پهريون ڪتاب

چون ٿا ته اهو سڀ کان پهريون ڪتاب هو جيڪو ڌرتيءَ جي وشال سيني تي لکيو ويو، جنهن ۾ سمنڊ جي پاڻي کي مس ۽ وڻن کي قلم طور استعمال ڪيو ويو. جڏهن هي ڪتاب لکيو پي ويو، تڏهن پکين مٺڙيون لاتيون ٻوليون، سرگوشي تي پيدا ٿيندڙ مدهم ۽ مڌر موسيقي تي مورن پنهنجا پر پکيڙي نرتڪي ناچ ڪيو. رنگ برنگي گلن پنهنجي سونهن ۽ سرهاڻ سان ماحول کي واسي ڇڏيو. روايت آهي ته هن ڪتاب کي لکڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن ۽ ڪيتريون ئي راتيون لڳيون. سج پنهنجي ڪرڻن سان اُن ڪتاب کي سگهه ۽ چمڪ ڏني ۽ آڪاش منڊل ۾ ٽمڪندڙ تارن ۽ چمڪندڙ چنڊ ان کي جلا ۽ جوت بخشي. بادل پنهنجي چلولائين ۽ مستي سان ان کي نگر نگر ڦهلائڻ لاءِ سفر تي اسهيا. جانورن ۽ پکين پنهنجي فطري ماحول ۾ پاڻ کي آزاد محسوس ڪيو. ٻار گهرن جي ويڙهن ۽ کليل ميدانن ۾ کيڏي رهيا هئا ۽ هر عمر جا مرد توڙي عورتون بي اونا محسوس ڪندي محبتي ميلا مچائي رهيا هئا. ڪلور ۽ نفرت جو ڪو تصور نه هو. ڏينهن روشن ۽ راتيون بي خوف هيون ۽ ڪچهريون گيتن ۽ ٽهڪن سان ڀرپور هيون. ڪابه ننڍ وڏائي ۽ اوچ نيچ نه هئي ۽ ونڊي ورڇي کائڻ ۽ پيار محبت ۽ سڪون سان رهڻ ئي جيون جو ڪارج هو. نفرت ڇا ٿيندي آهي؟ جبر ڇا آهي؟ دولت جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ ۽ اُها ڇو گڏ ڪئي ويندي آهي؟ ماڻهن وٽ اُن جو ڪو تصور به نه هو ۽ هو ڀلا ڄاڻن به ڇو؟ هو ته بس اُن ڪتاب جي رهنما اصولن ۽ روشني ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، جنهن ۾ پيار ساري سنسار جو محور ڄاڻايل هو. هو بس رڳو محبت ڪندا هئا، محبت ورهائيندا هئا ۽ محبت کانسواءِ ڪجهه به نه ڄاڻندا هئا. تاريخ ۾ هن ڪتاب کي ڪائنات جو ازلي ڪتاب ۽ ڌرتي جي دل جو دفتر ڪري به ڄاڻايل آهي.

چون ٿا ته هن ڌرتي تي گهاريندڙ هر جيوت جون دليون به ان ڪتاب سان ڳنڍيل ڇا هيون بس ان جو حصو ئي هيون ۽ هر جيوت ان محبت ڀري دل جي چوڻ موجب هلندو هو ۽ جيون گهاريندو هو. اهو ئي سبب هو جو اُن وقت ڌرتي تي ڪوبه پاپ يا ڪلور نه ٿيندو هو. سموري جيوت جون دليون ان دل سان ڳنڍيل هيون، جنهن اُن محبت نامي يعني پهرئين ڪتاب کي جنم ڏنو هو. اهو ڌرتي جو پهريون ڪتاب هو جيڪو ڌرتي جي ڪک مان جنميل هو.

پر اهو محبت ڀريو مانڊاڻ ۽ ماحول جيڪو دل جي ڳالهه سمجهندو هو، دل جي ڳالهه ٻڌندو هو ۽ دل جي ڳالهه رکندو هو، سو هڪ ڏينهن ڀڄي ڀورا ٿي پيو. ڀلا شاطر دماغ کان اهو ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهيو ته ماڻهو فقط دل جي ڳالهه ٻڌن؟ هن کي دل جون ڳالهيون نه آئڙيون. هن کي محسوس ٿيو ته دل جي هوندي ماڻهو هن جي چال ۾ نه ڦاسندا ۽ هو پنهنجي من ماني ڪري نه سگهندو ۽ نه ئي سندس حڪمراني جو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو.

انهي ڪري دماغ دل جي خلاف سازش جو منصوبو جوڙيو ۽ هڪ رات جو جڏهن سموري جيوت سڪون ۽ بي خوفي جي ننڊ ستل هئي، هن ان ڪتاب کي چورائي گهري کڏ کوٽي اُن ۾ اهڙي ريت دفن ڪري ڇڏيو جيئن جاءِ واردات جو نشان به باقي نه رهي ۽ ماڻهن کي ان جو ڪڏهن به پتو نه پوي.

