ضرورت کان وڌيڪ بجلي ٺاهڻ جي سگهه رکندڙ چترال پاور پلانٽ تيار ٿي ويو
چترال ۾ 108 ميگا واٽ هائيڊل پاور پلانٽ جي پهرين يونٽ مان بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي، جيڪو ايندڙ مهيني باقائده ڪم شروع ڪري ڏيندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايندڙ مهيني ان پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو. واپڊا مطابق 29 ارب رپين سان تيار ٿيل هي پاور پلانٽ پهرين مرحلي ۾ 36 ميگا واٽ بجلي ڏيندو. بعد ۾ ٻن يونٽس مان هلندڙ گهرج کان ٽيڻ تي پيداوار هوندي. واضح رهي ته واپڊا پهريون دفعو پنهنجي خرچ سان هي منصوبو ٺاهيو آهي. واپڊا جي چيئرمين چيو ته هن منصوبي سان چترال جي ماڻهن کي پهريون دفعو بجلي ملي سگهندي. هن چيو ته چترال، اپر چترال ۽ دروش ۾ بجلي جي گهرج صرف 7، 4 ۽ 8 ميگا واٽ آهي. جيڪا هاڻي اتان جي ماڻهن کي ملي سگهندي.

