شاعري
گيت
خاڪي جاني
خاڪ تنھنجي منجھان منھنجو ٿيو آ جنم
تنھنجي سيني رکيم پنھنجو پھريون قدم
فرش تنھنجي مٿان اڄ به ھلندو وتان
او مٺي، او مٺي سنڌ ماتا مٺي
مون ڪيو تنھنجي ڇائن ۾ آرام آ
مون ته سنڌو ندي جو پيتو جام آ
ان، اٽو ٿو ملي پيٽ تنھنجي منجھان
او مٺي، او مٺي سنڌ جيجل مٺي
باغ تنھنجا ڀلا، کيت تنھنجا سٺا
تنھنجي ٻولي مٺي تنھنجا ماڻھو مٺا
دل چوي ٿي ثناء روز تنھنجي ڪيان
او مٺي، او مٺي سنڌ ماتا مٺي
آ دنيا ۾ نه تنھنجي جھڙو ويس ڪو
ٻيو نه تنھنجي برابر سجھي ديس ڪو
محل ماڙين کان وڌ تنھنجا ته ڇپر ڇنان
او مٺي، او مٺي سنڌ جيجل مٺي
جيسين خاڪي جيئان تنھنجو خادم ھجان
ڏينھن جاني ڏکيو ڪون توتي ڏسان
تنھنجي سرحد تان سرڙو به گھوري ڇڏيان
او مٺي، او مٺي سنڌ ماتا مٺي…
***
غزل
مظهر علي ميربحر
زندگيءَ کان ڏور ٿيندا ڏوجھرا،
ھر طرف کان سرندا ايندا سوجھرا.
درد ڪيسيتائين رھندا دل اندر،
ڪجھ ته دردن جا به ھوندا قائدا.
بي سڪوني ٿي ختم ويندي ھلي،
دل جي دڳ کان درد ٿيندا لاپتا.
دل جي ڌرتي آھ فولادي پنهنجي،
ڪجھ بگاڙي ڪون سگھندا زلزلا.
ڏور آ منزل گھڻو پنھنجي مگر!
پير پنھنجا وک به وک وڌندا پيا.
ڀروسو آهي اسان کي پاڻ تي،
ڪوششن جا ڪون کٽندا سلسلا.
جو مايوسي ٿو ڪري ڪافر آ سو،
پست مظھر جا نه ٿيندا حوصلا.
***
جاڳ جو قحط!!!
مشتاق دراوڙ
خواب
هن جي اکين جي ڇپرن ۾
اٽڪي پيا آهن
۽ هن کي ننڊ نٿي اچي
ننڊ جيڪا ڪالھ هن
هڪ ڪلاس فيلو کي ڏيئي ڇڏي
جنهن کي جاڳ جي قحط
ويران ڪري ڇڏيو هو
***
نظم
غلام نبي ڪولاچي
”دلبر جي دنيا“
پٿر جي دنيا!
دلبر جي دنيا!
ڄڻ ته وئي بڻجي،
محشر جي دنيا!
پنھنجو اُلڪو ڪر،
ڪاڳر جي دنيا!
ڪٿ نه وجھئي ٻوڙي،
ساغر جي دنيا!
ڪافر ٿي پيا سڀ،
منڪر جي دنيا!
ٿڪجي پوندين تون،
سفر جي دنيا!
ڪيڏي سوڙھي ٿئي،
قبر جي دنيا!
مور نه وڻندءِ من،
معطر جي دنيا!
ڏس نه رڳو جاني،
ٻاھر جي دنيا!
سور رڳو سُھڻي،
ميھر جي دنيا!
سُک کسي ويئي،
ساھڙ جي دنيا!
موھه نه ڪو باقي،
منڇر جي دنيا!
ٿڪ ڪٿي ڀڃدين،
ٿوھر جي دنيا!
ڪر نه ائين ڪانئر،
قھر جي دنيا!
پرک وڏي پيارا،
پرور جي دنيا!
ديد رڳو دوکو،
نظر جي دنيا!
حاضر ئي آھي،
آخر جي دنيا!
سچ وڏو ڏوھي،
شاعر جي دنيا!
دين رڳو دولت،
اڪثر جي دنيا!
ڪوڙ فقط ڪلمو،
ڪٽر جي دنيا!
ڪر نه پرين ڪوجھي،
اندر جي دنيا!
سکڻو نالو ٿئي،
ادب جي دنيا!
لوچ لھي وجھندي،
ڪاوش جي دنيا!
پاھه سڀئي پيارا،
پگھر جي دنيا!
رُوح ڇڏيا رولي،
رھبر جي دنيا!
ساہه رڳو سکڻا،
سوڍر جي دنيا!
باھ ڏئي ساڙيان،
بوتل جي دنيا!
ماڻھو مُوڳا سڀ،
ميمبر جي دنيا!
کوٽا کائي ويا،
خوشين جي دنيا!
خير نه ڪو ڏسندين،
خبر جي دنيا!
ڌرتي ٽامو ٿِي،
دوزخ جي دنيا!
جل ٿل ٿئي جرڪي،
بر ٿر جي دنيا!
ڪٿ نه وجھئي ڪيري،
تڪبر جي دنيا!
ڀينگ ڪري ڇڏيئه،
بشر جي دنيا!
ڇانءُ پئو بڻجي،
ڇپر جي دنيا!
ڏيھه ڇا ڄاڻي ير،
ڏمر جي دنيا!
وڻندڙ ئي لڳندي،
ولر جي دنيا!
ھيل به ھا ھوڪا،
حشر جي دنيا!
چند گھڙيون ڪائي،
پھر جي دنيا!
ويھه نه وھائج تون،
وکر جي دنيا!
پئو نه سمھي سڄڻا،
سمر جي دنيا!
جيءُ رڳو جوکو،
جبر جي دنيا!
ٿيندي رٽائر ئي،
رڙين جي دنيا!
لڳ لاڳاپا سڀ،
عھدن جي دنيا!
مرڻ کان پوءِ ڪھڙي،
ماڻھوءَ جي دنيا!
کل ڦِڪي ڀاڪر،
اڄ ڪلھه جي دنيا!
ناس ڪري ڇڏيئه،
نياڻين جي دنيا!
فالج ٿيو وڃئي،
غيرت جي دنيا!
ڏس ته سھي پُٺتي،
پنھنجن جي دنيا!
ڦٿڪي پوندين ير،
ڦيرين جي دنيا!
ساهه به شل نڪرئي،
نقشن جي دنيا!
ٽھڪ ڪھڙا تنھنجا،
ٽانڊن جي دنيا!
ديد بنا اکيون،
انڌن جي دنيا!
ڏک مڙئي ڏاھا،
ڏونگر جي دنيا!
***