ادب

پورهيتن جو پورٽريٽ
آئون هڪڙو پورهيت آھيان!

پر پوءِ به هي دنيا ڇڏي نٿو سگهان. اڄ دنيا ڇڏيان ٿو ته اها ساڳي دنيا سڀاڻي منهنجو دماغي توازن وڃائي منهنجي گونگي لاش کي چريو قرار ڏيئي ڇڏيندي. آئون اُھو بدنصيب پورهيت آھيان جيڪو ڏاهو ٿي مري به نٿو سگهان ۽ چريو جي نٿو سگهان. پينو حڪمرانن ملڪ جا اهڙا حالات ڪيا آھن جو پنڻ وارا پني پيٽ ڀري ويندا آھن، پر آئون ته هٿ پير هڻندي به لنگهڻ رهجي ويندو آھيان. آئون ته حڪمرانن وانگي ڪنهن جي اڳيان هٿ به ٽنگي ناهيان سگهندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي چولي ڀلي ڦاٽل آھي، پر ضمير اڃا زنده آھي. آئون اھو پورهيت آھيان جنهن جا ڪپڙا ميرا ۽ من اجرو آھي. آئون اھو مظلوم آھيان جنهن کان وقت جي حڪمرانن جيئڻ جو آخري حق اٽو به کسي ورتو آھي. اڇو اٽو کسي اڇو ڪفن ڏيڻ جو مڪمل بندوبست ڪندڙ وقت جي حڪمرانن منهنجي ستن ڏينهن جي بکايل وات مان بصر جي ڳنڍ به ڇني ورتي آھي ۽ آئون لنگهڻ اکيون کڻي ستين آسمان جي سرتاج ڏانهن ڏسي رهيو آھيان ڇاڪاڻ ته آئون اُھو پورهيت آھيان جنهن لاءِ شهه رڳ کان وڏو اٽو ايشور کان به پري ٿي پيو آھي ۽ ههڙي رت چُوس مهنگائيءَ ۾ منهنجو رت هوا کان به هلڪو ٿي ويو آھي. آئون اُهو پورهيت آھيان جنهن جي دم تي ديس ته هلي ٿو، پر پاڻ نٿو هلي سگهان. هي اهو سماج آھي جيڪو ماڻهوءَ جي اهميت اخلاق مان نه پر جوتن مان جانچي ٿو، جڏھن ته مون وٽ چاولا چپل به ناهي ته سماج لاءِ سٺا جوتا ڪٿان آڻيان، جو اُن کي پاڻ وڻائي سگهان. آئون اھو پورهيت آھيان جنهن جي اکين ۾ سرمو نه، پر لُڙڪ آھن. جنهن جي بدن تي ڪپڙن بدران ڳاٽي ٽوڙ مهنگائيءَ جو ٻوجهه پاتل آھي. آئون اھو پورهيت آھيان جنهن کي وقت جي حڪمرانن هر ڳالهه تان هٿ کڻائي ڇڏيو آھي، هاڻي چون ٿا ته اٽي تان به هٿ کڻ، اٽي تان هٿ کڻندس ته ڀلا ڪيئن جيئندس؟ اٽي کان سواءِ جيئڻ جو هنر ڪير هٿ ڪري ڏئي ته اٽي تان ئي هٿ کڻي ڇڏيان. هونئن به اٽي مون کي ڪٿي جو به ناهي ڇڏيو. آئون پورهيت هوندي به پيٽ ڀري نٿو کائي سگهان.

آئون اوهان کي بسن ۾ گهورڙيئي جي روپ ۾ به ملي ويندو آھيان، جنهن کان اوهان ڪا شيءِ خريد ڪرڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪندا آھيو، پر اوهان کي ڪهڙي خبر ته منهنجن هٿن ۾ شيون نه، پر منهنجو گهر هوندو آھي، اُھو گهر جنهن ۾ ڪنهن بيمار ماءُ جون ڏرا ڏيئي ويل اکيون دوا جي انتظار ۾ در ۾ کتل ملنديون آھن. جنهن ۾ ڪنهن ڀيڻ جون ٻانهون چوڙين جون منتظر هونديون آھن. جنهن ۾ ڪنهن پوڙھي پيءُ جي پن جي ٻيڙين جي جهوڙي جي تمنا تڙپندي آھي. اوهان کي ڪهڙي خبر جڏھن اوهان مون کان ڪابه شيءِ ناهيو وٺندا تڏھن رڳو آئون مايوس ناهيان ٿيندو، پر منهنجو سمورو گهر تباھ ٿي ويندو آھي. آئون اهي شيون وڪڻي ڪو ماڙيون ڪونه ٿو ٺهرايان، پر آئون پاڻ کان به ننڍڙو پنهنجو گهر هلايان ٿو. 

