سائنسدانن پاران هاڻي اهڙي ديگڙي تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي مدد سان بجلي به ٺاهي سگهجي ٿي. اها ديگڙي عام گئس جي چلهي تي رکي ويندي ۽ ٻوڙ ٺاهيندي وقت ان جي هيٺان لڳل اهڙو نظام ٺاهيو ويو آهي جنهن کي باهه ۾ رکڻ سان اهو بجلي پيدا ڪندو. جيڪو اٽڪل 5 واٽ تائين جي بجلي ٺاهيندو، جنهن سان گهر جون موبائل فونون چارج ڪري سگهبيون. موبائل فون کي هڪ تار ذريعي هن ديگڙي سان جوڙي ان ۾ هلندڙ بجلي کي موبائل فون ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو.

