اچو ته البانيه گهمون (قسط-10 حصو پهريون)
اڄ پنهنجي تياري آهي ڊيوريس (Durres) ڏانهن هلڻ جي. صبح جو سويل اُٿي وهنجي سنهنجي پاڻ هيٺ لهي آيا آهيون، هوٽل ڪمفرٽ جي ڊائننگ هال ۾، حسب معمول ناشتي جي بفي ۾ انڊا بوائل، آمليٽ، هاٽ ڊاگ، فروٽ سئيٽ، ماکي، چيز، سلائيز وعيره شامل هئا. ناشتو ڪري چانهه پنهنجي آندل ساشي جي ٺهرائي پيتي، جو هنن يارن جي چانهه ٽي چار ڏينهن ٿي ويا آهن، پر اڃا به نٿي وڻي. چانهه اصل ۾ آئي ته چائنا مان ۽ پوءِ انگلينڊ، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڦهلي. پر پاڻ وٽ پاڪ و هند ۾ اُن جو اهڙو فارمولو ايجاد ڪيو اٿئون جو باقي دنيا ۾ جتي به وڃڻ ٿئي ٿو، حرام جو اُنهن جي چانهه مزو ڏي. پاڻ کي کير پتي چانهه پيئڻ ۾ ته مزو ڏي ٿي، پر اُن ۾ کير ۽ پتي جي گهڻي ڪڙهڻ جي ڪري صحت لاءِ فائديمند جزا (Ingridients) سڙيو وڃن ۽ باقي رهجيو وڃي زبان جو ذائقو ۽ بدهضمي (Acidity). يورپين پاڻ وانگي چريا آهن ڪونه جو زھر مثل اهڙي چانهه پيئن! خير هوٽل کان باهر پنهنجو ٽيڪسي ڊرائيو ليڊي پهچي چڪو آهي ۽ هاڻ پاڻ کائي پي چڪار ٿي ويهي رهيا آهيون گاڏي ۾.
اُهي ئي ترانا شهر جا روڊ، ٽريفڪ جو شوروغل، ماڻهن جي فٽ پاٿ تي چهل پهل، چرندڙ ڦرڙندڙ رستا ۽ عمارتون، جيڪي نظرن جي اڳيان اچيو وري پوئتان ٿينديون نظرن کان اوجهل ٿيو وڃن، بلڪل ائين ئي جيئن پنهنجا عوامي نمائندا اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ کانپوءِ گم ٿي ويندا آهن. ڊيوريس ترانا شهر کان ايترو گهڻو پري به ناهي، اٽڪل 35 ڪلو ميٽرن جو فاصلو آهي، جي مزي مزي سان هلجي ته وڌ ۾ وڌ 45 کان 50 منٽ لڳن ٿا. هتان ترانا کان ڊيوريس لاءِ سٺي ۽ آرامده بس سروس به آهي، جيڪا 130 ليڪ (پاڪستاني 260 رپيا) وٺي ٿي. پاڻ واري گاڏي هاڻ ترانا شهر کان ٻاهر نڪري آئي آهي. اُهي ئي پهاڙن جا پنڌ جيڪي بنا پير پٿون ٿيئڻ جي ماڳ پهچائن ٿا. ويچارا پراڻي دور جا عاشق يا سيلاني ڪيڏا نه بدنصيب هئا جو فقط ايتري فاصلي تي موجود ماڳ تي پهچڻ لاءِ به رستن ۾ رلي ۽ ڀٽڪي ويندا هئا ۽ اُنهن مان شايد ئي ڪي خوشنصيب هوندا هئا جيڪي منزل تي پهچندا هئا نه ته اُنهن جي ڪٺن ڪشالن ۽ عشق جي داستانن جي پڄاڻي اُنهن جي موت تي ئي ٿيندي هئي، باقي شاعرن کي شاعريءَ لاءِ کوڙ سارو مواد مفت ۾ ملي ويندو هو.
ڊيوريس ڏانهن ويندي رستي ۾ پهاڙ به آهن ته وسندڙ کيت ۽ سرسبز واديون به. البانيا لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُنجي پوري علائقي جو 3/4 حصو پهاڙن تي مشتمل آهي، جن جي ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ اوچائي سمنڊ جي مٿاڇري کان تقريبن 200 ميٽرن تائين آهي. البانيا جو باقي علائقو سڌن ميدانن ۽ سمنڊ تي مشتمل آھي، وري جي ان جي ميداني علائقي کي وٺجي ته اُن جو 1/3 حصو وري ٻيلن تي مشتمل آهي. ان حساب سان چئي سگهجي ٿو ته توهان البانيا جي جنهن به شهر ڏانهن سفر ڪريو توهانجي ملاقات قداور پهاڙن ۽ ڳتيل ٻيلن سان ضرور ٿيندي. ڪوبه ميدان اهڙو نه ملندو جيڪو سرسبز وڻڪار، فل فروٽ يا سبزين سان سٿيل نه هجي. ظاهر آهي جتي ايتري ساوڪ هجي اُتي آلودگي (Pollution) جو تصور ڪيئن هوندو؟ اهو ئي سبب آهي جو البانيا کي يورپ جا ڦڦڙ (آڪسيجن جو ذريعو) چيو وڃي ٿو. مونکي به البانيا گهمن ڦرڻ کانپوءِ هاڻي سمجهه ۾ آيو آهي ته آخر البانيا جا ماڻهو ايترا حسين ڇو آهن؟ ظاهر آهي جتي هيڏي ساري ساوڪ ۽ سُرهاڻ هجي، قداور جبل ۽ وشال سمنڊ هجي ۽ فطرت جي موج مستي، سدا پنهنجي جوڀن تي هجي ۽ سارو مانڊاڻ پوليوشن کان پاڪ ھجي ته اُتي سدا سهڻيون ۽ من موهڻيون سندريون ڪيئن نه جنم وٺنديون؟ خير قصو ڪوتاهه پاڻ البانيا جي جبلن، کيتن ۽ وسندين سان اکيون ٿڌيون ڪندي ۽ ڪچھريون ڪندي پهچي ويا آهيون ڊيوريس شهر ۾.
