عمران خان جنرل باجوه خلاف جڏهن ڳالهايو ته مون کي خراب لڳو: پرويز الاهي
پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان جنرل باجوه خلاف جڏهن ڳالهايو ته مون کي خراب لڳو، جنرل باجوه اسان جو محسن آهي، احسان فراموشي نه ڪئي وڃي. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو ته جنرل باجوه حڪومت مان نڪرڻ بعد پي ٽي آءِ جي مدد ڪئي. هن چيو ته هاڻي جنرل باجوه جي خلاف ڳالهايو ويو ته سڀ کان پهرين مان مخالفت ڪندس ۽ منهنجي پارٽي مخالفت ڪندي. پرويز الاهي جو چوڻ هو ته رٽائرڊ جنرل فيض حميد اسان سان گهڻيون زيادتيون ڪيون ۽ جيل موڪلڻ جي ڪوشش به ڪئي.

