خاص

آمريڪا پُر اعتماد آهي ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جِي حفاظت ڪري سگهي ٿو: آمريڪي پرڏيھي کاتو

آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان جوبائيڊن جَي تڪراري بيان تي وضاحت ڏني آھي، آمريڪي پرڏيھي کاتي جي ترجمان موجب آمريڪا پُراعتماد آهي ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جِي حفاظت ڪري سگهي ٿو. ويدنت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي اثاثن جِي حفاظت ڪرڻ جِي صلاحيت رکي ٿو، آمريڪا سدائين محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان کي پنهنجي مفادن لاءِ اهم سمجهي ٿو، اسلام آباد جَي سهڪار جو قدر ڪريون ٿا. آمريڪا پاڪستان سان گڏ ڊگھي مدي وارن لاڳاپن جو خواهشمند آهي.