جڏھن اھي سڀ هدف تڪميل تائين رسي ويندا، اسان پوءِ ايشيا جي خطي ۾ آمريڪا جي ٺاھيل APEC ايشيا پيسيفڪ اڪانامڪ ڪارپوريشن ۽ARF  ايشين نيشنل ريجنل فورم جيڪي آمريڪا تشڪيل ڏنا آھن انھن جو مقصد ايشيا جي ملڪن جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ آھي. چيني قيادت جو ٻيو ڪم ھو APEC ۽WTO  ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو دروازو کڙڪائڻ ۽ انھن کي باور ڪرايو ويو ته اسين دنيا سان مستقل ڪاروباري رشتا جوڙڻ چاھيون ٿا، جنھن ڪري ھو چاھين ٿا ته اھي آمريڪا جي ٻه اکيائيءَ جو شڪار نه ٿين. چين ھاڻي ايتري سگھاري سامونڊي طاقت ٿي ويو ھو جو بحري قوت جوڙڻ کانپوءِ ھن ارد گرد جي ٻيٽن تي پنھنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ شروع ڪيو. ھاڻي اھو وقت اچي ويو ھو جڏھن چين جي سامونڊي ٻيڙي ۽ جھاز بردار جنگي جھاز ۽ سامونڊي سبمرين چين جي سرحدن مان نڪري نروار ٿيو جنھن ڪري آمريڪا پنھنجي بحري جھازن کي چين جي پاڻيءَ جي حدن کان پري رھڻ لاءِ مجبور ٿي پٺتي هٽي ويو. چيني ٿنڪ ٽئنڪ دنيا ۾ روز مرہ جي ڏيھان ڏيھه وارتا ۽ صورتحال کان باخبر رھندڙ ھئي، ھتي سندن ھڪ حڪمت عملي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان، تيانامن اسڪوائر وارو سانحو جنھن کان ڪجھ ئي مھينا اڳ فيبروري 1989 ۾ ان وقت جي صدر ڊينگ سجايو پينگ جي آمريڪي صدر جارج بش سان ھڪ ملاقات ٿي ھئي، جنھن تي چيني صدر جارج بش کي باور ڪرايو ته سوويت روس چائنا بارڊر تي پنھنجون ٽيھ ڊويزن فوجون لاھي، چين تي نظر رکي ويٺو آھي ۽ روس اڳ ۾ ئي چين جا 30 ملين فوٽ زمين ڦٻائي ويٺو آھي، ان ڪري سندس مدد ڪئي وڃي. جنھن تي آمريڪا انڪار ڪيو ته ھو چين سا متفق آھي. روس جو جوزف اسٽالن چين جو حامي ۽ پٺڀرائي ڪندڙن مان ھو. جوزف اسٽالن کي چين جي جدت پسندي ۽ ترقي بيحد پسند ھئي، پر ستت ئي اسٽالن جي مرڻ کانپوءِ خروشيوو جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ ھن قلم جي ھڪ ئي جنبش سان چين سان سائنو سوويت معاهدا ڪينسل ڪري ڇڏيا. ھن پنھنجي ملڪ اندر موجود نيو ڪليئر ميزائيلن جي ٽن حصن جو رخ چين ڏانھن موڙي ڇڏيو. اھڙي صورتحال ۾ چين لاءِ اھو ئي مناسب ھو ته ھو آمريڪا سان پنھنجا ناتا بحال رکي، جيڪو خود آمريڪا لاءِ فائديمند ھو. چين جي ٿنڪ ٽئنڪ جي ماھرن اھو فيصلو ڪري ڇڏيو ته ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي ته خطي خاص ڪري ايشيا پرڳڻي ۾ پنھنجو اثر رسوخ وڌائڻ شروع ڪجي، پاڙيسري ملڪن سان ڪار وهنوار ۾ اضافو ڪجي، انھن کي اعتماد ۾ وٺجي ۽ انھن کي تحفظ جو اعتماد ڏجي، جنھن جي تحت ھننAIIB  ايشيا انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ جو بنياد وجھي پنھنجي حصيداري وجھي پنھنجي ڪردار کي موثر ثابت ڪيو. اھو سڀ ڪجھ ان حڪمت عملي جو حصو ھو ته آمريڪا جي وڌندڙ اثر رسوخ کي روڪي سگھجي.

