مائونٽ ايورسٽ تي بغير آڪسيجن جي ويندڙ ٽيم 7200 ميٽر بلندي تي پهچي وئي
دنيا جي اوچي چوٽي مائونٽ ايورسٽ کي بغير آڪسيجن جي چڙهندڙ ٽيم نهايت ڏکي اوچائي تي پهچي وئي پاڪستان جو چاڙهو محمد علي صدپارا ۽ اسپينش چاڙهو ايلڪس ٽڪسيڪون ۽ نيپال جا ٻه گائيڊ بغير ڪنهن اضافي آڪسيجن جي ايورسٽ جي 7200 ميٽرن جي اوچائي تي پهچي ويا آهن، جيڪا ايورسٽ جي سخت اوچائي چئي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا تي ڏنل پنهنجي پيغام ۾ هنن چيو آهي ته هو هن وقت بلڪل ٺيڪ آهن ۽ سخت موسم کي برداشت ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته جبل جي اوچائي تي هوا جو پريشر زمين جي پريشر کان مختلف رهندو آهي اهڙي صورت ۾ هوا کي ساهه ذريعي کڻڻ سان اها هوا جسم اندر رت جي صحيح ڦهلاءُ کي بگاڙي ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري اتي ساهه کڻڻ تمام ڏکيو هوندو آهي. اهڙي صورت ۾ جبل تي چڙهندڙ ماڻهو پاڻ سان گڏ آڪسيجن کڻي ويندا آهن. هن قسم جي ڪوشش جنهن ۾ آڪسيجن جي سيلنڊرن کان بغير جبل تي چڙهڻ جي ڪوشش گهٽ ماڻهو ئي ڪندا آهن. موجوده ٽيم جي هيءَ ڪوشش تعريف جوڳي آهي جيڪا هڪ وقت ۾ پاڪستان ۽ اسپين جي لاءِ نيڪ نامي حاصل ڪندي. واضح رهي ته ايورسٽ جي چوٽي 8848 ميٽر بلند آهي.