ڪتاب کي نه ڏسي ڪجهه عرصي لاءِ ماڻهو بي چين ٿي ويا. هنن هيڏي هوڏي ڳولا ڪئي، پر کين ڪتاب هٿ نه آيو. آهستي آهستي وقت گذرڻ سان ماڻهو پهرين ڪتاب کي وسارڻ لڳا ۽ جيئن ئي هنن جي دل تان ڪتاب ميسارجڻ لڳو، هنن تي دماغ پنهنجو اثر ظاهر ڪرڻ لڳو. هاڻ هنن تي دل جي حڪمراني نه هئي، پر دماغ جو حڪم هلڻ لڳو ۽ هاڻ دماغ جا سازشي گر ڪم ڏيکارڻ لڳا. ماڻهن ۾ تون ۽ مان جو تصور جنم وٺڻ لڳو، جيئن ئي تون ۽ مان جو تصور جنم وٺڻ لڳو، ماڻهن ۾ ويڇا وڌڻ لڳا ۽ طبقاتي فرق نمايان ٿيڻ لڳو، هاڻ هنن جا پاڻ ۾ ملڪيتن تان جهيڙا وڌڻ لڳا ۽ دماغ پنهنجو ڪم ڦڙتي سان ڏيکارڻ لڳو. هاڻ هنن جا پاڻ ۾ فڪري ۽ نظرياتي بحث انهي لاءِ نه هئا ته ڪو پاڻ ۾ گڏيل سماجي حيثيت ۾ ميٺ محبت سان ويهي گذارجي، پر انهن جو مقصد فقط پنهنجي انفرادي انا، فڪر ۽ طبقاتي حيثيت جي برتري حاصل ڪرڻ ٿي ويو، هاڻ هر ڪو پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي صحيح سمجهڻ لڳو ۽ ان جي مڃتا لاءِ سرعام جبر ۽ تشدد ٿيڻ لڳو.

جيتوڻيڪ وقت به وقت ڪن ڏاهن ۽ مفڪرن جن جي لاشعور ۾ اڃا به ان ڪتاب جا ڌنڌلا اولڙا ۽ عڪس موجود هئا ۽ اُنهن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ان ڪتاب جا وقت سان گڏ دٻجي ويل پڙاڏا ڪر کڻي گونجيا ٿي، تن پنهنجا فڪر ۽ ويچار خطابن ۽ ڪتابن جي ذريعي ونڊيا ٿي ته جيئن ماڻهن کي هڪ ڀيرو وري محبت ڀري مالا ۾ پوئي سگهجي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ يا انهن جي هليو وڃڻ کانپوءِ اُنهن جون ڪاوشون بي اثر بڻجي ويون ٿي. شايد اُن جا ڪيئي ڪارڻ به ٿي سگهيا پي، جن ۾ اُنهن دانشورن ۽ مفڪرن جي پنهنجي ڪوتاهه بيني ۽ فڪري تنگ نظري يا انسان ذات جي عالمي ڀائيچاري جي همه گير پس منظر کان ناواقفي به ٿي سگهي پي. جنهن ڪري هو شايد مخصوص فڪري خول کان ٻاهر نڪري نه سگهيا ۽ پنهنجي خواب کي ساڀيان بنائي نه سگهيا، ته ڪٿي وري ماڻهن جي ناسمجهي ۽ جهالت به جيڪا انهن تي دماغ مسلط ڪئي هئي، ڪارڻ پئي بڻي، جنهن سبب هو سچ کان ڪوهين ڏور هليا ٿي ويا. هزارين لکين سال گذري ويا، ڪيئي آڪاش واڻيون به آيون، پر ماڻهو ڪجهه عرصي لاءِ سک جو ساهه پٽڻ کانپوءِ وري به لاوارثي ۽ بي حسي جي قتل گاهه ۾ ڌڪجي ويا ٿي. دماغ جنهن انا ۽ خودغرضي کي جنم ڏئي چڪو هو، ان ماڻهن جو حال هيڻو ۽ دنيا جي سونهن ۽ سڪون برباد ڪري ڇڏيو هو. سموري ڌرتي جا ماڻهو چند ماڻهن جا غلام ۽ انهن جي رحم و ڪرم تي اچي چڪا هئا، هاڻ ماڻهن جي سڃاڻپ، حيثيت ۽ عزت جو معيار ذات، فرقو ۽ وسيلن جي هوند بڻجي چڪو هو.

