خاص

ڪاغذ 200 سيڪڙو مهانگو، درسي ڪتابن ۽ اسٽيشنري جون قيمتون وڌي ويون

هر قسم جي ڪاغذ جي قيمت ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي سبب نصابي ڪتابن ۽ اسٽيشنري جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافو ڪيو ويو آهي. ڊالر جي لڳاتار مهانگو ٿيڻ سبب ڪاغذ جي قيمت ۾ 200 کان وڌيڪ اضافي سبب اوپن مارڪيٽ ۾ نصابي ڪتاب، ڪاپيون، اسٽيشنري، اسڪول بيگ، يونيفارم، اسڪول شوز جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافو ڪيو ويو آهي، اردو بازار جي هول سيل مارڪيٽ ۾ دڪاندارن ٻڌايو ته نصابي ڪتابن جي قيمت ۾ 500 رپين کان 1700 رپين تائين جڏهن ته ڪاپيون، رجسٽر، رف ڪاپي جي قيمت ۾ پڻ سو سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.