ســيد مــرتــضا ڏاڏاھـــي
شاعري توڙي نثرنگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
سنڌ جي سرزمين هميشه کان زرخيز ۽ انسانيت خيز پئي رهندي اچي، جھڙا سَلا سُريلا اُسرندا نِسرندا رهيا آھن تهڙا انسان عمده جنم وٺندا، اڀرندا ۽ نکرندا رهندا اچن پيا، جي پنهنجي انسانيت ۽ ماڻھپي سان نه صرف پاڻ ملهائيندا رهن پيا، پر وقت جي پراسراريت سان ڀرپور ورقن جو گھرو اڀياس ڪندي سماج ۽ معاشري جي ڪڙين ۽ مٺين ڪيفيتن جو دل جي نظر سان پرک ڪندي، مشاھدا ماڻيندي، پاڻ موکيندا ۽ موهيندا رهن پيا. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته جڏھن خيال ۽ ويچار ذھن جي افق تي اڏامڻ لڳندا آھن تڏھن دل جي ڌرتيءَ تي روح جي رمزن رموزن جا سخن ساز ”الھامي ارمان“ الفاظن جي اوڍ اوڍي نزولي ڪيفيتن سميت نرواڻ ٿيندا آھن، تان جو ڪا ڪلپنا ۽ رچنا جنم وٺي وٺندي آھي، اھڙن ھمگير ۽ دلگير سريلن سرجڻھارن مان سيد مرتضا ڏاڏاھي به ھڪ آھي. سيد مرتضا ڏاڏاهي سنڌ جو مڃيل، سدا بھار ۽ عاليشان سرجڻھار آھي، سندس ولادت 26 نومبر 1939ع ۾ تعلقي ٽنڊوباگو جي ديھ ڏاڏاھ ۾ ٿي ۽ بعد ۾ سندس والد محترم سيد امام الله شاھ پنهنجي خاندان سميت ٽنڊوالهيار ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اهڙي ريت سيد مرتضا ڏاڏاھي سنڌ جي سرسبز ۽ شاداب شھر ٽنڊوالھيار ۾ آباد ٿيو ۽ ادبي کيتر ۾ ٽنڊوالھيار جي سڃاڻپ جو سبب بڻيو، پر پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ يعني ”ڏاڏاھ“ واري سڃاڻپ ”ڏاڏاھي“ پاڻ تي برقرار رکي، سندس شخصيت شروع کان ئي نهٺائي، نوڙت، شفقت ۽ سٻاجھڙائيءَ سان سرشار رھي آھي، هيڏو وڏو ۽ بهترين شاعر هوندي به ساده دل ۽ نهٺائي جو زنده مثال آھن، شايد ان ڪري به سندس شاعريءَ ۾ رڌم روانيءَ سان گڏ رس چس، شگفتگي، نغمگي ۽ چاشنيت ۽ پريت جي پاٻوھتا پئي بکندي آھي، عام شاعرن کان هٽي ڪري سندس شاعري مشاھداتي محور ۽ شعور جي شعوريت واري چشمي مان دل جي دنيا ۽ من جي جھان مٿان چوڏھينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ جيئان چمڪندي نرواڻ ٿيندي ۽ جھرڪندي محسوس ٿيندي آھي، ڪئين الجھاءَ سلجھائيندي، ڪئين راز انڪشافيندي آھي ته ڪئين روحانيت انگيز عڪس ارپيندي آھي يا تاريڪ دلين کي نورانيت سان منور ڪندي لازوال روحاني اولڙا ارپيندي محسوس ٿيندي آھي، گڏوگڏ شاعراڻين صنعتن ۽ عام محاورن، سولي سلؤڻي سنڌي ٻولي جي عاليشان اکرن ۽ لازوال لفظن يعني عام فهم لفظن ۽ خالص نج سنڌي تشبيهن، استعارن ۽ ڪنعاين جو به دلڪش ۽ دلفريب لباس اوڙھيل اٿس، جڏهن ته موضوع ۽ ماحول به خالص ديسي ۽ عوامي سمويل اٿس، بار بار پڙھڻ سان به هر بار نواڻ ۽ نڪورتا پئي ڀاسندي آھي. سندس شاعري ھند توڙي سنڌ ۾ يڪسان مشھوريت ۽ مقبوليت ماڻي آھي. مجازيت جي محور