هڪ وڏي اسٽيج تان تاريخ دان ليڪچر ڏيندي، انسان جي تاريخ جي آئيني ۾ پنهنجي ڪيل تحقيق جي پسمنظر ۾ روشني وجهندي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. ماڻهن ۾ سناٽو ڇانيل هو ۽ هو بي وسي جي عالم ۾ سهمي ويا هئا ۽ هاڻ هنن کي پنهنجي آئيندي جو ڪوبه وسيلو يا سهارو نظر نه اچي رهيو هو.

تاريخ دان جي اسٽيج تان لهڻ کانپوءِ آثار قديمه جي ماهر کي اسٽيج تي سڏيو ويو.

آثار قديمه جي ماهر پنهنجي تقرير ۾ تاريخدان جي خيالن سان متفق ٿيندي چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو ڪتاب اسانجي لاءِ مشعل راهه هو ۽ ان جي کوجنا انسان ذات جي بهتر ۽ خوشحال آئيندي لاءِ تمام ضروري آهي، پر مون جيڪي ان ڪتاب کي ڳولڻ لاءِ ڪشالا ڪڍيا آهن ۽ چپي چپي جي ڳولا ڪئي آهي، ان کانپوءِ هاڻ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته فرض ڪريو ته جيڪڏهن هاڻ اسان کي اها جاءِ به هٿ اچي وڃي، جتي ان ڪتاب کي چوري ڪرڻ کانپوءِ پوريو ويو هو ته به اُن جو ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ جو هن وقت تائين ان جا سڀ پنا سڙي ۽ ڳري خاڪ ٿي چڪا هوندا ۽ اسان لاءِ اهو مشڪل هوندو ته اسان اُن خاڪ کي ڦلوري ان جي اصل مواد جي تهه تائين پهچي سگهون ۽ اُن سچائي کي ڄاڻي سگهون ته ڪيئن نه اُن ڪتاب انسان ذات کي هڪ لڙي ۾ ڳنڍي رکيو هو؟ آخر ان ڪتاب ۾ ڇا هو جنهن ساري جڳ کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو هو؟ لڳي ٿو اسانجون سڀ راهون هاڻي بند ٿي چڪيون آهن ۽ اسانجي رهنمائي ڪندڙ اهو ڪتاب هميشه جي لاءِ گم ٿي چڪو آهي ۽ ان جي ڳولا هاڻ نه صرف فضول پر ناممڪن آهي!

آثار قديمه جي ماهر جي ڏنل موقف ويتر سامعين تي ڄڻ ڇپ ڪيرائي ڇڏي، هنن کي هال ۾ گهڻي روشني هوندي به پنهنجي اڳيان گهگهه اونداهي محسوس ٿيڻ لڳي. هاڻي انسان ذات جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ ڇا انسان ڀاڱا ڀاڱا ٿي فنا ٿي ويندو؟ ڇا ڪوبه نظريو يا فڪر انساني متڀيد کي ختم ڪري هڪ ڀيرو وري انسانن کي هڪ لڙي ۾ پوئي نه سگهندو؟ ڪافي دير تائين هال ۾ موت جهڙي ڀيانڪ ماٺ ڇانيل رهي ۽ سڀني پاڻ کي بي سهاري ۽ لاوارثي جي حالت ۾ اٿاهه ساگر ۾ ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ ويٺل محسوس ڪيو. هنن کي موت جي اڳيان زندگي جي هار چٽي نظر اچڻ لڳي ۽ پوءِ ان ڪرب ناڪ خاموشي کي ٽوڙيندي هڪ شاعر جو آواز اسٽيج تان گونجيو.

ڪتاب ڪڏهن به فنا نه ٿيندا آهن ڪتاب اوهانجي اندر ۾ موجود دلين ۾ رهندا ۽ نسل درنسل اوهان ۾ رت جيان گردش ڪندا رهندا آهن ۽ سدائين تازا رهندا آهن، بس جڏهن فقط توهان دماغ جي ڳالهه ٻڌندا آهيو ۽ ان جيان سوچڻ لڳندا آهيو ته توهان کي لڳندو آهي ته ڪتاب فنا ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ اوهان لاچار ۽ بيوس بڻجي چڪا آهيو.

بس توهان رڳو دلين جي مٿان چڙهيل دماغ جو ڪِن (زنگ) لاهيو، دماغ جي نه پر فقط دل جي ڳالهه ٻڌو جيڪڏهن توهانجي دل اڄ به ڌڙڪي ٿي ۽ اُن تي دماغ ۾ ڀريل تعصب ۽ گند جي حڪمراني ناهي ته اهو ڪتاب اڄ به زنده آهي ۽ توهانجي هميشه رهنمائي ڪندو رهندو ۽ سدائين محبتون ورهائيندو رهندو ۽ انسان ذات کي بنا فڪر، فرقي ۽ طبقي جي فرق جي هڪ ئي لڙي ۾ ڳنڍي رکندو ۽ توهان کي فنا ٿيڻ کان بچائي رکندو.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments