سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جاري
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جاري آھي. ميرپورخاص جاتي، ماتلي، عمرڪوٽ، ڏيئي، جهڏو، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو غلام حيدر، ڪڙيو گهنور، گولاڙچي ۾ برسات جاري آھي. بدين، ڪنڊيارو، ڪنري، ڪلوئي، ڪڍڻ، ملڪاڻي شريف، نئون ڪوٽ، شادي لارج، ٽنڊو محمد خان ۾ به برسات جاري آھي. ٽنڊو باگو، ميان صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جاري، بندن ۽ روڊن تي ويٺل متاثر سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو. سجاول، ڪيٽي بندر، ڳڙهي حسن، چمبڙ، مسڻ ۽ ڀرپاسي ۾ به برسات جاري آھي، بندن ۽ روڊن تي ويٺل ٻوڏ متاثر پريشانين ۾ وٺجي ويا.

