زينب جو قاتل ڄاڻايل عمران اصل قاتل نه آهي: صحافي ڊاڪٽر شاهد مسعود
اردو ميڊيا جي نامياري صحافي شاهد مسعود پنهنجي پروگرام ۾ چيو ته پنجاب پوليس پاران ڄاڻايل زينب جو قاتل عمران اصل قاتل نه آهي. هن چيو ته عمران ڪو دماغي يا نفسياتي مريض نه آهي پر هي هڪ بين الاقوامي مافيا جو رڪن آهي ۽ هن جا گهٽ ۾ گهٽ 37 بينڪ اڪائونٽ آهن. جن ۾ ڊالرن ۽ پائونڊن جي ٽرانزڪشن آهي. هن کي پاڪستاني سرڪار جي مضبوط رڪن جي پٺڀرائي حاصل آهي. هي پرڏيهي مافيائن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي حمايت ۾ سياسي ۽ غير سياسي ماڻهو شامل آهن. شاهد مسعود اهو به چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف زينب جي والد جو مائيڪ بند ڪري ڇڏيو هو ان ڪاڻ جو عمران پويان هڪ وفاقي وزير جو هٿ آهي. شاهد مسعود اهو به چيو ته عمران جي جان به خطري ۾ آهي، هن کي جيل ۾ به مڇريل ماڻهن جي بهاني مارائي سگهجي ٿو. چيف جسٽس سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته هو ايم آءِ، آءِ ايس آءِ جي چيفن کي گهرائي ۽ هن معاملي تي تفتيش ڪرڻ لاءِ چوي. هن چيو ته پرڏيهي مافيا طرفان عمران ۽ ان جي گروهه کي پئسا موڪليا پيا وڃن هن جي تحقيقات ڪئي وڃي. هن مافيا ۾ يورپي ۽ عرب ماڻهو به شامل آهن. شاهد مسعود وضاحت ڪندي چيو ته عمران ذهني مريض نه آهي هن جو گروهه پاڪستان ۾ ٻار اغوا ڪري انهن سان زيادتي ڪندا آهن ۽ ان جي وڊيو لائيو انٽرنيٽ تي ڏيکاري ويندي آهي، جنهن مان لکين ڊالر ڪمايا ويندا آهن. هي ڪاروبار يورپ ۾ لڪل طريقي سان ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ اڄ پاڪستان جي بدنامي ٿي رهي آهي.

