خاص

پي ٽي آءِ پاران ايف آءِ آر ۾ ٽن اهم شخصيتن جا نالا داخل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

تحريڪ انصاف عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر خواهش موجب نه ڪٽجڻ تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، تحريڪ انصاف ايف آءِ آر ۾ خواهش موجب ٽن ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سمورن صوبن جي سپريم ڪورٽ رجسٽرين ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اڄ سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪن.