رشتي جي ڳولھا
ھا تانيا، حال وري ڪھڙا ٿي پڇين! اھي ئي حال ھن! تون ٻڌاءِ، ڪاڏي گم ٿي وئي آهين!؟ ايڏن ڏينھن کان پوءِ فون ڪئي اٿئي!
ھا مٺي مان به ڳولھا ۾ گم آهيان…! (ٿڌو ساھ ڀريندي)
ٻيو ٻڌاءِ، ڪو ڏس پتو، ڪو رشتو، ڪا پرچي…… آئي يا نه؟
نه (ٿڌو ساهه ڀريندي) بس اھو ئي ته خيال آھي سڄو ڏينھن! الاءِ ڪاڏي ھليا ويا آھن ماڻھو، ڪو سٺو ڇوڪرو لڀجي ئي نه ٿو! تون ٻڌاءِ، خالا ڪو ڇوڪرو ڳولھيو تنھنجي لاءِ يا اڃا نه؟
مون سان به ساڳي ريت آهي، مان به ھتي ئي رھان ٿي! ويچاري امي رشتي ڪرائڻ وارين مائن کي پئسا ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پئي آهي… روز ڪا نه ڪا مائي اچي ٿي، پئسا وٺي وڃي ٿي ۽ پوءِ وڃي ٿي گم ٿي!
ڀلا ھو جيڪا ماستر واري ڳالھ ھلي پئي، اھا ڪاٿي پڳي؟
ھاھاھاھا… پڇ ئي نه! منھنجا ڀائر ملڻ ويا ھئا ڇوڪري سان، صفا ڪو سادڙو نڪتو! ٻارن وانگي پيءُ کي ساڻ وٺي آيو ھوٽل تي، جيڪو سوال ھن کان پڇن پيا ان جو جواب وري سندس پيءُ پيو ڏئي! پاڻ موڳو مٽر ٿي ويٺو ھو! (ٽهڪ)
پوءِ ڇا ٿيو؟
ٿيو وري ڇا! منھنجا ڀائر اھو چئي اٿي آيا ته پھريان پنھنجي پٽ کي ٻاھر اٿڻ ويھڻ ۽ ڳالھائڻ سيکار، پوءِ ڪاٿي شادي ڪرائجانس!
(ٽهڪ) نخرا ته ڏس، ھڪ رشتا نه لڀن، ٻيو وري تنھنجا ڀائر وتن ٿا عيب ڳوليندا…!
بس ڇا ڪجي! ڀائر دلجاءِ ڪري پوءِ ئي ڪجھ فيصلو ڪندا نه، انھن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪم ڪيئن ٿيندو!
ڀلا تنھنجي لاءِ جيڪو انجنيئر جو رشتو آيو ھو، ان جو ڇا ٿيو؟
ٿيو وري ڇا! انجنيئر صاحب جي پھريان ئي شادي ٿيل ھئي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ ھو، بابا ٻڌندي ئي نه ڪري ڇڏي! ھاڻي وري جڏنهن اچي ڪو ٻيو رشتو! تيستائين وار چاندي ٿيندا ٿا وڃن!
افسوس! اسان جھڙين جي لاءِ به رشتن جي کوٽ آ ته ٻين ويچارين جو ڇا حال ھوندو! (ٽهڪ)
(ٽهڪ) بس اللھ سائين سڀن جو ڀلو ڪندو!
آمين!
چڱو آرزو! پوءِ ڳالھائينداسين وري…
ھلو ٺيڪ آ تانيا، مونکي به ماني پچائڻي آھي… پوءِ ڳالھائينداسين!
پنھنجي سھيلي تانيه وانگر آرزو پنھنجي ڀائرن جي ھڪڙي، سڪيلڌي ڀيڻ ھئي. سالن کان وٺي گھر جي ڪم ڪار ۾ پنھنجي ماءُ جو ھٿ ونڊائيندي رھي ھئي. ننڍن ڀائرن جي سارسنڀال ۽ خيال پڻ ڪندي ھئي. اسڪول ۽ ڪاليج جي دور مان به گذري، ماسٽرز جي ڊگري ورتي به سال ٿي ويا ھيس! سدائين ان اوسيئڙي ۾ رھندي ھئي ته من ڪو سٺو رشتو اچي ۽ ھوءَ پنھنجي ور ۽ گھر واري ٿئي! پھريان ته شرم وچان ڪڇندي به ڪونه ھئي، پر جڏھن ڏٺئين ته عمر چڙھندي ٿي وڃي، پھريان ھڪڙي ڀاءُ جي شادي ٿي، جنھن کي خير سان ٻار ٻچا به ٿيا، پوءِ وري ٻئي ڀاءُ جو مڱڻو ٿيو ۽ شاديءَ جون تياريون به ھلن پيون ته ھن کي ھوش آيو! نيٺ ھمٿ ڪري پنھنجي ماءُ سان سڌي ڳالھ ڪيائين! پر سندس ماءُ به ڇا ڪري! ھوءَ ته آرزوءَ جي ننڍي هوندي کان ئي سندس ڏاج جا سامان ڪٺا ڪندي وتي پئي، جيڪا به سٺي شيءِ سندس پٽ وٺي ايندا ھئا ته ھوءَ پاسي ڪري رکندي ھئي! پنھنجن ۾ ڪو اھڙو آسرو نه ھيس جو آرزوءَ جو ڪنھن سان رشتو ڳنڍجي! شھر جي لڳ ڀڳ سڀني رشتي ڪرائڻ وارين ماين کي آزمائي ڏٺو ھيائين! ڪنھن ڇوڪري ۾ ڪھڙي خامي، ته ڪنھن ڇوڪري ۾ ڪھڙو عيب! ڪڏھن ڇوڪري وارا آرزوءَ جي وڏي عمر جي ڪري انڪار ڪن ته ڪڏھن ھنن کي ڇوڪرو پسند نه اچي! بس ايئن ئي الائي ڪيترا رشتا ايندا رھيا، ويندا رھيا ۽ آرزو ويٺي رھي پنھنجي آرزوءَ جي پوري ٿيڻ جي آس ۾!
ڪافي ڏينھن کانپوءِ ماسي ملوڪان، رشتي واري مشھور مائيءَ اچي ٽاڪ منجھند جو در کڙڪايو. آرزو کوليو، کيس وٺي اچي ڪمري ۾ ويھاريو. ”امڙ جلدي ڪر! پنھنجي ماءُ کي سڏ ڪر، اڄ ھڪ ڏاڍو سٺو رشتو کڻي آئي آھيان! ڌيءَ ٿڌو پاڻي يا بوتل به کڻي اچجانءِ، گرمي ته ڏس امڙ! اڙي ڏٺئي، مون کان ته وسري ويو! ٻاھر رڪشي وارو بيٺو آ ان کي ته ڪرايو موڪليو ته ويچارو وڃي!“ ماسي ملوڪان اچڻ سان ئي پنھنجي مخصوص انداز ۾ ھلچل مچائي ڇڏي.
”ڌيءَ! ھاڻي وارو ڪر، تيار ٿي وٺ! ڇوڪري وارن کي شام جو وقت ڏنو آ، ھل ته ھلي گھر به ڏسي اچئون، ڏاڍو ڀلو ڇوڪرو اٿئي، صفا دل گھريو، سرڪاري نوڪري ٿو ڪري، 12ھين گريڊ جو آفيسر اٿئي، آزروءَ جي لاءِ سٺو جوڙ ٿيندءِ!“ ماسي ملوڪان آرزوءَ جي ماءُ جي دل ۾ اميد جا ڏيئا ٻاري ڇڏيا. ھوءَ جيڪا ڪنھن اوسيئڙي ۾ ويٺي ھئي، وٺ سٺ ڪري، تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿيڻ لڳي! من ۾ آس ھيس ته شل ڳالھ وڻي، من سٺو رشتو نڪري پئي!
