صوفي ميلو ۽ تصوف جي سماجي افاديت
سنڌ ۾ جمهوريت سان نه رڳو انقلاب، مزاحمت جو رستو بند ٿي ويو آهي، پر تصوف جو زوال پڻ ٿيو آهي، سرڪاري سرپرستي سبب اهو سمجهو پيو وڃي ته صوفي ميلي سان بدترين سنڌ حڪومت کي برداشت لاءِ تصوف جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪجھ فرد بدترين سنڌ حڪومت خلاف عوامي جذبات کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
تصوف سڀ ڪجھ برداشت ڪري سگهي ٿو، پر ظلم ۽ ناانصافي برداشت نه ٿو ڪري سگهي.
صوفي بيانيو جيڪو هزارين سالن کان حڪومت مخالف تحريڪ جي علامت رهندو پيو اچي ان کي سرڪاري بيانيئي سان سهمت بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
عدم برداشت رڳو ذاتي ۽ سماجي زندگي ۾ ڏسجي ٿي، سياسي، اجتماعي طور ان جو رد عمل سامهون نه اچي سگهيو آهي.
ماڻهن کي مذهب، سياسي پارٽي بازي ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، جتي ماڻهو رڳو پارٽي جي بنياد تي عدم برداشت رکن ٿا نه ڪي سياسي ايجنڊا يا پروگرام يا حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي يا نامزد اميدوارن بابت ڪو سوال رکن ٿا. رڳو پارٽي وابستگي ۽ مخالف سياسي پارٽي سان عدم برداشت جو سوال پيدا ٿيو آهي، جنهن کي برداشت ڪرڻ جي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ماڻهو بدترين حڪومت خلاف ڪو به گهربل رد عمل نه پيا ڏيکاري سگهن. گذريل 15 سالن کان سنڌ حڪومت کي برداشت پيا ڪن، جنھن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
صوفي ميلو حيدرآباد هن دفعي پنهنجو معيار وڃائي ويٺو، وڌيڪ سيشن نه هلي سگهيا، رڳو راڳ لاءِ پنج اسٽيج تيار رکيا ويا، جتي سامهون خالي ڪرسين جي باوجود غير مقبول ۽ سستا ڳائڻا مسلسل ڳائيندا رهيا، جن کي ڏسي افسوس ٿيو.
عدم برداشت جي موضوع تي سيشن ۾ تسلي بخش ڳالھ ٻولھ نه ٿي سگهي، ڪنهن به مقرر اصل سوال عدم برداشت ڪٿي ۽ ڪهڙي نوعيت جي آهي؟ ان کي واضح نه ڪيو، رڳو اڻ سهپ جي روايتي سوال تي ڳالهائيندا رهيا.
جونيئر جانڻ متبادل شهري صوفي ميلي کي ڪمرشل استعمال جو نالو ڏنو، جنھن سان ڪجھ خرابيون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
ثقافت کاتي جي سرپرستي تي ٿيندڙ صوفي ميلي جي هڪ ئي سيشن تي به رڳو سرڪاري درٻار جي مخصوص مقررن کي گهرايو ويو، جن کي ٻڌي ماڻهو بيزار ٿي پيا آهن. جن روايتي انداز سان سرڪاري مفادن تحت ڳالهيون ڪيون. اصل صوفي ڪردار کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
جيڪي فرد تنقيد برداشت نه پيا ڪري سگهن اهي صوفي نه ٿا ٿي سگهن. نه سٺا انسان ٿي سگهن ٿا، ڀلي صوفي لباس پائي ڌمال ھڻندا هجن.
صوفي ميلي جو مثبت پهلو تصوف جي روايت کي برقرار رکندي همعصر صوفي ڪردار، شخصيتن کي متعارف ڪرائڻ ۽ ملڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي ۽ صوفي راڳ کي درگاهن کان شهرن تائين رسائي ڏني آهي. ان سان گڏ تصوف جي سماجي افاديت کي نروار پڻ ڪيو آهي. ان جي باوجود سنڌ ۾ تصوف سماجي سطح تي لاڳو ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا.
سنڌ ۾ تصوف جي سماجي زوال جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا، جن ۾ فرقي پرستي، خود غرضي، همعصر سان تعصب، حرص، گروه بندي، غير همدردي، قول ۽ فعل ۾ تضاد قابل ذڪر آهن.
سموري سول سوسائٽي، دانشورن، ليکڪن ۽ لطيف شناسي جي فن ۽ شخصيت ۾ تمام گهڻو تضاد آهي، جيڪو تصوف جي نفي ڪري ٿو.
