ڊائري جا ورق
اسين عظيم شخصيتن جا صرف ڪيل سٺا ڪم ذهن ۾ رکندا آهيون. جڏهن ته انهن جي ڪمزورين کي اسان غور هيٺ نه آڻيندا آهيون. ڇاڪاڻ جو اسان انهن سان انتها درجي جي محبت ڪندا آهيون ۽ وري اسان بدنام شخصيتن جون برايون ته نمايان طور ڏسي وٺندا آهيون. جڏهن ته انهن جي زندگي ۾ ٿيل چڱايون ٿوريون ئي صحيح، پر اسان کي نظر ڪونه اينديون آهن. ڇاڪاڻ جو اسين انهن کان سخت نفرت ڪندا آهيون.
منهنجي خيال ۾ سوچڻ جا اهي ٻئي انداز صحيح ناهن ۽ انهن کي قبول (Justify) نٿو ڪري سگهجي.
***
هڪ ڏاهو ۽ ذهين (Genius) ماڻهو جيڪڏهن ڪجهه وقت آوارگيءَ ۾ وڃائي ٿو ته منهنجي خيال ۾ ان تي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي. سماج لاءِ پاڻ ارپڻ جي عمل ۾ جيڪڏهن ڪڏهن هو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪجهه وقت لاءِ آوارگيءَ ۾ سهارو ڳولهي ٿو ته منهنجي خيال ۾ ان تي ايڏا ڪات اڀا ٿيڻ نه گهرجن. ڇاڪاڻ جو هن جو ڪم انهن ننڍڙن گناهن کان گهڻو مٿي (اتم) هجي ٿو.
***
جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مسئلي تي ڪا راءِ نٿو ڏي (No Comments) ته توهان ڀلي ان کي غير جانبدار چئو، پر ان جو مطلب هن ۾ حقيقتن کي تسليم ڪرڻ جي اخلاقي جرئت ناهي ۽ هو حد کان زياده بزدل آهي.
***
انسان جي غلامي جي ڊگهي تاريخ آهي. هڪ عام ماڻهو تي ان جو اثر ته رهيو ئي آهي، پر هڪ روشن خيال اديب ۽ دانشور به ان کان نفرت ڪرڻ جي باوجود جان آجي ڪرائي نه سگهيو آهي. مثال طور هڪ شاعر چوي ٿو:
اي منهنجا محبوب! آئون تنهنجي هر قسم جي غلامي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
غلامي ته بهرحال غلامي ئي آهي، پوءِ کڻي اها بادشاهه جي هجي يا محبوب جي.
***
رکشا ٻندڻ هڪ ڌرمي تهوار آهي جنهن ۾ ڀاءُ ڀيڻ کي راکي ٻڌي ان جي تحفظ جو وچن ڪري ٿو.
تحفظ هميشه ڪمزور جو ڪبو آهي، ان جو مقصد ته اهو ئي ڏيکارڻ آهي ته مرد طاقتور ۽ عورت ڪمزور آهي. اها پدري سماج جي سوچ ۽ پيداوار آهي.
***
هن چيو: تون نرڳ ۾ ويندين
مون چيو جڏهن هڪ ماءُ پنهنجي نالائق پٽ لاءِ به بددعا نٿي ڏي ته پوءِ هو ڇو پنهنجي تخليق کي عذاب ڏيندو!؟
***
جڏهن منهنجي سواسن ۾ گل پنهنجي خوشبوءِ وڃائي ويهن. جڏهن منهنجي دل ۾ سونهن پنهنجا معجزا ڏيکارڻ بند ڪري ڇڏي… تڏهن مان مڃي وٺندس ته زندگي فاني آهي، پر ايئن ڪڏهن به ٿيڻو ناهي.
***
سنڌي ۾ ته هونئن ڪافي ليکڪ آهن، پر علي بابا اهو واحد ليکڪ آهي جيڪو چوويهه ڪلاڪ ئي ليکڪ آهي. هن جي شڪل شبيهه، اٿڻ ويهڻ، خاموش رهڻ ڳالهائڻ… مطلب ته هن جي هر ادا مان ڪلاڪاري بکي ٿي.