ٺيڪ شام جو پنجين بجي ماسي ملوڪان آرزوءَ جي ماءُ کي ساڻ وٺي ڇوڪري وارن جي گھر پھتي. جيئن ئي دروازو ٽپي اندر ويا ته آرزوءَ جي امڙ گھر کي ڏسي خوش ٿيڻ لڳي! ”گھر ته نئون ۽ خوبصورت ٺھيل آھي، ڪشادو پڌر، ماربل جون سرون، پڪي جاءِ…! ھل، ھڪڙي ڳالھ ته چڱي لڳي، ھاڻي اڳتي ڏسجي ته ٻيون ڳالھيون به اسانجي اميدن تي پوريون لھن ٿيون!“. آرزوءَ جي ماءُ خيالن جي ڏاڪڻ ٽپندي گھر ۾ داخل ٿي. ميزبانن سڪ ۽ پيار سان سندن آجيان ڪئي. کين ايئر ڪنڊيشن واري ڪمري ۾ ويھاريائون. ٿوري دير ۾ ڇوڪري جي ماءُ ۽ ڀيڻ به اچي کين مليون. ايئن ماسي ملوڪان ھنن جو ھڪٻئي سان تعارف ڪرايو. ڳالھيون ھلنديون رھيون دنيا جھان جون، ھڪٻئي جي لڇ ۽ مٽي مائٽيءَ وارن کي ڄاڻڻ سڄاڻڻ جو سلسلو به ھلندو رھيو. آرزوءَ جي ماءُ جون اکيون ڪمري کي ۽ ڪمري ۾ موجود شين کي جاچينديون رھيون. ماسي ملوڪان ڪڏھن ڇوڪري جي ماءُ کي ڏسي خوش ٿئي پئي ته ڪڏھن آرزوءَ جي ماءُ کي ڏسي ٺري پئي! دل ئي دل ۾ سوچي پئي يا کڻي چئجي دعا پئي ڪري ته من! ھي ڳالھ ٺھي وڃي، رشتو ڳنڍجي وڃي ته ھن کي به ڪجھ لاڀ حاصل ٿئي!
ايتري ۾ ڇوڪري جي ڀيڻ ٽراليءَ تي کائڻ پيئڻ جون شيون کڻي آئي! سڀ کائڻ پيئڻ ۾ مصروف ٿي ويا، پر آرزوءَ جي امڙ جي دل الاءِ ڇو بيچين ھئي! اڪثر ڪري اھڙن موقعن تي شرم محسوس ڪندي آھي. شرم ۽ حجاب جي ڪري ھو خيالن ۾ گم ھئي، سوچي پئي ته ڇوڪري جي سامھون ڪيئن ويھندم! اڃا سوچ جي تند اُڻي پئي ته ھوڏانھن ڇوڪرو ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ سلام ڪري سامھون پيل ڪرسيءَ تي فضيلت سان ويھي رھيو. ھو پاڻ شرميلو ۽ ماٺيڻو نظر آيو. ماسي ملوڪان خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ آرزوءَ جي ماءُ سان ڇوڪري جو تعارف ڪرائڻ لڳي. ھلڪي ڦلڪي مختصر ڳالھ ٻولھ ٿي، جنھن ۾ آرزوءَ جي ماءُ کي جيڪي سوال ياد آيا ڇوڪري کان پڇي ورتئين! ان کانپوءِ ڇوڪرو ٿوري دير ويھي اٿي ھلي ويو. ”ڏسڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ ته صحيح ٿو لڳي، وڌيڪ رازن جي رب کي خبر!“، آرزوءَ جي امڙ سوچيو.
آرزوءَ جي امڙ کي ته ڳالھ ڏاڍي وڻي ھئي، ھاڻي انتظار ۾ ھئي ته ڇوڪري وارن جي فون اچي، انھن جي راءِ جي خبر پوي! آرزوءَ جي تصوير ته اڳم ئي ماسي ملوڪان ڏيکاري آئي ھين. ايتري ۾ فون جي گھنٽي وڳي، ھوڏانھن آرزوءَ جي امڙ فون تي ڳالھائي پئي، ھيڏانھن گھر جا سڀ ڀاتي چپ ٿي ڪري کيس ڏسن پيا ۽ ٻڌي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن پيا. آرزو بھاني سان ڪپڙو کڻي ڪٻٽ کي ڇنڊي پئي، پر سندس سڄو ڌيان فون جي طرف ھيس. آرزوءَ جي امڙ جي اکين ۾ چمڪ ۽ چھري تي رونق ھيس! فون بند ڪري سڀني کي خوشخبري ٻڌايئين ته ڇوڪري وارن کي به ڳالھ وڻي وئي آھي ۽ ھاڻي ھو جلد ئي ڳالھ پڪي ڪرڻ جي ضد پيا ڪن! سڀ ڏاڍا خوش ٿيا! آرزو پڻ رئي جي ڪنڊ کي ڏندن ھيٺان ڏيئي، ڪنڊ ۾ ويھي شرمائي پئي!
