نادرا جنس تبديلي بابت اهم فيصلو ڪري ڇڏيو
نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي جنس جي تبديلي جي رول 13 ون کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ورتو. قائم مقام چيف جسٽس سيد محمد انور جي سربراهي ۾ وفاقي شرعي عدالت جي ٻه رڪني بينچ ٽرانس جينڊر ايڪٽ 2018 خلاف سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. نادرا جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته نادرا هڪ مهيني تائين جنس تبديلي جي رول 13 ون کي ختم ڪري رهيو آهي. 13 ون جي خاتمي تي چيئرمين نادرا جون صحيحون ٿي چڪيون آهن، ڪوشش ڪنداسين ته هڪ مهيني ۾ بورڊ ميٽنگ مان منظوري حاصل ڪئي وڃي. سينيٽر مشتاق جي وڪيل چيو ته قانوني ۽ شرعي طور تي ڏسڻو پوندو ڇا ڪو پاڻ پنهنجي جنس جو تعين ڪري سگهي ٿو، ايڪٽ ۾ ٽرانس جينڊر جو لفظ آهي، پر ان جي ڪا تشريح ناهي ڪئي وئي، ٽرانس جينڊر اهو آهي جيڪو ٻنهي صنفن جو مالڪ هجي.