تي ۽ تصوف جي تناظر ۾ سرجيل سندس شاعريءَ تي جي باريڪ بينيءَ سان نظر وجھبي ته حقيقيت جي آشنائي جھلڪندي پسجندي ۽ ڪئين راز روحانيت جا نمودار ٿيندي پيا ڀاسندا آھن. روحانيت جي رموز تي نورانيت جون مڌهم تجليون روح تي وارد ٿيندي محسوس ٿينديون آھن ۽ موسيقي پنهنجي مڌم رڌم سان روح تي نزول ٿيندي رھي ٿي ۽ من کي قرار ۽ روح کي سُرور بخشيندي محسوس ٿيندي آھي، هڪ عجيب ڪيفيت ۽ عجيب ماحول دل جي دنيا جو ڪر کڻي اڀري پوندو آھي. سيد مرتضا ڏاڏاھي، شاعريءَ جي مڙنئي رائج شاعرانه صنفن تي الاھاميت جي انوسار طبع آزمائي ڪئي ۽ سندس پھريون شعري مجموعو ”زھر زم زم“ سال 1984ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو اڄ ناياب ۽ ناپيد بڻجي چڪو آھي ۽ تازو ڪافين جو مجموعو 2019ع ۾ ”وسري وياسين“، ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. سيد مرتضا ڏاڏاھي حمد، نعت، مناقبا، ڪافي، ڪلام، گيت، غزل، وائي، نظم ۽ بيت چيا ۽ ڏات ۽ ڏانءُ جيڪا قدرت طرفان کيس عطا ٿيل آھي، جنهن سبب سندس تخليقي قوت ڪنهن جادوئيت کان گھٽ ناھي، خاص ڪري سنڌ جي جديد شاعرن ۾ سندس شعر وسخن وڌيڪ سگھارو ۽ پختو نظر اچي ٿو، سندس نثرنگاري به بيمثال آھي، مطلب سيد مرتضا ڏاڏاھي ھڪ گھڻ پاسائون اديب ۽ ليکڪ آھي، گذريل اڌ صديءَ کان سندس ڪلام ۽ گيت، ڪافيون ۽ وايون ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان باقائده طور نشر ٿيندا رھن ٿا ۽ سنڌ جي موجوده نئين ٽھي جڏھن کان ھوش سنڀاليو ته سيد مرتضا ڏاڏاھيءَ جي شاعري سندن ڪنن تي سُرن ۽ سازن جي آڌار تي گونجندي رھي ۽ گڏوگڏ من کي مسرور ڪندي رھي ۽ اھڙي ريت موجوده جوان جماڻ نسل جو موسيقيءَ طرف لاڙو ننڍپڻ کان ئي ٿيو ۽ ناتو ڳنڍيو ۽ ھڪ اتم ماحول جو ڪنهن حد تائين جوڙ جڙيو، ان صورتحال ۾ سنڌ جا ٻيا به سرجڻھار ۽ راڳي سيد مرتضا ڏاڏاھيءَ سان ٻانھه ٻيلي رھيا، پر خاص ڪري ريڊيو تي سندس ڪلام ۽ گيت ڪثرت سان گونجڻ لڳا ۽ مائي ڀاڳي ۽ قاسم اوٺي سميت سنڌ جا کوڙ سريلا راڳي راڳ رنگ جي ميدان ۾ مشھور ۽ مقبول ٿيا. سيد مرتضا ڏاڏاھي جي شاعري ھر لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ ۽ بيمثال آھي، پر سندس ڪلام جھڙي طريقي سان ڇپجڻ گھربو ھو ان طريقي سان نه ڇپجي سگھيو ۽ نه ئي ڪنهن مناسب ترتيب سان شايع ٿي سگھيو، بھرڪيف سندس شاعريءَ جي ھر صنف موسيقيءَ جي مڌرتاءَ سان سرشار ۽ مٺاس سان منور ۽ سحر انگيز آھي، نموني خاطر سندس شاعريءَ ۽ نثرنگاريءَ مان ڪجھ اقتباس ڏيڻ ضروري ٿو سمجھجي۔ سڀ کان پھرئين سندس چيل مناجات مان اقتباسات ڏجي ٿو:
مھر مولى ڪر محمد مصطفى جي واسطي
شافع محشر حبيب ڪبريا جي واسطي
(ص۔ 9… زھر زم زم)
وري سيد مرتضا ڏاڏاھيءَ جي دلفريب ڪلام مان اقتباس:
قرب واري ڪئي ڪچھري سا مٺا وسري نٿي.