ٻئي ڏينھن تي شام جو ماسي ملوڪان به اچي وئي، چوڻ لڳي، ”امڙ! نه پڇ، توھان جي ڳالھ ڇوڪري وارن کي ايڏي وڻي وئي آ جو ھو سڀاڻي ئي پڪ جي رسم ڪرڻ لاءِ چون پيا!“. ”ماسي اھا ته خوشيءَ جي ڳالھ آ، پر اسانکي ٿورو وقت ته ڏين نه، وڏڙن کان صلاح مشورو ته ڪيون نه!“. آرزوءَ جي امڙ چيو.
”اڙي ڌيءَ، اھڙو چڱو رشتو، اھڙو سلڇڻو ڇوڪرو، نئون گھر، ٻيو ڇا گھرجي!؟“.
”وري به ماسي! اسانکي ٿوري مھلت کپي!“
”چڱو چڱو، جيئن توھان جي مرضي!“
آرزوءَ جي ماءُ پنھنجي پٽن کي ان ڪم تي لڳائي ڇڏيو ته ڇوڪري جي باري ۾ خبر چار رکي اچن. پاڻ به فون کڙڪائي مٽن مائٽن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳي. ڪنھن چيو ته واہه جو گھر ٿئي، ڪنھن چيو ڇوڪرو ڏاڍو سٺو اٿو، ڪنھن چيو سرڪاري نوڪريءَ وارو ڇوڪرو ھر ڪنھن کي ٿورئي ملندو آ… اھو سڀ ٻڌي آرزوءَ جي گھر وارن کي دلجاءِ ٿي وئي ۽ جلد ئي پڪ جي رسم ڪرڻ جو سوچڻ لڳا. ان کان اڳ جو آخري فيصلو ڪجي، ڇو نه ھڪ دفعو پنھنجي مائٽ کان به پڇجي جيڪو ڇوڪري سان گڏ نوڪري ڪندو آ ۽ ھنن جا گھر به ھڪ ئي پاڙي ۾ آھن. اھو سوچي آرزوءَ جي ماءُ ان مھل ئي تڙ تڪڙ ۾ مائٽن جي گھر وئي. قسمت سان اھو مائٽ به ان وقت گھر ۾ ھو. آرزوءَ جي امڙ سڄي ڳالھ ٻڌائڻ لڳي. پوءِ ته گھر جا سڀ ڀاتي آھستي آھستي ويجھو ايندا ويا، حيران ٿي سندس ڳالھ ٻڌندا رھيا.
”اڙي امڙ! توکي اھا صلاح ڪنھن ڏني آ؟“
”توبه مائي توبه! ڪو دشمن کي به اھڙي گھر ۾ رشتي ڳنڍڻ جي صلاح نه ڏئي!“
”سڄو ڏينھن گھر ۾ ھُل لڳو پيو ھوندو اٿن! ڀائرن جو جھيڙو ھوندو آ جاءِ جي ڳالھ تي…“
”ھيءَ جاءِ ڇوڪري جي وڏي ڀاءُ جي نالي تي آھي، شاديءَ کانپوءِ ھو ڪرائي جي جاءِ ۾ رھندو“
ھر ڪو پنھنجي پنھنجي راءِ ڏيندو رھيو ۽ آرزوءَ جي امڙ مٿي کي ھٿ ڏيئي ويھي رھي!
”۽ ھا، سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالھ اھا آھي ته ڇوڪري جو دماغي توازن به ٺيڪ ڪونھي! گھر ۾ ڇري کڻي پنھنجي ڀاتين جي پويان ڊڪندو وتندو آ…! پوءِ مجبور ٿي اسان پاڙي وارا وڃي در کڙڪائي گوڙ گمسان ڪندا آھيون ته اسان جي ڀوءَ کان مس وڃي جان ڇڏيندو اٿن!“ آرزوءَ جي مائٽ اڳو پوءِ ارواح خراب ڪري ڇڏيو آرزوءَ جي ماءُ جو ۽ ھوءَ خوف ۾ وٺجي وئي!
”چڱو ڄاڻ، سڌي نه ڪري ڇڏين!“
اھڙيون ڳالھيون ٻڌي آرزوءَ جي ماءُ صفا پريشان ٿي، خاموشيءَ سان گھر موٽي آئي ۽ اچڻ سان ئي مصلو وڇائي نماز پڙھي، ڳوڙھا ڳاڙھي دعا گھرڻ ۾ مصروف ٿي وئي!
***