ڀٽاِئي اڄ ٻيهر جنم وٺي اچي ته سڀ کان پهريان پنهنجي گادي نشين ۽ لطيف شناس کان لاتعلقي جو اظهار ڪندو، ڇاڪاڻ ته انهن عملي زندگيءَ جي هر موڙ تي سندس فڪر جي نفي ڪئي آهي. شيخ اياز ان جو بهترين مثال آهي جنهن لطيف جي شاعري جي فن کان متاثر ٿيو، پر فڪر تصوف کان بلڪل پري رهيو. عملي زندگيءَ ۾ به هو عهدي، رتبي ۽ مال ملڪيت جو خواهشمند رهيو، فقيري کي ڪڏهن به نه اپنايو، ترقي پسندي، عوام دوستي رڳو فن جي حد تائين قائم رکي، اھڙي طرح اڪثر دانشمند ۽ ليکڪ عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي فن جي نفي ڪندا رهيا آهن، جيڪا ڳالھ تصوف جي روح خلاف آهي.
سنڌ ۾ تصوف جي زوال جو وڏو ڪارڻ اديب، ليکڪ، دانشور، آفيسر، صحافي رهيا آهن نه ڪي اڻ پڙهيل اٻوجھ عام ماڻهو.
سنڌ ۾ تقرير، واعظ، ليڪچر تبليغ جي حد تائين گهڻا صوفي بڻيل آهن، پر حقيقي عملي زندگيءَ ۾ اصل صوفي ماڻهن جو تعداد محدود آهي. جن ۾ ساگر ابڙو، بيدل مسرور، جونيئر جانڻ ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ سان سياسي تحريڪ زور ورتو، ان کان اڳ سماج مڪمل طور مذهبي قيادت ۽ خانقاهي اثر هيٺ رهيو. هڪ طرف مولوي جي تقرير ۽ واعظ ٻڌي هر ٻار کي بالغ ٿيڻو پوندو هو، ٻئي طرف خانقاهي راڳ ۽ ميلن کي ڏسي ٻڌي وڏو ٿيڻو هو، شروع کان وٺي سنڌي سماج انهن ٻن پوروڇوٽ رستن تان گذرندو پيو هلي. هڪ طرف علي ڳڙھ تحريڪ ته ٻئي طرف ترقي پسند تحريڪ هئي، خانقاهن جي مقابلي ۾ علامه اقبال جي احياء اسلام تحريڪ ڪافي زوردار ثابت ٿي جنهن سان مذهبي انتهاپسندي جنم ورتو.
تصوف جي زوال کي وڌيڪ زوردار ڌڪ جديديت جي تحريڪ هنيو آهي، جنھن سان تصوف جي وحدت ۽ اجتماعيت کي انفراديت ۽ خودغرضي جي شڪل ۾ نقصان پهتو آهي.
جنهن جي ڪري اڄ سنڌ خراب ۽ ڏکين حالتن جو شڪار بڻجي وئي آهي. سماج جا اعليٰ ذهن ڪميشن پاس آفيسر سڀ کان وڌيڪ خودغرضي ۽ حرص جو شڪار ٿي پيا آهن ۽ اشرافيه جي بدعنواني ۾ طفيلي جو ڪردار پيا ادا ڪن. دانشمند، سول سوسائٽي به استحصالي اشرافيه سان وابستگي تي شرمسار ٿيڻ بجاءِ فخر محسوس پئي ڪري. سماج جا سمورا قابل ۽ معتبر ماڻهو خودغرضي سبب اشرافيه جي جهولي ۾ وڃي ڪريا آهن، جن ۾ آفيسر، صحافي، دانشور، تاجر، وڪيل قابل ذڪر آهن. ٻئي طرف صوفي درگاھن، خانقاهن جا گادي نشين به ساڳي خود غرضي، عياشي، رتبن، عهدن جي چمڪ جو شڪار بڻجي ويا آهن، اھڙي حالت ۾ سماج مڪمل طور نفسانفسي جي ور چڙهي چڪو آهي، جتي تصوف جو زوال صاف نظر اچي ٿو. جنهن مان نڪرڻ لاءِ هڪ احياء نو جي تحريڪ جي ضرورت ڪر کنيو بيٺي آهي، پر ڪا به لائق قيادت سامهون نه پئي اچي سگھي. موجوده سياسي توڙي دانشمند قيادت وٽ ڪو به گهربل پروگرام ناهي نه وري انهن وٽ ايتري سياسي پختگي يا بلوغت آهي، رڳو پنهنجي سياست ۽ دانشوري چمڪائڻ لاءِ وقت پيا گذارين، سندن قول ۽ فعل ۾ وڏو تضاد موجود آهي.
ڀٽ شاھ تي صوفي يونيورسٽي جي قيام سان به ڪي چڱا نتيجا سامهون اچي نه سگهيا آهن، ايترن سالن ۾ ڪو قابل تعريف سيمينار به نه ڪرائي سگهي آهي، نه وري ڪو تحقيقي ڪم نظر اچي ٿو.
صوفي درگاھن تي به رڳو راڳ رنگ جي محفل رهجي وئي آهي باقي سماجي افاديت جي حوالي سان ڪو ڪم نه پيو ٿئي. صوفي ميلي سان شهر جي ماڻهن کي صوفياڻي راڳ ۽ صوفي موضوئن کان واقف ڪيو پيو وڃي. جيڪو عمل قابل تعريف آهي.
***

