خاص

بجلي جي بريڪ ڊائون تي جسٽس صلاح الدين پنهور جا دلچسپ ريمارڪس

ڪراچي ۾ صبح جو ساڍي نائين وڳي کان بند ٿيل بجلي شام جو بحال ٿي سگهي، بجلي نه هئڻ سبب عدالتن ۾ ڪيترن ئي ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون، بجلي نه هئڻ سبب عدالتن جي لفٽ بند ٿي وئي جنهن سبب معذور ۽ بزرگ شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن ته بجلي بند هئڻ سبب عدالتن ۾ ڪمپيوٽر، پرنٽر ۽ ٻيون ضروري شيون پڻ بند ٿي ويون. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او خلاف 50 هزار رپين جي ماليت جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هڪ ڪلاڪ ۾ وارنٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ پوليس کي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي هڪ ڪلاڪ ۾ وٺي اچو. ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي پڻ طلب ڪري پڇيو ته ڇا اوهان وٽ بجلي جو ڪو متبادل ذريعو ناهي؟ جنهن تي رجسٽرار موقف اختيار ڪيو ته اسان وٽ متبادل جنريٽر موجود آهي ۽ جنريٽر ذريعي مرڪزي عمارت کي بجلي ڏني ويندي آهي. عدالت پڇيو ته ڇا اوهان سولر سسٽم جو انتظام نه ڪيو؟ جنهن تي رجسٽرار ٻڌايو ته اسان وٽ سولر سسٽم موجود ناهي جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور رجسٽرار کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پراڻي دور ۾ رهي رهيا آهيو، هتي اسان جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي ان جو بار ته اوهان تي پوندو جنهن ڪري اوهان سولر سسٽم لڳايو ته فائدو ٿيندو. عدالت چيو ته پارڪنگ ايريا ۾ شيلڊ لڳائي سگهجن ٿا جنهن جي هيٺيان گاڏيون بيهنديون ۽ مٿي سولر سسٽم هلي سگهي ٿو. عدالت چيو ته اسان ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، اوهان معاملي کي ڏسو سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سان ڳالهايو. ان موقعي تي گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ عملدارن عدالت پهچي ٻڌايو ته بجلي ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري بند نه ٿي آهي، سڄي ملڪ جو نظام ويهي رهيو آهي جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ کي ماهوار 60 لک رپيا بل ڏيندي آهي، جيڪڏهن بجلي نه هوندي ته عدالتون ڪيئن هلنديون؟ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن بجلي ناهي ته متبادل جنريٽر سان بجلي فراهم ڪرڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور ڪي اليڪٽرڪ عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جو ان سان ڪو به واسطو ناهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي ناهي ته پوءِ اسان کي به بجلي نه ملندي متبادل بجلي فراهم ڪرڻ به ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور ڪي اليڪٽرڪ عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان گرفتاري وارنٽ تڏهن واپس وٺنداسين جڏهن بجلي بحال ٿيندي. عدالت چيو ته بجلي جي فراهمي بابت سنڌ حڪومت ۽ ورڪ اينڊ سروسز جو نظام به مينوئل آهي اسان سنڌ حڪومت تي نٿا ڀاڙي سگهون. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جا بل ڏئي رهي آهي ته پوءِ بجلي ڇو نٿي ڏني وڃي؟ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪم وارن ڏينهن تي ته بجلي بند نه ٿيڻ گهرجي. عدالت ڪي اليڪٽرڪ عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته لکي ڏيو ته عدالتن کي بنا بريڪ جي بجلي جي فراهمي ڪيئن ممڪن بڻائيندا.