***
ماڻهو فطرت کي صحيح معنيٰ ۾ نه سمجهڻ/ڄاڻڻ جي ڪري ئي وهمن، وسوسن ۽ انڌ شرڌا ۽ وشواس جي اڳيان بيوس بڻجيو پوي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي روح جو فطرت سان ڳانڍاپو جوڙي وٺي ته هن جي جيون جا چارئي طبق روشن ٿي پوندا ۽ هو اوندهه انڌوڪار ۽ انڌ شرڌا جي ڌٻڻن مان نڪري پار پوندو.
***
تون مون کي ننڍڙو ۽ پتڪڙو ذرڙو (Tiny Particle) ڪوٺي منهنجي وجود ۽ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهين.
اهي ننڍڙا ذرڙا ئي آهن جيڪي پاڻ ۾ ملي ڪري وشال ڪائنات جوڙين ٿا.
***
هڪ دوست منهنجي لاءِ استادن جي عالمي ڏينهن (15 آڪٽوبر) تي تعريفي ڪلمات جو اظهار ڪيو آهي. منهنجي ذهن تي يوناني مڪتب فڪر (School of Thought) جا عظيم استاد افلاطون ۽ ٻيا تري اچن ٿا جيڪي پنهنجي فڪر سان هن ڪائنات جي پراسراريت ۾ جهاتيون پائي نيون دنيائون پسائيندا هئا ۽ جيون جي معنيٰ ۽ ڪارج سمجهائيندا هئا.
آئون شرمساري سان اهو قبول ڪريان ٿو ته آئون استاد ته پري جي ڳالهه آهي، پر هڪ سٺو شاگرد به نه ٿي سگهيو آهيان.
***
اڄ استادن جو عالمي ڏينهن 15 آڪٽوبر آهي، اتفاق سان اڄ ڏينهن به آچر جو آهي. جيئن ته آچر موڪل جو ڏينهن آهي تيئن اسان جي استادن مان گهڻائي نوڪري جي پهرين ڏينهن کان وٺي رٽائرمينٽ تائين آچر جيان موڪل تي آهن ۽ پڙهائڻ کان ڇٽي اٿن.
***
مٿي آسمان ۾ ڀڳوان رحمتون ورهائي رهيو هو. درد، طاقت، خوشحالي، رتبو، زر وغيره. ماڻهو جلدي جلدي ۾ پنهنجي پسند جي رحمت گهري رهيا هئا جيئن هو ٻيو انهن جي پسنديده رحمت وٺي نه وڃي. سڀني ماڻهن پنهنجي پسنديده رحمت ورتي، پر ڪنهن به درد وٺڻ جي خواهش جو اظهار نه ڪيو. جڏهن سڀني پنهنجون پنهنجون پسنديده رحمتون وٺي لاٿيون ته آخر ۾ هڪ عورت اٿي بيٺي ۽ ڀڳوان کان درد وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيائين. ڀڳوان مرڪي ڏنو ۽ سڀني کي پنهنجين پنهنجين گهريل رحمتن سان زمين تي موڪليو. فرشتا سمجهي نه سگهيا ۽ نهايت حيرت مان ڀڳوان (Lord) کان پڇيو: ”جڏهن ته سڀ رحمتون آسائش واريون آهن سواءِ درد جي، ايئن ڇو آهي.“ ڀڳوان مرڪي ڏنو ۽ چيو: ”لالچي ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهي نٿا سگهن، اهي فقط پنهنجي ذاتي فائدي کي سمجهن ٿا، جيڪو مستقل ناهي. ٻيو ته طاقت اڳتي هلي ڏوهه پيدا ڪندي، خوشحالي مغروري آڻيندي، رتبو خود غرضي پيدا ڪندو، زر گندي ذهنيت پيدا ڪندو. اهي سڀ خصلتون کين تباهه ڪنديون ۽ هنن کي فاني بڻائي ڇڏينديون.
جڏهن ته درد پيار کي پيدا ڪندو. اها عورت جنهن درد گهري ورتو اها هِن توڙي هُن دنيا ۾ لافاني رهندي ۽ هڪ ماءُ طور سڃاتي ويندي ۽ جنهن جو رتبو سڀني مخلوقن کان مٿانهون هوندو.
(ماءُ جي عالمي ڏينهن تي لکيل)

