نئين حڪومت چونڊجڻ تائين آرمي چيف قمر جاويد باجوا کي واڌ ڏني وڃي: عمران خان
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي واڌ ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته نئين آرمي چيف جو معاملو نئين حڪومت اچڻ تائين ملتوي ڪرڻ گهرجي، نئين حڪومت نئين آرمي چيف جي چونڊ ڪري. هن چيو ته 85 سيٽن وارو مفرور آرمي چيف ڪيئن ٿو سليڪٽ ڪري سگهي؟ جيڪڏهن مخالف چونڊون کٽي ٿا و ڃن ته پوءِ سپهه سالار جي چونڊ ڪن، مون کي ڪو مسئلو ناهي. هن چيو ته نئين حڪومت جي چونڊجڻ تائين جنرل قمر جاويد باجوا کي عهدي تي واڌ ڏني وڃي. عمران خان چيو ته حڪومت سان چونڊن سميت هر موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، آمريڪا مخالف ناهيان. توهين عدالت ڪيس جي حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪجهه چوڻ جي اجازت ملي ها ته شايد معافي گهري وٺان ها.

