روس وٽان جلد تيل خريد ڪنداسين، آمريڪا نٿو روڪي سگهي، واشنگٽن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي: پاڪستان
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جلد روس وٽان تيل جي خريداري ممڪن بڻجي ويندي، گذريل مهيني آمريڪي دوري دوران سندس آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ روس وٽان تيل خريدڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، کين ٻڌايو ته پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت به روس وٽان تيل خريد ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ طئي ٿيو ته روس وٽان تيل خريد ڪري سگهون ٿا، آمريڪي عملدارن چيو ته هو جي سيون جو هڪ پليٽ فارم ٺاهي رهيا آهن، جيڪو روس کان تيل خريدڻ لاءِ قيمتن جو تعين ڪندو، ان کان مٿي اگهه تي روس کان ڪير به تيل خريد نه ڪندو. اسحاق ڊار چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ڀارت سان جيڪي روس جا شرط آهن، انهن ئي شرطن تي روس وٽان تيل خريد ڪريون، ان ڏس ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ حڪومت اهم قدم کڻندي.

