خاص

جج اسان جي حدن ۾ داخل ٿيندا ته اسان به سوال اٿارينداسين: خواجا آصف

دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن جج اسان جي حدن ۾ داخل ٿيندا ته اسان به سوال اٿارينداسين، آئين کي ٻيهر لکڻ عدليه جو ڪم نه آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي فيصلو 9 ججن کي نه پر فل بئنچ ڪورٽ کي ڪرڻ گهرجي. دفاع واري وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي چيو ته سو مو ٽو ڪيس بابت ڪجهه سوال اٿاريا ويا آهن، انهن جا هاڻوڪين حالتن توڙي مستقبل تي به ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. هن جو چوڻ هو ته سموري سپريم ڪورٽ ويهي ان مسئلي جو حل ڳولي، سياستدانن سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن، ڪجهه ججن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته ڪجهه تي نه. جسٽس کوسه ۽ جسٽس ثاقب تي تنقيد ٿئي ٿي ته جسٽس ناصر الملڪ تي تنقيد ڇو نه پئي ٿئي؟ اهو سوال عدليه جي لاءِ آهي ته ائين ڇو آهي؟