گلوبل وارمنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت ختم ٿي رهيو آهي
سوين سائنسدانن طرفان ڪئي ويندڙ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته دنيا هڪ اهڙي مقام تي پهچڻ جي ويجهو آهي، جتان کان واپسي ممڪن نه آهي، پر ان تباهي کان اڃا به بچي سگهجي ٿو. رپورٽ مطابق سموري دنيا ۾ گرين هائوس گيس جي اخراج ۾ وڏي پئماني تي ڪٽوتي جي شروعات جي ضرورت آهي نه ته ڌرتي جو حرارت پد 1.5 ڊگري سيلسيس جي حد کان وڌي ويندو. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته گرمي پد ۾ هڪ ڊگري جو اضافو زمين تي انتهائي نوعيت جي واقعن جو سبب بڻجندو. انهن تباهڪارين ۾ گليشيئرن جي ڳرڻ سبب سمنڊ جي سطح ۾ اضافو ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ زراعت، جهنگ، ماهيگيري، توانائي ۽ سياحت کي شديد معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو.