دلربا تو کان سوا ھت ڪا گھڙي گذري نٿي.
ياد تنهنجي يار آ، ھر گھڙي ھر وار آ،
جڳ سڄو ڳولي ڪيو توسان پرين مون پيار،
تن بدن مان تار ھاڻي نينهن جي نڪري نٿي.
(ص۔ 42 …. زھر زم زم)
اھڙيءَ ريت سيد مرتضا ڏاڏاھي دنيا جي عظيم شاعر ۽ درويش شاھ لطيف کي پنهنجي لازوال شاعرانه لبيس ڀيٽاءُ ارپي ٿو:
سوين ڀال تنهنجا ڀٽائي ڀلارا،
سدا تو کي ساريون پيا پريت پيارا
کڻيو نيڻ نوري، نماڻي نھاري،
سڪن تو لئه سھڻا، ڪينجھر جا ڪنارا
سسئي ڪاڻ سڃ ۾، بڻين راھ رھبر،
کنيا پير توئي، پنھوءَ جا پيارا
سڻي شال سھڻي ۽ ساھڙ جا سڏڙا،
اچن عاشقن جا، اڃا پيا اشارا
(ص۔21….تون پارس آئون لوھ)
اھڙيءَ ريت مذھبي شاعريءَ جي اھم ڪڙي يا صنف منقبت به لکي اٿس، جنهن ۾ فاتح خيبر حيدر ڪرار حضرت علي ڪرم الله وَجھَهُ جن جي شان ۾ منقبت:
اي پيمبر جا برادر، باوفا توتي سلام
تنهنجا مومن ٿا پڙھن صبح و مسا توتي سلام
فاتح خيبر بلاشڪ، قاتل ڪفار تون،
اي بھادر بيمثال ۽ بي ريا توتي سلام.
(ص۔28…. مان ذرو تون ماھتاب)
اھڙيءَ طرح سيد مرتضا ڏاڏاھي غزل گوئيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آھي سندس غزل:
زھر کي به زم زم ڪري، پي ڏٺو سين.
مرڻ کان اڳيئي مري، جي ڏٺو سين.
(ص 39 …. زھر زم زم)
(ص 255 … مان ذرو تون ماھتاب)
باقي وڃي بچيا ڪي، ٽي چار يار آھن.
پنهنجا به بار ڀريا، بيٺا تيار آھن.
ڪنهن سان به ناھي شڪوه نڪا شڪايت،
پنهنجا، پراوا سڀئي بس، بي ميار آھن.
(ص۔ 194 …. مان ذرو تون ماھتاب)
سيد مرتضا ڏاڏاھي کي شاعريءَ جي ھر صنف تي غلبو حاصل آھي، جيئن نظم به لاجواب لکيا اٿس:
رئاري ٿي ماني کلائي ٿي ماني
دنيا ۾ نه ڇا ڇا، ڪرائي ٿي ماني
شب و روز ڪنهن سندڙي آھي
ڪٿي ماٺ مورڳو ڪٿي گوڙ آھي،
(ص۔ 385 … مان ذرو تون ماھتاب)
ان طرح سندس گيت به بيمثال ۽ لاجواب آھن جن مان موسيقي ڇلڪندي محسوس ٿئي ٿي:
ڏک ويا ٿي ڏور الا، آ ته پرين اڄ عيد ملھايون،
رنج رُسامان لالڻ لاھي پيار ڪرڻ جي موسم آھي،
چوڏس چمڪي نور الا، ھر جا ٿيڙيون سرس سھايون.
(ص۔ 416 … مان ذرو تون ماھتاب)
سيد مرتضا ڏاڏاھي پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ سان به بي انتھا پيار و محبت ڪري ٿو تڏھن ته چئي ٿو ت:
سنڌ ڄاوا ٿا سڏايو دوستو.
ماءُ جي ٻولي بچايو دوستو.
قوم ٻوليءَ ساڻ زنده ٿي رھي،
ڳالھ ھينئڙي سان ھنڍايو دوستو.
