توشا خانا ريفرنس، شيرين مزاري اليڪشن ڪميشن تي ڪڙڪي پئي
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪارن ڪڪرن وانگر ڌمڪي جوڳي انداز ۾ مٿان ڦيرا ڏيئي رهي آهي، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي مسلسل نشانو بڻائي رهي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته سومر تي توشا خانا انجنيئرڊ ڪيس انتهائي تعصباڻي اليڪشن ڪميشن آڏو اچي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن شريفن، زردارين، گيلانين جي توشا خانا مان گاڏين سميت تحفا وٺڻ جو نوٽيس ناهي ورتو.