ڊيوريس (Durres) جنهن کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ Durressi ڪوٺين، ائڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي Ishem ۽ Erzem ندي جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. تاريخ جي مختلف دورن ۾ هن شهر جا نالا Drac, Dyrrhachium, Dyrrahachion, Epidamnos ۽ Durrazzo رهيا آهن. هن شهر جو شمار يورپ جي قديم شهرن ۾ ٿئي ٿو. ڊيوريس نه صرف البانيا جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آھي، پر ائڊرياٽڪ سمنڊ تي قائم مختلف ملڪن جي بندرگاهن ۾ سڀني کان وڏو بہ آهي. ائڊرياٽڪ سمنڊ تي قائم هي بندرگاهه البانيا کي مختلف ملڪن سان جوڙي رکي ٿو ۽ اُنهن سان واپار جو به مکيه ذريعو آهي، 2021 جي مردمشماري مطابق ڊيوريس جي ڪل آبادي اوڻيهه لک ٻه هزار آهي ۽ آبادي جي حساب سان البانيا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر جي ڪل ايراضي (پکيڙ) 33830 ڪلوميٽر اسڪوائر آهي ۽ 3000 سال پراڻي تاريخ رکندڙ آهي. هن شهر جي تاريخ ۾ عروج ۽ زوال جون ڪئين ڪهاڻيون دفن ٿيل آهن. ستين صدي قبل مسيح ۾ هي شهر يونانين ڳولهي لڌو، اُن وقت هن شهر جو نالو Epidamnos هو. هن شهر جا اصلي ۽ قديم باشندا الاريئنس آهن. البانيا لفظ به الاريئنس مان نڪتل آهي. تقريبن 200 سال قبل مسيح ۾ هي شهر رومن جي زير تسلط رهيو. 4 صدي عيسوي ۾ هن شهر تي بازنتين جي حڪمراني قائم ٿي، جيڪا 10 صدي تائين قائم رهي. اُن کانپوءِ هي شهر بلغارين جي قبضي ۾ هليو ويو ۽ 16صدي کان 20 صدي (1912-1501) تائين هي شهر ترڪي جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي زير تسلط رهيو. 1912 ۾ سلطنت عثمانيه کان آزادي ماڻن کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ هي شهر البانيا جي گادي جو هنڌ به رهيو. جلد ئي هن شهر تي پهريان اٽلي ۽ پوءِ نازي جرمني قبضو ڪري ورتو. اُن کانپوءِ هي شهر مختلف وقتن تي سربيا، اٽلي ۽ نازي جرمني جي قبضي هيٺ ايندو رهيو. پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ هن شهر جا ڪافي تاريخي ماڳ تباهه ٿي ويا، 29 نومبر، 1944 ۾ نازي جرمني جي قبضي مان البانيا آزادي ماڻي ته هن شهر به سک جو ساهه کنيو. 1944 کان وٺي 1991 تائين البانيا ۾ ڪميونسٽ حڪمراني رهي. ان دور ۾ ھن شهر ۾ ڪافي ترقياتي ڪم به ٿيا. جيئن ته تاريخ جي مختلف دورن ۾ هي شهر مختلف نالن سان سڏبو پي آيو آهي. ڪميونسٽ سرڪار 1980 ۾ هن شهر جو سرڪاري طور نالو ڊيوريس رکيو ۽ اُن ڏينهن کان وٺي هن شهر کي ڊيوريس جي نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو.
هي ته ٿيو شهر جو تاريخي ۽ جاگرافيائي احوال هاڻي اچو ته شهر کي گهمڻ لاءِ نڪري پئون. ڊيوريس شهر ۽ اُن جي آس پاس چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪافي سارا بيچ (سامونڊي ڪنارا) آهن جن کي وري اهڙي خوبصورت نموني سجايو ويو آهي جو اُتي هر وقت مقامي توڙي پرڏيهي ماڻهن جي رش لڳي رهي ٿي. سمنڊ جا خوبصورت ڪنارا ۽ نظارا، سٺيون هوٽلون، گهمڻ ڦرڻ ۽ مزي وٺڻ جي پرسڪون ماحول ۾ آزادي هجي ته ٻيو ڇا کپي؟ ڪير اڪيلو هجي يا گروپ ۾، جي ڪير تنگ يا پريشان ڪرڻ وارو نه هجي ته پوءِ ڀلا اُتي ميڙا ڪيئن نه مچندا؟ پاڻ وٽ جي ڪلفٽن تي سمنڊجي ڪناري تي گهمڻ لاءِ وڃو ته اڌ مزو ته لوسي لپاٽي ڇورا خراب ڪريو ڇڏين ۽ نه ئي وري اُتي ڪا پنهنجي ذوق ۽ مزاج سان لطف وٺڻ جي آزادي هجي ٿي. وري جي اچو صفائي سٿرائي تي ته اُها ٺهي ڪونه ۽ وري پاڻ وارا سيڪيورٽي وارا جيڪي ماڻهن لاءِ صاف سٿرو مهيا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل هوندا آهن، اُهي خود ئي سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ڪندا نظر ايندا. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي ملڪ جو ماڻهو به اُتي وڃڻ کان اڳ سئو دفاع سوچي ٿو ته پرڏيهي سياح وري خاڪ گهمڻ ايندا!؟
بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾…