(ص۔33 … ڏاڏاھيءَ جا ڏوھ ھزار)
وري جديد دؤر جي مڃيل ڪافي گو شاعر ۽ علمي ادبي شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولا جن کي ارپنا ڏيندي لکي ٿو:
لکن دلين سندو، دلدار دلبر طالب المولا،
اديب و شاعر و عالم سخنور طالب المولا،
(ص۔ 27 … ڏاڏاھيءَ جا ڏوھ ھزار)
ان طرح شھيد محترمه بينظير جي ڪُمھلي موت تي لکي ٿو:
ھوءَ سنڌ ھئي سنڌ راڻي ھئي.
ھوءَ سنڌ جي نيڪ نياڻي ھئي.
جنهن پنهنجو ريٽو رت ڏنو،
جنهن ساھ ڏنو ۽ ست ڏنو،
سا سنڌڙيءَ جي سانگياڻي ھئي،
ھوءَ سنڌ ھئي، سنڌ راڻي ھئي.
(ص۔ 31 …. ڏاڏاھيءَ جا ڏوھ ھزار)
اھڙيءَ ريت پنهنجي نوجوان پٽ سيد شير محمد شاھ ڏاڏاھيءَ جي بيوقتي وفات تي دل جي درد مان لکي ٿو:
ٿل سوين سج لھي ويا، سڄڻ ڇونه آئين!
ڏکن ۾ ڏکيءَ کي ڏسڻ ڇونه آئين!
رھي رات ڏينهن ٿي اکين انتظاري،
وساري ڀلا ڪيئن محبت جي ماري،
ھلي دل جون ڳالھيون ٻڌڻ ڇونه آئين.
(ص۔ 179 … چڱو ٿيو اوھان کي به وسري وياسين)
نظم نگاريءَ سان گڏوگڏ به نثرنگاريءَ ۾ به سيد مرتضا ڏاڏاھيءَ پنهنجي شاندار ۽ دلفريب قلمڪاري ڪئي، مزاحيه ۽ سنجيده ڪالم لکيا اٿس جن کي پڙھڻ سان سبق آميز ڳالھيون ۽ مزاحيه لبيس ۾ سمجھڻ لاءِ ملن ٿيون، جيئن ڪالم ”بنا عنوان“ مان ڪجھ اقتباس ”خير، نيٺ رات ساڍي ٻارھين وڳي پڪو پھ ڪيم ته ڇا به ٿي پوي اڄ ڪالم ضرور لکڻو آھي. سو بال پين ۽ ڪاغذ کڻي منجھي پيس ته ڪالم جو عنوان ڪھڙو رکان، سوچي سوچي ٿڪجي پيس، پر ڪو پسند جو عنوان ھٿ نه لڳو، تنهنڪري في الحال بنا عنوان ٿو لکان، چوندا آھن ته ”شوق جو ڪو به ملھ ئي ڪونھي.“ (ص۔19 نه ھن پاسي نه ھن پاسي) يا وري اڳتي لکي ٿو ته: ”ڇا! اھڙن اخلاق کان ڪريل شاعرن، ڳائڻن ۽ ميوزڪ سينٽرن وارن لاءِ به ڪا پابندي ۽ ڪو قائدو قانون آھي يا نه؟ انهيءَ کان سواءِ ھن سلسلي ۾ منهنجو اھڙن سستي شھرت جي شوقين شاعرن کي به التماس آھي ته خدارا اھڙي ھلڪڙي (ٽرڙائپ واري) شاعريءَ کان پاسو ڪريو ۽ سنجيده شاعري ڪريو. شھرت اوھين سٺي اخلاق واري شاعريءَ سان به حاصل ڪري سگھو ٿا.“ (ص ۔ 111 … نه ھن پاسي نه ھن پاسي) سيد مرتضا ڏاڏاھي ادبي کيتر جو جاکوڙي پورھيت ۽ قلمڪار آھي ۽ سندس تخليقي قوت سندس ڏات ۽ ڏانءَ مان جھلڪندي پڌري ۽ ظاھر ٿئي ٿي ته پاڻ ھڪ بهترين شاعر ۽ نثرنگار سان گڏوگڏ ساده دل، سٻاجھو ۽ شفيق انسان آھي، سندس شاعري ٽنڊوالھيار جي سڃاڻپ بڻجي ۽ ٽنڊوالهيار واسين کي مسرور بنائي ڇڏيو۔
***

