ڪراچي سميت ملڪ جي وڏن ڊپوز تي تيل سپلاءِ معطل
آئل ٽينڪرز اونرز ۽ ڪنٽينرز ايسوسيئيشن پاران ڪراچي سميت ملڪ جي وڏن ڊپوز تي تيل جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي. آئل ٽينڪرز ۽ ڪنٽينرز ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري بابر اسماعيل جو چوڻ آهي ته پي ايس او لاءِ تيل جي سپلاءِ بند ڪئي وئي آهي. پي ايس او پاران اين ايل سي جي مسئلن جي حل ٿيڻ تائين ڪم بند رهندو. هن جو چوڻ هو آهي ته باقي ٻين پيٽرول پمپن تائين تيل جي سپلاءِ جاري رهندي. هن کان اڳ ۾ ٽينڪر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شمس شهواڻي چيو ته پي ايس او جو تيل رفائنريز کان به نه کنيو ويندو. هن چيو ته تيل جي ڊپوز تي پهرين اچو پهرين وٺو جي بنياد تي تيل ملڻ گهرجي. هن ڏس ۾ پي ايس او جي نمائندي چيو ته اين ايل سي جا تمام ٽينڪر اوگرا ۽ اين ايڇ اي جي قائدن مطابق آهن. ترجمان اهو به چيو ته اين ايل سي ٽينڪرن کان ڪو حادثو به نه ٿيو آهي، ان ڪري عوامي مفادن ۾ سپلاءِ کي برقرار رکيو وڃي.

