خاص

جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي

جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي آھي. پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. رٽائرڊ ٿيندڙ جنرل قمر جاويد باجوا ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پھرين شھيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، جتي شھيدن جي يادگار تي گل چاڙھيا ۽ شھيدن جي مغفرت لاءِ دعا گھري. جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا آرمي ڪمان جي علامت سمجھي ويندڙ ملاڪا اسٽڪ اعزازي شمشير يافته جنرل سيد عاصم منير جي حوالي ڪئي ۽ جنرل عاصم منير ان ڇڙي کي ھٿ ۾ کڻندي پاڪستان آرمي جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ 17 ھون آرمي چيف ٿي ويو آھي.