چين جي معاشي ترقي جا ڪھڙا ڪارڻ آھن؟:

  1. سڀ کان اھم ڪم جيڪو ماھرن ڪيو آھي ته پنھنجي شھرن جي ڍانچي کي نئين شڪل ڏيڻ يعني ننڍن ڳوٺن کي سڌاري انھن کي شھرن جو درجو ڏيڻ.
  2. سيڙپڪاري ۾ ناڻي کي مستقل وڌائيندو رھجي، ان کي گھٽائجي نه جيئن ان جا دور رس نتيجا حاصل ڪري سگھجن.
  3. پرڏيھي واپار جي وڌ ۾ وڌ ملڪن جي مارڪيٽن تائين رسائي ڪجي.
  4. ٽيڪنالاجي جي وڌ وڌ ۾ استعمال ڪري جدت آڻي دنيا ۾ متعارف ڪرائجي.

ھڪ ڀيري چين جي پرڏيھي سياست جي ماھر شخصيت جنھن جو نالو ھوجن تائو آھي، ان ھڪ ست سالا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو(جنھن ۾ سڄي دنيا مان آيل چيني سفير، وزير ۽ اعليٰ عملدار ھئا) دنيا ھاڻي يونيپولر ناھي رھي نه ئي ھاڻي دنيا ۾ ڪو اڪيلو سپر پاور ٿي مستقل رھي سگھندو اڄڪلھ دنيا جنھن دور مان گذري رھي آھي اھو Multi polarity جو دور آھي. ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته اسان پنھنجو صحيح روپ دنيا آڏو ظاھر ڪريون ۽ پنھنجا ڏيھان ڏيھه معاملا ۽  پاليسيون پنھنجي خطي جا مفاد ۽ پنھنجي سلامتي ۽ تحفظ خاطر دنيا آڏو وائکو ڪريون ته اسان ھاڻي دنيا ۾ معاشي ۽ فوجي اعتبار کان بھتر ۽ معتبر به ٿي چڪا آھيون. ھن تقرير جاري رکندي ٻڌايو ته اسان جو نيويءَ جو ڪمانڊر جنھن جو نالو ليئو ھو، جنھن روس مان تربيت ورتي ھئي. اڄڪلھ ھي بحري ٻيڙو تيار ڪري رھيو آهي، جنھن ۾ ايئر ڪرافٽ ڪيريئر پڻ شامل آھي. اھو سڀ ڪجھ ھن جي محنت ۽ حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي، پر افسوس ته اسان جڏھن پنھنجو پھريون بحري ايئر ڪرافٽ ڪيريئر سمنڊ اندر لاٿو، ڪمانڊر ليئو ھڪ سال اڳ سال 2011 ۾ اسان کان موڪلائي ويو. ھتي ھڪ اھم ليکڪ جو حوالو ڏيندو ھلان جنھن ھڪ ڪتاب تحرير ڪيو جنھن جو نالو آھي:

The Long game, China’s Grand Strategy to Displace American Order Rush Doshi

ان ليکڪ جو نالوRush Doshi  آهي، هن ڪافي وقت آمريڪا ۽ چين ۾ گذاريو، ھو ھارورڊ يونيورسٽي ۾ ٽيسٽر پڻ رھيو. ھن پنھنجي ڪتاب لکڻ کان اڳ ڪافي معلومات ڪٺي ڪئي، گھرو اڀياس ڪيو ۽ کوجنا ڪئي. ھن جو گھڻو وقت آمريڪا جي جارج واشنگٽن يونيورسٽي ۾ گذريو. ھن ڪتاب ۾ رش جوشي بيان ڪيو ته چيني قيادت ڏيھان ڏيھي صورتحال تي باريڪ بينيءَ سان نظر رکندي پئي اچي. ھو ڀلي ڀت اندازو لڳائي چڪا ھئا ته ھاڻي دنيا يوني پولر سسٽم اندر رھي نه سگھندي اھا ملٽي پولرٽي واري صورتحال ڏانھن ڌڪجي چڪي آھي. ھن جي آبهوا مطابق ٽي وڏا محرڪ ھئا جن دنيا جي ڪار وھنوار کي متاثر ڪري ان تي گھرو اثر وڌو:

  1. چين اندر تيانامن وارو سانحو
  2. خليج جي جنگ
  3. روس جو ٽٽي پوڻ.

ان صورتحال کانپوءِ جڏھن روس ۽ آمريڪا وچ ۾ سرد جنگ جو خاتمو ٿيو، چين کي ٺيڪ ان وقت اھو احساس جاڳيو ته ھينئر اھو موقعو آھي ته ڏيھان ڏيھي معاملن ۾ حصو وٺڻ گھرجي ۽ انساني ڪرڻ واري ڪم ۾ پنھنجو حصو ۽ ڪردار ادا ڪري نمائنده حيثيت ۾ اچي پاڻ موکجي. چين ۾ ٻه اھڙا ماھر ھئا ھڪ ھو يوبانگ ۽ ٻيو ھو زاھو زيانگ جيڪي ڪولڊ وار يعني سرد جنگ جي ختم ٿيڻ شرط ئي ان ڪم ۾ جنبجي ويا ۽ ھنن حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪئي. ھنن جو پھريون ڪم ھو پنھنجي خطي يعني ايشيا جي ان حصي ۾ جيڪي ملڪ سندس پاڙيسري به آھن انھن سان پنھنجن سفارتي ناتن ۽ تجارتي ناتن تي نظر ثاني ڪرڻ ۽ پنھنجو اثر رسوخ وڌائڻ حقيقت ۾ چين کي پنھنجي خطي ۾ روس کان ته خطرو رھيو پئي، پر جاپان کان به ڇو جو ان جي پٺڀرائي آمريڪا ڪري رھيو آھي. ٽيون آھي سنديس جنھن وٽ ائٽمي ھٿيار پڻ آھن، پر ھن وقت چين دنيا آڏو ھڪ نئين چهري سان نروار ٿيو آھي، جيئن ئي دنيا ۾ ڪووڊ جي بيماري پکڙجڻ لڳي، ملڪن جي ڊوڙ پنھنجي عوام کي بيماريءَ کان بچائڻ لاءِ ويڪسين خريد ڪرڻ ۾ لڳي وئي. اھڙي صورتحال ۾ چين غريب ملڪن ۽ خاص ڪري ڀٽڪي پيل آفريڪي ملڪن کي به ويڪسين يا امداد ڏني ۽ آسانيءَ سان سندن در تائين مدد پھچائي. چين جي موجوده پاليسي جيڪا انٽرنيشنل افيئرس متعلق آھي، ان جو سھارو وانگ يي جي سر آھي جيڪو پھريائين ھڪ سفير ھو، پر سندس صلاحيتن جي ڪري کيس بين الاقوامي امور جو وزير مقرر ڪيو ويو. ھن جو ماضي ٻڌائي پيو ته ھو ذھين ۽ محنتي ھو. جڏھن چين ۾ سماجي انقلاب جو دور ھو ان دور ۾ ھن تمام گھڻو لٽريچر پڙھيو ھو. ھن کي بيجنگ جي انٽرنيشنل اسٽوريز جي شعبي جي اسڪالرشپ ملي ھئي. پوءِ ھن اتي جاپاني ٻولي سکڻ واري شعبي ۾ داخلا ورتي ھئي. جيئن ئي ھن يونيورسٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي ته قسمت ھن جو ساٿ ڏنو ھن کي پرڏيھي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڏني وئي ۽ ھن اتي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جتي ھن ھڪ رايل فيملي مان شادي پڻ ڪئي. سندس ھڪ وڏو سفارتڪار رھي چڪو ھو. جنھن جو نالو ھو Quan Jadong چيان جانگ ھن کي سن 1950ع ۾ جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اماڻيو ويو ھو. وانگ يي کي جاپان جي سفارتڪار جي لاءِ چونڊيو ويو، اتي ھن جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي کيس موٽڻ شرط منسٽريءَ جو عھدو ڏنو ويو. وانگ يي جيئن ئي منسٽري جي چارج سنڀالي ھن ھڪ وائٽ پيپر پڌرو ڪيو، ان ۾ ھڪ باب لکيو ويو جنھن جو نالو ھوCommunity of Common Destiny  ان باب ۾ ايشيا جي تقريبن سڀني ملڪن کي فوڪس ۾ آندو ويو، جڏھن ته ماضيءَ ۾ ھميشه جيڪا به پاليسي جوڙي وئي ھئي، ان کي ھميشه آمريڪا کي مد نظر رکي جوڙيو ويندو ھو. ھاڻي ان ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي ھئي. ھاڻي چين انھن ملڪن کي پنھنجي طرف ڇڪڻ شروع ڪيو، جن جا آمريڪا سان فوجي ناتا صحتمند روين تي مبني نه ھئا. چيني ڏيھان ڏيھي يعني بين الاقوامي امور جي ماھرن طئي ڪيو ته اھو ئي صحيح وقت آھي جڏھن کين ان نئين حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. ھنن جي سوچ اھا آھي ته ھن وقت دنيا وڏين تبديلين طرف وڃي رھي آھي. ماھرن جي راءِ اھا آھي ته واقعي اهي دنيا جون وڏيون تبديليون ھونديون، جيڪي اسان اڳي ڪڏھن نه ڏٺيون ھونديون! ھنن چيو ھن وقت چين سان وقت جو لاڙو چين جي طرف آھي. ھاڻي چين وٽ طاقتور قوم جو ساٿ آھي جيڪا پرعزم آھي، جنھن قوم جي راھ جو تعين صحيح طرف آهي وقت جو توازن ان جي ئي حصي ۾ ايندو.

…(هلندڙ)…