سنڌ واسي اٽي لپ لاءِ دربدر، مظاهرا ۽ ڌرڻا
سنڌ ۾ اٽي جو بدترين بحران برقرار آهي، حڪومت جو اعلانيل سستو اٽو به عوام کي نه ملي سگهيو آهي. سنڌ واسي اٽي لپ لاءِ دربدر آهن، مختلف شهرن ۾ لڳايل سستي اٽي جي اسٽالن تي خلق اُٿليل آهي. جيڪب آباد، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ ٺل ۾ سياسي سماجي تنظيمن، شهرين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. جهڏو، چمبڙ، ميرو خان ۽ ڏيپلو ۾ به رهواسي سستي اٽي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن. حيدرآباد ۾ به شهرين کي سستو اٽو نه مليو، سانگهڙ ۾ تئي تي مٽيءَ جي ماني پچائي انوکو احتجاج ڪيو ويو. ڪنري ۾ چڪي مالڪن اٽي جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ ڪري ڇڏي، في ڪلو 160 رپين تائين وڪرو ٿيڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.

