خاصنئون

قومي اسيمبلي ۾ اڪثريتي راءِ سان آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور

قومي اسيمبلي ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌاري متعلق سروسز ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيا ويا. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيئرمين دفاعي ڪميٽي امجد علي خان آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي قائمه ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. اسپيڪر جي هدايت تي دفاعي وزير پرويز خٽڪ آرمي ايڪٽ، ايئر فورس ايڪٽ ۽ نيوي آرڊيننس ۾ ترميمن جون ڌار ڌار  تحريڪون پيش ڪيون. ايوان فوجي سربراهن جي باري ۾ قانون سازي کي ڌار ڌار منظوري ڏني.