آئون اوهان کي ڪنهن گيرج تي ڇوٽو جي روپ ۾ به ملي ويندو آھيان. جتي هنر گهٽ ۽ گاريون وڌيڪ ملنديون آھن. آئون ته گاريون ڏيندڙ کي به اُستاد جو درجو ڏيندو آھيان. مفت ۾ پورهيو ڪرڻ جو عذاب ڇا ٿيندو آھي اُھو ته ڪير مون کان پڇي. آڌي رات جو ڪچڙيءَ ننڊ مان مون کي ائين ٿڏو هڻي اُٿاريندا آھن ڄڻ آئون ڪنهن اروڙيءَ تان لڌل ڪو فٽ بال هجان. اکيون مهٽي گاڏين هيٺيان گهڙي پوندو آھيان، گيرج جا پٿر جڏھن پٺن ۾ ڪنڊن وانگي چڀندا آھن، تڏھن مون کي ماءُ جي هنج ياد ايندي آھي، روئڻ چاهيندو آھيان، پر هنر ۾ مليل ٿڏي جو سور روئڻ ناهي ڏيندو! آئون ڪو پنهنجن مائٽن کي کارو ناهيان هوندو جو ائين ڪاراڻ ۾ ڇڏي ويندا آھن، پر اھي چاهيندا آھن ته اسان جو ماکيءَ کان مٺو پٽ اڻهوند ۾ پڙھي ته نه سگهيو، پر ڪجهه هنر سکي ته جيئن اسان جو ڀر جهلو ٿي سگهي. انهن کي ڪهڙي خبر ته هن منافق دنيا ۾ ماڻهو مڙھي کي ڪُلهو به نٿا ڏين، سو هنر ڪٿي ٿا ڏين. بس لکيا لوڙھيندي جيون ڪاٽيان ٿو. بي رحم وقت مون کان رڳو پڙھائي ناهي ڇني، پر منهنجو ٻالڪپڻ به کسي ورتو آھي. ننڍڙين گاڏين سان کيڏڻ واري وهيءَ ۾ وهيل پانن سان پاڻ کان وڏا ٽائر کوليندي منهنجون ننڍيون اکيون کلي پونديون آھن ته هتي جيئڻ ڪيڏو نه ڪٺن آھي. پوءِ به جيئندو آھيان ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان!

آئون اوهان کي واٽ ويندي ڪٿي ريڙھي تي به ملي ويندس. موسمن جا مزاج ڇا ٿيندا آھن، اھو ته ڪو مون کان پڇي. ڇاڪاڻ ته سردي، گرمي، مينهن توڙي طوفان ۾ آئون سدائين هڪڙي وڳي ۾ نيلي ڇت جي هيٺيان هوندو آھيان. مون جيترا بک ۾ واڪ ڏنا آھن، ايتريون الطاف حسين تقريرون به ناهن ڪيون. ماڻهن جا رويا ڪهڙا هوندا آھن اهو به مون کان مٿي ڀلا ڪير ٿو ڄاڻي، ڇاڪاڻ ته جنهن کي گهر ۾ ”ٻئي ڀيري ٻوڙ“ به ناهي ملندو اھو به مون سان وڏي رعب تاب سان مخاطب ٿيندي مون کي جهٻي ڏيندو آھي جھڙو ڪر آئون جڙُ اٺ ھجان. آئون سڀ ڪجهه سهي ويندو آھيان، ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان. ريڙھو ڇڪي ڇڪي منهنجا آنڊا ٻاهر نڪري ايندا آھن، پر پوءِ به پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ميسر ناهي ٿيندي. تڏھن پيٽ ۾ نه، پر سيني ۾ سور ٿيندو آھي. سور ته تڏھن به ٿيندو آھي جڏھن ڪنهن پسند جي شيءِ کائڻ لاءِ وات پاڻي ٿيندو آھي، پر کائي ناهيان سگهندو، منهنجي نصيب ۾ کائڻ لاءِ ڌڪا ۽ پيئڻ لاءِ ڳوڙھا لکڻ واري لکي ڇڏيا آھن، ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان..!!

آئون اوهان کي هر شهر ۾ همالي جي روپ ۾ به ملي ويندس. مون کي اڍائي مڻ ٻوريءَ جو بار نٿو ماري، پر مهنگائيءَ جو ٻوجهه ڦڦڙ کائي ڇڏي ٿو. سڄو ڏينهن جانورن وانگي بار ڍوئڻ کان پوءِ به انسان وانگي پيٽ ڀري کائڻ لاءِ نٿو ملي، تڏھن دل ڌرتيءَ جيڏي بار هيٺ دٻجي پوي ٿي. سڄو ڏينهن پگهر وهائي رت آئون ولوڙيان ٿو، پر ڀت سيٺيا ڪن ٿا. مون کي مزوريءَ جي نالي تي خيرات کان به گهٽ اُجورو ملي ٿو، تڏھن ڏاڍو مايوس ٿيان ٿو، پر وري به مري به جيئان ٿو ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان!!

آئون اوهان کي واٽ ويندي ڪٿي ڪاٺيون ڪندي به ملي ويندس. پنهنجي سڪي ٺوٺ ٿي ويل پيٽ لاءِ ساوا وڻ وڍيندي منهنجي دکي دل ديا سان ڀرجي ويندي آھي. آئون پنهنجن ٻچن جھڙا ساوا وڻ ڪو شوق سان ڪونه ٿو وڍيان، پر ماءُ تي گار جھڙي مجبوري ماري ٿي، جو ڪتو به کاوان ٿو، ۽ ڪُک به نٿي ڀرجي وارو ڪم ڪريان ٿو. وڻ نٿو وڍيان ته منهنجا وڻن کان به ننڍا ٻچا سڄي رات ستارا ڳڻيندي گذارين ٿا.

مون کي اوهان هر شهر ۾ نائيءَ جي روپ ۾ به نهاريندا هوندا. آئون ته بنا ڪنهن متڀيد جي هر ماڻهوءَ کي سنواريندو آھيان، پر منهنجو جيون ڪير به نٿو سنواري. مون کي ڪينچي ايترا ڪرب ناهن ڏنا جيترا مهنگائي مها ڏُک ڏنا آھن. سڄو ڏينهن ماڻهن جا مٿا ڪوڙيندي اکيون ڀرجي اچن ٿيون، پر پيٽ نٿو ڀرجي. آئون سڄو ڏينهن درپن ۾ پنهنجو منهن نه، پر مقدر نهاريندو آھيان، جيڪو هن ملڪ جي مستقبل وانگي مبهم ۽ ڌنڌلو نظر ايندو آھي..!

آئون اوهان کي ڪلوئيءَ ۽ عمرڪوٽ کان ويندي نئون ڪوٽ جي ڀر ۾ بٺن تي به ملي ويندس، جتي منهنجو تعارف مٽيءَ ڪرائيندي. اُھا مٽي جيڪا مون کي مائٽن کان وڌ سڃاڻي ٿي ۽ آئون به کيس چڱي طرح سڃاڻان ٿو. وقار ملاح کي ڪهڙي خبر ته مٽي ماءُ ڪيئن ٿيندي آھي ڪڏھن بٺن تي بٺ ڪاڙھي ۾ ڪو مٽيءَ مان پنوڙو ٺاهي ڏسي ته خبر پوي ”مٽيءَ منهنجي ماءُ“ ماس ڪيئن کائيندي آھي. ڪوڏر ڪنڌ ڪيئن ڀڃيندي آھي؟ مون پنهنجي حياتيءَ ۾ مٽيءَ ڪمائيندي جيترا مرچ کاڌا آھن، ايترا سنڌُ ۾ بٺا به ناهن. مون کي بٺن جي باھ ايترو نٿي جلائي جيترو مهنگائي سرير ساڙي ٿي. سِرن جو اگهه اٽي وانگي آسمان تي پهتو آھي، پر مون کي مزوري زمين واري به نٿي ملي جو سج لٿي مهل چنڊ جھڙو ڪو رکوئي سهي، پر مڪمل لولو کائي سگهان. لولو جنهن لاءِ سڄو سنسار لُڇان ٿو، پوءِ به اڌ به نٿو ملي. ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان…!!

آئون اوهان کي هر ٻنيءَ ۾ هاريءَ ٿي ملندو آھيان. اُھو هاري جيڪو پنهنجي ناريءَ سميت رات ڏينهن هڪ ڪري هر هلائي زمين مان ٻنيءَ بڻائيندو آھيان. ”جو کيڙي سو کائي“ وارو فلسفو رڳو ڪتابن ۾ آھي باقي حقيقت اڄ به هينئون ڦاڙي ٿي. آئون سڄو سال فصل کي پنهنجن ٻچن وانگي پالي وڏو ڪندو آھيان، جڏھن تيار ٿيندو آھي، تڏھن زميندار کڻي ويندو آھي ۽ منهنجا ٻچا ايندڙ سيزن جي اُميد ۾ بک کي پٺا ڏيئي سمهي پوندا آھن. سيزن ته هر ڀيري ايندي آھي، فصل به سٺا ٿيندا آھن، پر بٽائيءَ ۾ مون کي کڻڻ لاءِ وري به قرض ئي ملندو آھي. قرض جيڪو وڏو مرض آھي ان مرض مان منهنجو هٿ ڪڍائڻ ڏاڍو مشڪل آھي ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان..!!

آئون اوهان کي هر مسافر گاڏيءَ ۾ ڪنڊيڪٽر جي روپ ۾ به ملندو آھيان جنهن سان اوهين ڀاڙي ڀتي تان اڪثر گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهندا آھيو. اوهان کي ڪهڙي خبر ته آئون به ڀاڙي تي ڀاڙو وٺان ٿو. اهي پئسا منهنجي هٿ ۾ ته هوندا آھن، پر کيسي ۾ نه، اهي مالڪ کي ملندا آھن جنهن سان اوهان ڪڏھن به ڀاڙي ڀتي جي شڪايت ناهيو ڪندا. اوهان جو فقط مون سان وير هوندو آھي ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان!!

آئون ننڍي وڏي هر شهر ۾ هوٽلن تي بيراگريءَ ڪندي ويٽر جي روپ ۾ به اوهان کي ملي ويندس. گراهڪن جو انتظار آئون ڪونه ڪندو آھيان، پر منهنجي بک ڪندي آھي. اُھا بک جيڪا هر ايري غيري اڳيان ٻانھون ٻڌو نوڪر بڻائي هٿ ٻڌي ”حڪم سر“ چوڻ تي مجبور ڪندي آھي. وات واري شيءِ اکين سان کائڻ وارو عذاب ته ڪو مون کان پڇي، جنهن ايتري ماني ناهي کاڌي جيتري ماڻهن کي کڻي کارائي آھي يا کائيندي ڏٺي آھي. مون کي ڪٿي ڪٿي ٻاهر وارو به چوندا آھن. اڪثر ڪري ماڻهو مون کي ڇڇڪارو ڪري سڏيندا آھن ڄڻ انهن جي گهر واريءَ هجان، ڪُجهه ته ”هوٽل“ ڪري به سڏيندا آھن جڏھن ته منهنجو به ڪو نالو آھي، پر بک منهنجو نالو به کائي ويئي، ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان!!

آئون لوهار به آھيان، ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته آئون لوھ نه، پر پنهنجو ڪرم ڪُٽيان ٿو. ايترا ڪوئلا ڪارا ناهن جيترو منهنجو مقدر ڪارو آھي. سڄو ڏينهن اڱارن ۾ هٿ ڪارا ڪندي لوھ کي لال ڪندو آھيان، تڏھن وڃي شام جو مس پيٽ جو پورائو ڪندو آھيان. آئون لوھ مان ايترو لوھ ناهيان جيترو زندگيءَ ۾ لوھ آھيان. لوھ کي ڪٽي ڪٽي ان جا ته آڪار بدلائي سگهان ٿو، پر پنهنجو نصيب نٿو بدلائي سگهان، ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان!!

آئون اوهان کي هر وستيءَ ۾ رازي جي روپ ۾ به ملندو آھيان جنهن کي اوهان عرف عام ۾ مستري چوندا آھيو. اھو مستري جنهن کي ڏھاڙيءَ ۾ ڏک ۽ بک پلئه پوندي آھي. منهنجن هٿن مان روز هزارين سرون نڪرنديون آھن، پر منهنجي گهر ۾ لڳائڻ لاءِ اهڙي سِر نٿي ملي جو چلهه جو مارينگ پڪو ڪريان. منهنجي حياتيءَ ۾ ايترا ڏينهن ناهن جيتريون مُون اوساريون ڏنيون آھن. پرايون جايون پنهنجن هٿن سان جوڙيندي منهنجا هٿ پڪا رڇ ٿي ويا آھن، پر منهنجو گهر منهنجي دل وانگي ڪچو جو ڪچو رهجي ويو آھي. اُن ڪچي گهر ۾ پڪل لولي لاءِ آئون سڄو ڏينهن ڪاڙھي ۾ ڪوازن تي ٽنگجي ٽنگجي شام جو ٿڪل ٽٽل وجود کڻي پڄندو آھيان. گهر جي دهليز تي پير رکڻ کان اڳ ۾ ذميوارين جون زنجيرون کيسي جا ترا ڪڍي ڇڏينديون آھن ۽ آئون کليل پلڪون هوندي به اکيون پوري گهر ۾ داخل ٿيندو آھيان. مون ۾ ايتري سگهه ناهي هوندي جو انهن ٻارن جي اکين ۾ اکيون ملائي سگهان جن ٻارن جون معصوم حسرتون منهنجي کيسي مان ڪرڪ واريءَ وانگي ڇڻي وينديون آھن، ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان!!

مون موچي بڻجي ماڻهن جون جتيون سبيون، پر بدلي ۾ منهنجي ٽٽل دل ڪنهن به نه سبي. مون ته سدائين ميڻ کان به نرم لهجي ۾ ماڻهن سان مخاطب ٿي ڏٺو آھي، پر جوتن جي آڪڙ ۾ انڌن ماڻهن جو تکو لهجو سدائين آر وانگي آروپار مٽيو آھي. هر ڪو ماڻهو پنج روپيا ڏيئي هليو ويو، ڪنهن به ائين نه پڇيو ته ان جتيءَ کان به ننڍڙي مانڍڻيءَ ۾ گهر جو گاڏو ڪيئن هلي ٿو؟ سؤ سوا ڏهاڙيءَ ۾ ڀلا ڇا وٺين ٿو ڇا ڇڏين ٿو؟ ڪاش! ڪو پالش ڪرائڻ وقت منهنجن اکين جي ميراڻ ڏسي ها پر جوتن ۾ منهن جانچڻ وارا موچيءَ جو منهن ڪٿي ٿا ڏسن. مون پنهنجي حياتيءَ ۾ جيتريون جتيون سبيون آھن، ايتريون پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائل ملون به ناهن…!!

آئون واڍو به آھيان، اھو واڍو جنهن جي گهر ۾ ڏوئي ته آھي، پر رڌڻ لاءِ ڪُجهه به ناهي. آئون ڌراڙ بڻجي پرايا ڌڻ به چاريندو آھيان. نيمياتو ۽ پيراتو مال چاريندي منهنجا ته حال ٿي ويا آھن. سڄي ڄمار پير گسائي ڇڏيم، پر ڪو پير نه مليو. پيٽ ڍر ڏئي ته ڪو پير به بچي. منهنجو ته هر پير پاپي پيٽ کايو وڃي. مون کي بچن ٿا ته رڳو وارڙين مٽرن جا مٺا آواز جيڪي آئون روز ولر ۾ ٻڌندو آھيان ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آهيان..!

***